Home / ڪور افيئر / شهيد غزاله صديقي کي ڀيٽا سنڌ جي ڊالي ،جيڪا ساهه ڌئي ويساهه ڏئي وئي
above article banner

شهيد غزاله صديقي کي ڀيٽا سنڌ جي ڊالي ،جيڪا ساهه ڌئي ويساهه ڏئي وئي

22 مئي شام جا 7 وڄن ٿا. مان پنهنجي آفيس کان ٿڪجي فليٽ تي پهچان ٿو .آفيس مان نڪرڻ کان اڳ خبر پوي ٿي ته شهر ۾ هنگاما ٿي ويا آهن.جيڪا ڪراچي لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي.

گهر پهتس ته موبائل فون تي ڀائيٽي جي ڪال اچي وئي .مان اهو سمجهي ڪال اٽينڊ  ڪئي گهر وارن خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪال ڪئي آهي. اها سڌ نه هئي ته هڪ اندوهناڪ خبرٻڌڻ لاءِ ملندي. ڀائيٽي ٻڌايو “چاچا خبر پئي آهي ته غزاله  اڄ فائرنگ ۾  شهيد ٿي وئي آهي” مان اڻ ڄاڻائي جو مظاهرو ڪندي کيس وراڻي ڏني ته معلو م ڪريان ٿو پر منهنجي خيال ۾ افواهه هوندو، مان ان کي افواه  ئي سمجهندي پنهنجي سئوٽ ۽ غزالاله جي ڀاءُ صلاح الدين کي ڪال ڪيان ٿو “مائٽ“ منهنجي هڪ لفظ تي صلاح اوڇنگارون ڏيندي چيو “ ها مائٽ ” مان هڪ ادم رڙ ڪري کيس چيو “ڇوريءَ کي ڪنهن چيو ته وڃ ” وڌيڪ ڪون ڳالهائي سگهيس، فون بند ڪئي .يقين نه پئي آيو پر واقعي اها حقيقت هئي.غزاله جيڪا خاندان ۾  “ڊالي” جي نالي سان مشهور هئي.منهنجو ساڻس دوستي جو رشتو تقريبن  1978ع کان ٿيو.هوءَ مون کان پڙهائي ۾ هڪ سال سينيئر هئي.اسان ٻنهي جي دوستي جو وڏو سبب ڪتابن سان شوق هو.گل ڦل ۽ “ گلن جهڙا ٻارڙا” ڪاوش ميگزين جيڪو ضيائي دور ۾ ڊڪلريشن رد ٿيڻ کان پوءِ عبرت ميگزين ۾ تبديل ٿي ويو.اهڙن ڪتابن جي ڏي وٺ اسان جو معمول هو .منهنجي نه صرف غزاله پر سندس پوري گهراڻي سان وابستگي هئي.سندس والد چاچا قطب الدين اڃاحيات آهي ۽ عمر جي آخري حصي ۾ کيس اهو غم به  ڏسڻو پيو.هو سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ خانبهادر ايوب کهڙو جو پرسنل سيڪريٽري رهيو.چاچا سائين پاڪستان جي دور کان وٺي شروع ٿيندڙ سياسي چالن ۽ سازشن جو اکين ڏٺو شاهد آهي.سندس سيني ۾ ڪيترائي راز دفن ٿيل آهن.جيڪي شايد سندس هن دنيا ڇڏڻ کان پوءِ دفن ٿي ويندا.سندس امڙ جيڪا بنيادي طور ڪراچي جي علائقي لياري جي بلوچ گهراڻي مان هئي، اها بذات خود انتهائي محبت ڪندڙ خاتون هئي. سندس وفات مارچ 2007 ۾ ٿي .1981ع ۾ غزاله ستين جماعت کان پوءِ ڪراچي هلي وئي ۽ وڌيڪ تعليم اين جي وي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين .هوءَ هر سال گرمين جي ويڪيشن ۾ ڳوٺ اچي ته هڪ نئون اتساهه ٻڌائي وڃي.اسان جي وچ ۾ ڪتابن ۽ رسالن جي ڏي وٺ جو سلسلو ٻيهر جڙي وڃي.80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڏاڙيلن ،جو دور عروج تي رسيو ته اسان جو ڪٽنب حيدرآباد منتقل ٿي ويو. ٺيڪ هڪ سال کان پوءِ غزاله جي فيملي به حيدر آباد اچي وئي اسان مائٽ هجڻ سان گڏ پاڙي سري به بڻجي ويا سين.

غزاله ننڍ پڻ کان وٺي خاندان ۾ انتهائي بهادر ۽ ارڏي ڇوڪري هئي.هوءَ ڪنهن به رک رکاءَ ڪرڻ کان سواءِ  جيڪا ڳالهه دل ۾ هوندس چئي ڇڏيندي هئي.سندس ان بهادري جو هڪ ننڍو مثال هي هئو ته 1985 ع ۾ جڏهن مان ڊگري ڪاليج دادو ۾ پڙهندوهئس دادو کسان واپسي ايڪسپريس ٽرين ذريعي بغير ٽڪيٽ جي چڙهندي هئي.منهنجي خيال ۾ ته عاشورن جون موڪلون ٿيڻ واريون هيون مان گاڏي ۾ چڙهي پيس جڏهن سليپر ۾ جهاتي پائي ڏٺم هڪڙي اڪيلي ڇوڪري ڪتاب پڙهي رهي هئي. مان پهرين ته هڪدم شرم کان واپس ٿيس پر جلدئي محسوس ڪيم ته ڪا سڃاڻو آهي، واپس سليپر ۾ ڏٺم ته غزاله هئي.مونکي ڏسي چيائين مائٽ اندر اچ ڊڄين ڇوٿو؟  اسين پيارو ڳوٺ اسٽيشن تي لٿاسين ۽ ڳوٺ پهتاسين .

غزاله ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ داخلا ورتي .سندس ئي زور تي گهر وارن بعد ۾ حيدر آباد شفٽ ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو.انٽرپاس ڪرڻ کان پوءِ هن هو هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر بنجڻ جو سوچيو .هن هوميو پيٿڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتي.ڊاڪٽري پڙهي به پر ڪڏهن پريڪٽس نه ڪيائين .حيدرآباد ۾ اڪثر اسان جي ڪچهري جو موضوع سياست هوندو هو.ڪچهري دوران مونکي هن جا خيال نه لڳندا هئا.ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ڪنهن ڳالهه تان انتهائي جذباتي ٿي ويندي هئي.90 جي فسادن دوران جڏهن حيدرآباد ۾ سنڌي گهراڻن جي لڏ پلاڻ ٿي ۽ ڪيترن ئي گهراڻن دربدر  ٿي وحدت ڪالوني ۽ قاسم آباد جي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي ته غزاله انهن جي لاءِ سخت گرمي ۾ چندو وصول ڪندي ۽ انهن جي مالي مدد لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي.هڪ ڀيري نعيم ميمڻ ۽ ڪجهه ٻين دوستن سان وحدت ڪالوني جي روڊ تان لنگهي رهيو هئس،ڏٺم غزاله، فهميده قريشي (حفيظ قريشي جي ڀيڻ ) ۽ ڪجهه ٻين ڇوڪرين سان گڏ نظر آئي.مون کي حيرانگي به ٿي ته خوشي به ، ته هو ءَ گهٽ ۾ گهٽ اسان کان ته بهتر آهي جو پنهنجي ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.بعد ۾ سندس فيملي حيدرآباد کان ڪراچي لياري هلي وئي پر منهنجي ساڻس ۽ سندس  فيملي سان دوستي قائم رهي.

يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران موڪلن هجڻ ڪري مان هڪ دفعو همت ڪري اڪيلو ڪراچي گهمڻ نڪتس ۽ بسن جا چڪرکائي سندس گهر جيڪو ڪلاڪوٽ لياري ۾ هئو ،پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. غزاله جي امڙ ۽ ڀائر مونکي ڏسي خوش به ٿيا پر حيران به ته تون هتي اڪيلو ڪيئن پهتين ،غزاله جيڪا ان وقت هڪ خانگي اداري ۾ نوڪري ڪندي هئي .گهر پهتي مونکي ڏسي چيائين مائٽ تون ڪراچي ۾ اڪيلو پهچي وئين، يقين نه ٿو اچي .هن وٽ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ تمام گهڻي محبت هئي.هوءَ سنڌ جي سمورن سياستدانن لاءِ عزت ڀريا لفظ چوندي هئي ۽ ڪنهن تي به تنقيد نه ڪندي هئي.1994ع ۾ جڏهن پ پ  جي حڪومت هئي مون هڪ ڀيري پي پي حڪومت تي ڪجهه تنقيد ڪندي چيو ته وراڻي ڏنائين مائٽ ڪجهه به هجي آصف زرداري سنڌ ي آهي. اسان لاءِ اهو ئي وڏو اعزاز آهي .ساڳي طرح هوءَ ڊاڪٽر قادرمگسي ،شهيد بشير خان قريشي،رسول بخش پليجو،۽ ممتاز ڀٽي لاءِ به احترام رکندي هئي.سندس خيال هو ته ڀلي سندن سياسي نظريا ڪهڙا به هجن پر هو سنڌ سان ڪڏهن به دغا نه ڪندا.1995ع ۾ جڏهن سندس شادي ٿي ته مان ان وقت نوڪري جي تلاش ۾ اسلام آباد ويل هئس ۽ شادي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس.هن منهنجي ڀيڻ کان هڪدم پڇيو مائٽ فيض ڪٿي آهي؟ماريو آيو ڇو ڪون!بعد ۾ جڏهن ساڻس  ملاقات ٿي ته دڙ ڪو ڏيندي چيائين ڇورا شادي ۾ ڇو ڪو نه آئين ؟جڏهن تون شادي ڪندين ته مان به ڪون  ايندي سان ءِ

1999ع ۾ جڏهن مان ڪراچي شفٽ ٿيس جڏهن به چاچا وارن وٽ وڃڻ ٿئي ته ڪنهن وقت هن سان به ملاقات ٿئي.هو اڪثر گهر وارن جو پڇندي ، منهنجو حال احوال وٺي اڄ ڪلهه ڇاپيو ڪرين ۽ آخر ۾ هڪ ئي سوال شادي ڪڏهن ڪندين ۽ ڇو نٿو ڪرين.ويجهي ماضي ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندس فون اچي ويندو هو.فون تي هڪدم چوندي هئي  “مائٽ ڇا حال آهن ۽ پوءِ ڪانه ڪا ٻي ڳالهه ڪندي هئي.منهنجي ساڻس آخري ملاقات گذريل سال آڪٽوبر ۾ منهنجي ڀائٽي جي شادي جي موقعي تي هڪدم ڏسي چيائين “مائٽ خوش آهين ” سندس هنج ۾ ننڍڙو ٻار ڏسي مون کيس چيو ڇوري وڃين ٿي ٻار ڄڻيندي ڪو پنهنجو به خيال ڪر، موٽ ۾ وراڻي ڏنائين نڀاڳا تو پاڻ ته شادي ڪون ڪئي هاڻ اسان کي ويهي روڪ ،ڪو شرم ڪر.

غزاله جي شهادت يقينن مون لاءِ ،سندس گهر وارن ،سندس هم شريڪ ۽ ٻارڙن لاءِ هڪ وڏو الميو آهي.پر ڪي حادثا، ڪي واقعا نئين تاريخ رقم ڪندا آهن.ڀلا ڪهڙي ضرورت هئي ته  پي آءِ اي ۾ سٺي نوڪري ڪندڙ هڪ سک ستابي زندگي گهاريندڙ، ننڍن ٻارن جي ماءُ نٽهڻ اس ۽ گرمي ۾ گهر کان نڪري هڪ اهڙي پارٽي جي ريلي ۾ شرڪت ڪري ٿي جنهن سان هن  جو ڪو باقائده تعلق به نه هو.ياد رهي ته غزاله سياسي طرح ڪڏهن به عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل نه هئي.هن جي شرڪت صرف ۽ صرف سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ ان خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف هئي.اتي جي اکين ڏٺن گواهن مطابق جڏهن ريلي مٿان فائرنگ شروع ٿي ته هن ڊوڙ ڀري اتي بيٺل پوليس واري کي ڇنڊ پٽي.توهان انهن  فائرنگ ڪندڙن تي ڇو نه ٿا ايڪشن وٺو.ان دوران کيس گولي لڳي ۽ شهيد ٿي وئي.

سندس ان بهادري ۽ جان جو نذرانو ڏيڻ کان پوءِ سنڌي ماڻهن ۽ خصوصن سنڌي عورتن ۾ هڪ نئون اتساهه  پيدا ڪيو آهي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي چاهي هو مزدوري ڪندا هجن يا ڪو ٻيو ڪاروبار انهن ۾ مايوسي بدران هڪ نئون جذبو پيدا ٿيو آهي ته ڪراچي کي اسان کان ڪير به جدا نه ٿو ڪري سگهي.ڪراچي ڪالهه به اسان جي هئي اڄ به اسان جي آهي.دشمن ڀلي چاهي ڪيتريون به سازشون ڪن پر پنهنجي پليت مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.

شهيد غزاله ۽ ننڍپڻ واري ڊالي جيڪا جڏهن به ملندي يا فون تي ڳالهائيندي هئي ته مونکي مائٽ ڪري کيڪاريندي هئي   اڄ اها مائٽ چوڻ واري ڊالي گلشن حديد جي شهرخموشان ۾ ابدي ننڊ سمهي رهي آهي.مون سندس آخري ديدار ڪرڻ وقت کيس اهو چيو “ڇوري  ٿورو موقعو ڏين ها” تو سان ڪي جهيڙا ڪياهوندا، ڪا لڙائي ڪئي هوندي معافي وٺڻ جو موقعو ته ڏين ها.سندس جنازي کي آخري سيليوٽ پيش ڪندي مان پنهنجي منزل ڏانهن واپس ٿيس .

سچ پچ ته غزاله جي ان بهادري ۽ شهادت کان پوءِ مون جهڙو سوسائٽي جو نالي ۾ نهال پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽرجي زندگي گذاريندڙ شخص، اڄ ان جي آڏو پنهنجو پاڻ کي پتڪڙو  ماڻهو محسوس ڪري رهيو آهيا.شهيد غزاله جيڪا منهنجي مائٽياڻي هئي، سٺي دوست هئي،بهادر هئي، عظيم ڇوڪري هئي،۽ رهندي.سندس يادون ،سندس کلڻ،ڳالهائڻ،سندس چرچا ڀوڳ  ۽ خاص ڪري مون تي ڪيل ٽوڪون ۽ مذاقون مونکي ياد آهن.جيستائين منهنجو وجود آهي هوءَ مون کان ڪڏهن نه وسرندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو