Home / پروفائيل / شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو پهريون قومپرست وزيراعظم
above article banner

شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو پهريون قومپرست وزيراعظم

مشهور سياسي شخصيت الله بخش ولد حاجي محمد عمر سومرو 19 صفر 1318 هجري مطابق 31 آگسٽ 1900ع تي ڄائو، هن ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتي، 1912ع ڌاري هوپ فل اڪيڊمي ، شڪارپور، ۾ ثانوي تعليم وٺڻ شروع ڪيائين.1919ع مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. اسڪول جي ڏينهن ۾ هو ذهين ۽ تيز فهم شاگرد هو.راندين ۾ گهڻو حصو وٺندو هو.ڪرڪيٽ سان کيس خاص دلچسپي هوندي هئي.ڪيترا دفعا پنهنجي اسڪول پاران هو سکر، جيڪب آباد، اسڪول جي شاگردن سان راندين کيڏڻ لاءِ چونڊيو ويو.هو مئٽرڪ تائين پڙهڻ کانپوءِ، تعليم ڇڏي، والد سان گڏ سرڪاري ٺيڪن ۽ زمينداريءَ جي سنڀال جو ڪم ڪرڻ لڳو.1923ع ڌاري هي جيڪب آباد ميونسپالٽي ۽ ضلع لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو، 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ سلطان ڪوٽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ مکيه زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو.ڀٽي خاندان سان سندس والد جي ڏينهن کان سٺا تعلقات هوندا هئا، هن سر شاهنواز خان ڀٽو جو بمبئي ڪائونسل ۾ ويجهو ساٿي ٿي ڪم ڪيو جو ان وقت بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو. انگريزي آفيسرن ۾ لاڳاپي، ذهين لياقت ۽ ڪائونسل جي ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ سبب بمبئي ڪائونسل جي ميمبري جي زماني ۾ هن کي گهڻن ئي ڪائونسل سان واسطي رکندڙ يا سرڪاري ڪاميٽين تي چونڊيو ويو جتي کيس تجربي حاصل ڪرڻ جا گهڻا موقعا مليا، هي 1923ع کان 1936ع تائين جيسين سنڌ بمبئي سان شامل هئي.بمبئي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو.


شهيد الله بخش سومرو 1938ع جي مهيني ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ڪرڻ کانپوءِ پهريون دفعو وزيراعظم ٿيو، ٻيو دفعو 1941ع ۾ وزيراعظم ٿيو، شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو سچو، انقلابي ۽ قومي سياستدان هو، هن جي سوچ هئي ته سنڌ اندر انقلابي سڌارا اچن ۽ ماڻهن جي اندر سياسي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ٿئي، عام ماڻهن کي تعليمي سهوليت هجڻ گهرجي، سندس خيال هو ته سنڌ جي اندر هاري ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن جنهن ۾ هنن کي پنهنجي حقن جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي ۽ هن پهرين ڪانفرنس جي شروعات نوابشاهه کان ڪئي. شهيد الله بخش ان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ برڪت آزاد کي اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ذميواري ڏني.ان کان سواءِ شهيد الله بخش سومرو برڪت آزاد کي انهي لاءِ به راضي ڪيو ته هو سڄي سنڌ جي اندر لائبريريون قائم ڪري جيئن ماڻهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ۽ ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچي.هندستان جي مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ پنهنجي ڪتاب“Nationalist No:1 Gift Of God Shahheed Allah Bux Soomro” ” جي عنوان ۾ ڪجهه هن طرح ذڪر ڪيو آهي ته”شهيد الله بخش سومرو جي سوچ هئي ته جتي ڏوهاري رهن ٿا ۽ ڪرائيم ٿين ٿا، اتي اسڪول کولي تعليم کي عام ڪيو وڃي.“ڇاڪاڻ ته ان جو تجربو ٿيو ته سندس شڪارپور جو هڪ ماڻهو جيڪو سندس نوڪر هو تي چوري جي الزام لڳو ته شهيد الله بخش ان کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو،جڏهن هو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ موٽي شڪارپور آيو ته اهو ساڳيو ئي ماڻهو ڳاڙهو پٽڪو ٻڌي پوليس وارو بڻيو بيٺو هو،شهيد الله بخش ان کان پڇيو ته تون ڪڏهن پوليس ۾ ڀرتي ٿيو آهين ته هن وراڻيو ته جنهن ڏينهن اوهان نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو ان ڏينهن کان وٺي مان سپاهي ٿيو آهيان.جڏهن اهڙي قسم جي ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويندو ته امن ڪڏهن به قائم نه ٿي سگهندو. شهيد الله بخش سومرو جي شهادت اصل ۾ انگريز سرڪار جي سازش هئي.جنهن سنڌ مان ٻن ماڻهن کي هٽائڻ پئي چاهيو هڪ هيو الله بخش سومرو ۽ ٻيو پير پاڳارو، جنهن پڻ انگريزن کي سنڌ کان ڪڍڻ (نيڪالي ڏيڻ)پئي چاهيو.

شهيد الله بخش سومرو جا انقلابي قدم

شهيد الله بخش سومرو پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته”سنڌ ۾ زميندارن ۽ جاگيردارن حڪومت کي چڱي مدد ڪئي آهي، جنهن ڪري سدائين کين انعام پي مليا آهن پر سنڌ جون اهي حالتون سماجي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مفيد ناهن، حالتن سڌارڻ لاءِ ضروري آهي ته هارين کي به ڪي حق ڏجن، هارين جي حالت ۾ سڌارو آيو ته زميندار آسودا ٿيندا، مان نٿو سمجهان ته جهوني پراڻي نموني جي زمينداري طريقي سان ڪو پرڳڻي جو سڌارو ايندو، موجوده حالتون پرڳڻي تي داغ آهن“.(7 جنوري 1941ع)

شهيد الله بخش پورهيتن کي اسيمبلي ۾ معاوضووڌائي ڏيڻ جي حق ۾ هو.هن جو چوڻ هو ته هارين جي سيٽن تي هارين بجاءِ زميندار چونڊجي ٿا اچن جيڪي هاري نه آهن جنهن ڪري انهن جي حقيقي ڪابه ڳالهه نٿي ڪئي وڃي، هن جو چوڻ هو ته

”اسيمبلي ۾ ڪيترا زميندار هارين جا عيوضي ٿي آيا آهن پر هنن هارين جي ڀلي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي، جيڪڏهن هاري پاڻ چونڊجي اچن ها ته جيڪر پنهنجي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙين ها، جهڙي ريت پورهيتن پاران پورهيت ميمبر چونڊجي ايندا ته پورهيتن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا.“

ان زماني ۾ هارين جي صدا بلند ڪندڙ فقط هڪ شخص هو، محمد امين خان کوسو، جيڪو چوندو هو ته جاگيردارن ميرن سنڌ سان غداري ۽ انگريز سان وفاداري ڪئي، تنهنڪري هنن جو طرف نه وٺڻ گهرجي،محمد امين کوسو جو به شهيد الله بخش سومرو سان تمام ويجهو تعلق هو.

شهيد الله بخش سومرو چوندو هو ته ”ڪيترن زميندارن جون عادتون جهڙوڪ ڌاڙا هڻائڻ، چوريون ڪرائڻ ۽ پرايون عورتون ڀڄائڻ ته ڪي زميندار پاٿاريدار آهن ته ڪي چوري جو مال خريد ڪندڙ، هنن وٽ هندڪي يا مسلمانڪي ناهي.ڇاڪاڻ ته چوري ڦر مسلمانن جي به ٿئي ٿي، هندن وٽان زيور ۽ مسلمانن چوپايو مال چوري ٿئي ٿو جوئي سندن ملڪيت آهي.مسلمان جڏهن مسلمان جي چوري ڪري ٿو ته معمولي ڳالهه ڏسڻ ۾ ٿي اچي پر هندو جڏهن مسلمانن هٿان ڦرجن ٿا ته وڏي ڳالهه ٿي پئي ٿي.

شهيد الله بخش سومرو،چيو ته”زمين جي آبادي هاري پيدا ڪري ٿو، جنهن کي هاري کي زمينداري حق ڏيڻ گهرجن،هن جو خيال هو ته شروعات ۾ هارين کان ڇيڙ ۽ بيگر(زمين جو ڪم ڪرائڻ)بند ڪيو وڃي.زمينداري اپت ۾ هاري جي حصي جي واڌ هجڻ گهرجي.“

شهيد الله بخش سومرو مخصوص ڪرسيون ختم ڪيون ۽ هر ماڻهو کي برابريءَ جي حيثيت سان حق ڏنا، برطانيه سرڪارپاران مخصوص ماڻهن کي مليل خطابن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.شهيد الله بخش سومرو،جي دور ۾ سڀ کان وڏو سانحو مسجد منزل گاهه سکر وارو پيش آيو، جنهن جي باري ۾ هن چيو ته”منزل گاهه سرڪاري جڳهه آهي، سرڪار مسلمانن کي ڏي ته هندن کي اعتراض وٺڻ نه گهرجي، سرڪار ڪلي اختيار رکي ٿي، جهڙي ريت هنومان مندر جو پلاٽ سرڪار هندن کي ڏئي سگهي ٿي تهڙي ريت منزل گاهه جي ايراضي مسجد لاءِ به ڏئي سگهجي ٿي، رڳو ڏسڻو آهي ته سرڪار زور زبردستي اڳيان ڪنڌ نٿي جهڪائي.“

”مان قبول ٿو ڪريان ته سکر ضلعي ۾ هندن جي بي سلامتي آهي ۽ سرڪار جو فرض آهي ته اُتي بنادير سلامتي ۽ قانون جي عزت لاءِ انتظام پئدا ڪري، اهي حادثا سنڌ تي داغ آهن،اهو تمام خراب آهي ته سياسي معاملن لاءِ بيگناهه ماڻهن جا خون ڪجن، مونکي ارمان آهي جو ڳوٺن ۾ مسلمانن پنهنجي هندو ڀائرن جا خون ڪيا، ڌاڙا هنيا ۽ زالن جي بيحرمتي ڪئي.“

مون تي الزام آهي ته”مون منزل گاهه واري فيصلي ۾ ڍل (سستي)ڪئيپر هي سوال سولائي سان فيصلي ٿيڻ جهڙو ناهي، مونکي اميد آهي ته هي سوال اهڙي نموني فيصل ڪبو، ٻنهي ڌرين کي پسند ايندو.اسان کي سرڪار جو رايو آهي ته جيئن سلامتي قائم رهي.

1.قانون ۽ انتظام لاءِ عزت

2.جدا جدا فرقن ۾ ساز سلوڪ

منهنجي اها به خواهش آهي ته،جن مسلم ليگ جي ميمبرن وڳوڙ پيدا ڪيا،تن کان به سهڪار وٺي، مسئلي کي سڌو ڪجي.

شهيد الله بخش سومرو،اصولي ماڻهو هو، مارڪيٽنگ بل تي شڪست ملڻ بعد الله بخش وزارت تان استعيفي ڏني،اها استعيفي گورنرپاڻ وٺي رکي ڇڏي ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌر حڪومت نه پئي ٺاهي سگهي،جنهن تي الله بخش چيو ته”مون استعيفي ڏئي مخالف ڌر کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي تنهن هوندي به هو ڪامياب نه ٿيا آهن،اهو واجب ناهي ته هڪ گهوڙي کي چهبڪ هڻجن، جڏهن ان عيوض ٻيو گهوڙو کين مليئي نٿو.“

شهيد الله بخش سومرو،اسيمبلي جي سياست کان سواءِ قومي خدمت ڪندڙ به هو ۽ وطن جي بهبود خاطر  غير فرقي واريت آزاد خيال مسلمانن جي تنظيم ۾ مشغول ٿي ويو،هندوستان جي غير ليگي مسلمانن هن کي آل انڊيا قومي ڪانفرنس جو پريزيڊنٽ چونڊي سندس عاليشان مرحبا ڪئي، هن جي جلوس جي  اڳيان اٺن جي قطار هئي ۽ هزارين مسلمان پورهيت ۽ ڪمي ڪاسبي جن جو مسلم ليگ جي نواب زادن ۽ راجائن ۾ اعتماد نه هو سي ماڻهو ”الله اڪبر“جا نعرا هڻندا رهيا،ڪانفرنس ۾ جمعيت العلماءَ، شيعن، پورهيتن ۽ ڪاشتڪارن(هارين) جا عيوضي موجود هئا،جنهن ڪري مسلم قوم جي نمائندگي جي دعوي رکي سگهجي ٿي.“

شهيد الله بخش جو خيال هو ته ”مذهب جي نالي تي ملڪ ٺاهڻ وڏي غلطي هوندي ۽ اهو ملڪ اڳتي هلي، ماڻهن کي تڪليف ۾ وجهندو، ملڪ بنيادي طور تي اقتصاديات جي بنياد تي ٺاهڻ گهرجي“، 1939ع ۾ ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي چڪي هئي، ڪانگريس 1942ع ۾ فيصلو ڪيو ته انگريزن وٽان ماڻهن کي مليل لقب واپس ڪيا وڃن، شهيد الله بخش سومرو، خانبهادر ۽ او بي اي جا لقب واپس ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ گورنر گهرائي کيس چيو ته”اسان جو توهان تي اعتماد نه رهيو آهي، تنهن ڪري توهان استعيفيَ ڏيو“هن کيس جواب ڏو ته ”آءُ استعيفيَ ڪونه ڏيندس،توهان کي جيڪو وڻي پنهنجو قدم کڻو“گورنر اهو سڄو خط ۾ لکي وائسراءِ ڏانهن موڪليو ته اسان کي اجازت ڏيو ته اسان ان جي حڪومت هٽايون.شهيد الله بخش چيو ته”جيڪڏهن برطانيه سرڪار اسان جي وطن سان انصاف نٿي ڪري ۽ وڌيڪ ثابت ٿي ڪري ته هو برطانيه اسانجي ملڪ تان قبضو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي تنهن ڪري اخلاق شرافت مون کي اجازت نٿي ڏي ته اهي لقب مان پاڻ وٽ رکان“، شهيد الله بخش وائسراءِ کي لکي موڪليو ته”مان اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته برطانيه سرڪار کان جيڪي مون کي ٻه لقب مليا آهن، سي مان سڀ ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،مان سمجهان ٿو ته اهي خطاب وڌيڪ ماڻي نه سگهندس، برطانيه سرڪار جي اعلان ۽ عملن مان صاف ظاهر آهي ته هو هندستان تي وڌيڪ عرصو حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان جا ماڻهو انهن جي خلاف آهن، شهيد الله بخش سومروکي پهريون خطاب خانصاحب مان خانبهادر ۽ پوءِ او بي اي جو لقب مليو.

ان خط جي جواب ۾ وائسراءِ الله بخش کي لکيو ته”اوهان کي مليل خطابن جي باري ۾ اوهان جو خط مون کي مليو، مون کي ارمان آهي ته اوهان تڪڙي ۽ اڍنگي نموني پنهنجو خط اخبارن ۾ شايع ڪرايو آهي.انهي خط ۾ اوهان جيڪي رايا ظاهر ڪيا آهن، سي مان قبول ڪري نٿو سگهان، اوهان کي ڄاڻڻ گهرجي ته انهن کي ڪو بنياد ناهي، اوهان جي ڪيل فيصلي(خطاب ترڪ ڪرڻ)جو اوهانجي موجوده پوزيشن تي ڪهڙو اثر پوندو، تنهن کان گورنر اوهان کي واقف ڪندو.“

10 آڪٽوبر 1942ع تي سنڌ جي گورنر الله بخش کي روبرو اهو خط پڙهي ٻڌايو ۽ کائنس استعيفيَ طلب ڪئي، الله بخش جواب ڏنس ته”مان عوام جو چونڊيل عيوضي آهيان ۽ انهن جي چوڻ تي ئي اهڙو قدم کڻي سگهندس،مان استعيفيَ ڪونه ڏيندس،پر جي اوهين مونکان پلو آجو ڪرڻ ٿا گهرو ته ڀلي پاڻ قدم کڻو“گورنر جواب ڏنو ته”اوهان پاڻ کي برطرف سمجهو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج موٽائي ڏيو“هي گفتگو 15 يا 20 منٽ هلي،شهيد الله بخش جي برطرفي جو قدم سنڌ جي گورنر گورنمينٽ آف انڊيا جي قانون جي سيڪشن 51 جي تحت کنيو.

شهيد الله بخش سومرو، جي شهادت جو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙآهي، 1943ع جي مهيني مئي ۾ شهيد الله بخش کي شڪايت ملي ته شڪارپور شهر جي ٻاهريان، هڪ نئون پير آيل آهي، جنهن وٽ تعويذ جي بهاني ڪيتريون ئي زالون وڃي رهيون آهن، الله بخش سوچيو ته ڪنهن نموني هن پير کي اتان روانو ڪجي،14 مئي تي صبح جو ناشتو ڪري وڏيري نبي بخش ڦلپوٽو ۽ ميان غلام رسول جهلڻ سان ٽانگي ۾ چڙهي پير جي پاسي روانو ٿيو ۽ 100 روپيه به ساڻ هيس ته اهي پير کي ڏئي ان کي راضي ڪري روانو ڪجي، پير کي جڏهن الله بخش جي اچڻ جي خبر پئي ته هو اتان فرار ٿي ويو، الله بخش ساڳئي ٽانگي تي واپس موٽي پئي آيو ته پوليس هيڊڪواٽر جي سامهون ڪي ماڻهو هن جي تاڙ ۾ ويٺا هيا، جڏهن ٽانگو هنن جي ويجهو آيو ته هنن ڏٺو ۽ ان وقت شهيد الله بخش سومرو ٽانگي ۾اخبار پڙهي رهيو هو،انهن رڙ ڪئي”الله بخش“ته هن منهن تان اخبار لاٿي ان مهل ئي انهن گوليون ڇوڙيون جنهن مان هڪ الله بخش جي سيني تي لڳي ته الله بخش رڙ ڪئي”الله اڪبر“ ۽ بگي جي هود ۾ ڪري پيو ۽ انهن مان هڪ گولي وڏيري نبي بخش جي ٽنگ ۾ لڳي ۽ رسول بخش جهلڻ ٺڪاءُ ٻڌڻ شرط لهي ويو.ان وقت ڀرسان پوليس وارا به پهتا جن گوليون هلايون جيڪي ڏوهاري ڀر واري باغ جي ڀت ٽپي ڀڄي ويا.اهڙي نموني شهيد الله بخش، هن جهان فاني مان رحلت فرمائي، انهن کي پوليس پنهنجي ڇڏيل بوٽن (جوتن)جي آڌار تي پڪڙيو، شهيد الله بخش جي خون جي ڪيس ۾ انهن جوابدارن سميت سابق وزير خانبهادر ايوب کهڙي ۽ ان جي ڀاءٌ شاهنواز کي شامل ڪيو ويو.سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هليو، انهن مان ڪن جوابدارن کي ڦاسي جي سزا آئي ۽ خانبهادر ايوب کهڙي ۽ سندس ڀاءُ شاهنواز کهڙو کي شڪ جو فائدو ڏئي آزاد ڪيو ويو.ان وقت جي گورنر مسلم ليگ ڪانفرنس کانپوءِ امڪان ظاهر ڪيو هو ته”الله بخش جو خون ڪيو ويندو“شهيد الله بخش تي ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا موتمار حملا ٿيا هئا، شهيد پٺيان هڪ زال، ٽي پٽ ۽ پنج نياڻيون ڇڏيون.

Mahboobali.soomro@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو