Home / ڪور افيئر / شهيد مظفر ڀٽو: حق ۽ سچ جو پانڌيئڙو
above article banner

شهيد مظفر ڀٽو: حق ۽ سچ جو پانڌيئڙو

شهيد مظفرڀٽو کي 24  فيبروري 2011 تي نيو سعيد آباد ٽول پلازا وٽان ٻيون  ڀيرو سگهارا ادارا کنڀي کڻي  ويا هئا ۽ 22. مئي 2012  تي کيس گوليون  هڻي قتل ڪري هٽڙي ويجهو اڇلائي ويا!

سندس آزاد يءَ لاءِ 15 مهينن ۾ ڪيئي احتجاج ڪيا ويا.سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪئي وئي ليڪن ڪنهن عدالت ۾ جرم لاڳو ڪري پيش ڪرڻ بجاءِ کيس گوليون هڻي قتل ڪري اڇلايو ويو! جن مظفر ڀٽو جي ميت کي  ويجهڙائي ءَ سان ڏٺو، انهن جي زباني ته سندس جسم ۾ ڊرل مشين سان سوراخن جا چٽا نشان هئا جيڪي زخم ڀرجي ويا هيا.انهيِ مان مراد اها ٿي  ته هن مٿان 15 مهينا مسلسل تشدد جاري رهيو .تشدد جا سمورا طريقا استعمال ڪرڻ کان پوءِ به کيس پنهنجي مقصد تان هٽائي نه سگهيا ۽ پوِءِ انهيءَ جو حل کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ ۾ ڄاتو ويو .چيو وڃي ٿو ته کيس مٿي  ۾ ٻه گوليون لڳل هيون.هڪ گولي کاٻي پاسي دل کان دل کي ڇهندي آرپار ٿي کاٻي ٻانهن ۾ وڃي لڳي آهي ۽ ٻي نرڙ  ۾کاٻي اک مٿان هنيل هئي جنهن کوپڙي کي ٽوڙي  ميڄالو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۽ مظفر شهادت ماڻي.

فڪر جي ايم سيد تحت سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو.پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ۾ سنڌ اندر هي ٽيون وڏو واقعو رهيو.(1) سرائي قربان کهاوڙ ،روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو جو واقعو آهي جن کي سانگهڙ ضلعي ۾ باکوڙي وٽ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ مٿن پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙيو ويو!۽ جسقم چيئرمين بشيرخان قريشي کي تمام وڏي هوشياريءَ سان زهر ڏياري ماريو ويو.مظفر ڀٽو کي 15 مهينا  تحويل ۾ رکي قتل ڪيو ويو.جڏهن ته هڪ وڏو تعداد سياسي ورڪرن جو قانون لاڳو ڪندڙن جي تحويل ۾ آهي جن جي ڪابه خبر نه آهي ته اهي ڪهڙي حال ۾ آهن .پاڪستان جي سپريم ڪورٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گم ڪيل ماڻهن جي حوالي سان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته انهن کي ظاهر ڪيو وڃي پر انهي حڪم کي  ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ٿو وڃي.بلوچستان جي حوالي سان ته سپريم ڪورٽ فيصلا به ٻڌا ئيندي رهي آهي ۽ هاڻ ته اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪري اتان جي مسئلي جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پر سنڌ بابت اهڙي ڪابه اڳڀرائي نظر نه پئي اچي.شهيد مظفر ڀٽو جي حوالي سان سنڌ حڪومت ،اعليٰ پوليس عملدارن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جنهن چيو آهي ته مظفر ڀٽو جي قتل جو الزام سگهارن ادارن تي آهي.جن کي هي ڪميٽي گهرائي ئي نٿي سگهي انڪري هن ڪيس جي انڪوائري سپريم  ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي جج کان ڪرائي وڃي.

پاڪستان جا حڪمران آمريڪي ڪانگريس ۾ بلوچستا جو مسئلو اٿارڻ کان پوءِ انهي ڪوشش ۾ آهن ته ڪنهن نموني بلوچستان جو حل ڪڍجي ليڪن سنڌ بابت ته هنن مٿان ڪا جونءِ ئي نه ٿي چري.ڇو ته سنڌ مان پيپلز پارٽيءَ کي وڏي شڪايت حاصل آهي ۽ پيپلز پارٽي جنهن جو دين  ۽ ايمان اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ غلط طريقن سان ڏوڪڙ ڪمائڻ آهي.سو اها هتان جي سگهارن ادارن خلاف ٻڙڪ به ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي.

سنڌ جو مسئلو به ساڳيو ئي آهي جيڪو بلوچستان جو آهي.بلڪه سنڌ سان ته وڏي مصيبت ڌاري آبادڪاري جي به آهي .سنڌ جا قومپرست ڪافي وقت کان جدوجهد ڪري رهيا آهن. سندن موقف بلڪل واضح آهي ته جنهن معاهدي تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي پاڪستان جي حڪمرانن انهيءَ تي عمل نه ڪيو آهي.1940 ع جي ٺهراءُ ۾ سنڌ سميت سمورين شامل ٿيندڙ قومن جي ملڪن جي آزاد ۽ خود مختيار رياست  طور ذڪر ڪيل آهي جڏهن ته 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي پاڪستان جي حق ۾ پاس ڪيل قرارداد وقت ڌار فوج،ڌار ٺهندي جي به ڳالهه ڪئي وڪئي هئي.ليڪن پاڪستان ٺهندي ئي قومن جي وجود جو انڪار ڪيو ويو۽ اڳتي هلي بنگال جي آزاد ٿي وڃڻ کان پوءِ نئين آئين ۾ قومي اسيمبلي اندر پنجاب جي اڪثريت رکي باقي قومن کي آئيني غلامي هيٺ آندو ويو.اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جي ناڻي تي قبضو ڄمايو ويو ۽ جڏهن ته وڌندڙ ڌاري آبادڪاريءَ جي ڪري سنڌي قوم پنهنجي وجود کي خطرو محسوس ڪرڻ لڳي.اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر ٻين حقن جي گهر سان گڏوگڏ سنڌ جي مڪمل آجپي جو آواز بلند ٿيو.سائين جي ايم سيد جيڪو پاڪستان اندر سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو، انهي واضح لفظن ۾ آجپي جونظريو پيش ڪيو جنهن جي پاداش ۾ کيس سڄي ڄمار جيل ۽ نظر بنديءَ ۾ گذارڻي پئي.

مظفرڀٽو، سائين جي ايم سيد جي پيغام کي کڻي اڳتي وڌي رهيو هو . هن مٿان الزام مڙهيو ويو ته هن جا سنڌ خاطر مزاحمتي جدوجهد ڪندڙن سان لاڳاپا آهن ۽ هي سندن اڳواڻ آهي.هن مٿان ڪهڙا الزام هيا هو واقعي به سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هيو يا ڪنهن ويڙهاڪ گروپ سان لڳ لاڳاپا هيا ۽ ان جا ثبوت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  وٽ موجود هئا ته پوءِ کيس گرفتار ڪرڻ کان پوءِ عدالت ۾ ڇو پيش نه ڪيو ويو؟

حڪمران سمجهن ٿا ته مظفر ڀٽو هنن جو مجرم هيو ته ان مٿان چارج شيٽ لڳائي وڃي ها ۽ ان جي روشني ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها.ليڪن ايئن نه ڪيو ويو ۽ کيس قتل ڪري اڇلايو ويو! اهو شايد انهيءَ ڪري ڪيو ويو ته جيئن خوف ۽ دهشت واري صورتحال پئدا ٿئي ته جيئن ماڻهو انهيءَ طرف نه وڃن اهوس ساڳيو عمل بلو چستان ۾ ڪيو ويو  . ماڻهو ماريا ويا.اڪبر بگٽي کي ماريو ويو ۽ اڄ تايئن ماڻهن کي اغوا ڪري تشدد ڪري قتل ڪري سندن لاش اڇلا ياوڃن ٿا.

سنڌ جي قومپرستن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهي جمهوري عمل ۾ شريڪ نٿا ٿين. سوال هي آهي ته بلوچستان جا قوم پرست ته جمهوري عمل ۾ شريڪ رهيا آهن پوءِ انهن مٿان فوج ڪشي ڇو ڪئي وئي ۽ ان جي باوجود انهن کي ڇوٿو ماريو وڃي؟سردار عطاءُ الله مينگل،سردار اختر مينگل ۽ شهيد اڪبر بگٽي پاڪستان جي جمهوري عمل و حصو رهيا آهن ته پوءِ آخر ڪار انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي ؟ شيخ مجيب الرحمان جمهوري عمل ۾ شريڪ هيو.هو 1970ع جي چونڊن ۾ اڪثريت سان کٽي آيو .انهن مٿان ڇو  چڙهائي ڪئي وئي؟ سنڌ جا قوم پرست جيڪي سائين جي ايم سيد جا پيرو ڪار آهن. اهي بلڪل سڌي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته سنڌ کي وڏي صوبي جو غلام بڻايو ويو آهي.هو سمجهن ٿا ته هن ملڪ ۾ هاڻ سنڌ جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي ڪابه گنجائش نه رهي آهي.انڪري هو آجپي طرف وڃڻ ۾ سنڌ جي بقا سمجهن ٿا.سائين جي ايم سيد جي پيرو ڪارن جون اڪثر جماعتون بلڪه سڀ جماعتون عدم تشدد واري رستي تي هلي رهيون آهن ليڪن کين تشدد واري طرف ڌڪيو پيو  وڃي.

شهيد مظفر ڀٽو آزادي پسند هيو ان ڏوهه ۾ هو گرفتار ڪيو ويو ليڪن قانون لاڳو ڪندڙ کيس دهشت گرد ثابت ڪري نه سگهيا .هو پهريو ڀيرو طارق روڊ تان گرفتار ڪيو ويو هو.ٻيون ڀيرو نيوسعيدآباد وٽان کنيو ويو.گرفتاري وقت هن وٽ ڪو به هٿيار نه هيو.جي هجي هاته هتان جا قانون لاڳو ڪندڙ ان جي نمائش  ڪن ها.پر هو هٿين خالي گرفتار ڪيو ويو ۽ ماري اڇلايو ويو.مظفر ڀٽو ڪو عام ماڻهو نه هيو هو هڪ جماعت جو جنرل سيڪريٽري هيو.هن کي ٻڌڻ بجاءِ قتل ڪيو ويو! ڇا هن ملڪ ۾ عدالت موجود نه آهي ؟ جيڪڏهن آهي ته پوءِ ان کي عدالت ۾ ڇو پيش نه ڪيو ويو؟جڏهن پاڪستان جا حڪمران عدالت کان مٿا هان قتل ڪندا ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟  پاڪستان جو اڳوڻو صدر جنرل پرويز مشرف بلوچستان جي مسئلي تي چوي ٿو ته هو حڪومت جي رٽ کي نٿا قبول ڪن،کين ان ڪري بلڪل چيڀاٽڻ گهرجي .ساڳيو رويو سندن اختيار ڪيو پيو وڃي .انهيءَ جاءِ ته هي سوال سامهون اچي ٿو ته سنڌ جي آجپي جي گهر ڪندڙ مجرم آهن يا اهي مجرم آهن جيڪي پاڪستان قائم ڪرڻ وارن سمورن معاملن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن.شهيد مظفر ڀٽو جو قتل نه رڳو هڪ سنڌي قوم پرست جو قتل آهي پر اهو عمل انساني حقن جي لتاڙ ۾ شامل آهي .اهو هر لحاظ کان هڪ مجرماڻو عمل آهي.اهو ڪير نٿو چئي سگهي ته هن ملڪ تي مجرمن جو قبضو ٿي ويل آهي.صورتحال جي سنگيني جي حوالي سان ڪجهه مختصر مثال هيٺ ڏجن ٿا.

انساني حقن واري صوبائي وزير ناديه گبول جي 10/12/2012 تي پيش ڪيل رپورٽ موجب سنڌ اندر انساني حقن ڀڃڪڙيءَ جا14929 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن سندس چوڻ موجب ته وڏيرن جي ڏهڪاءُ سبب گهڻا ڪيس داخل نٿا ٿين..اسان انهي ۾ ايترو واڌارو ڪنداسين ته هتان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  جي عمل دخل جي ڪري ڪيترائي ڪيس  داخل نه ٿا ڪيا وڃن.   مٿين ڪجهه مثالن مان صاف ظاهر آهي ته  پاڪستان جا ظاهري حڪمران ٻيا آهن ۽ ان کي هلائڻ وارا اصل حڪمران ٻيا آهن.جيڪي پنهنجي استحصالي مفادن خاطر نه رڳو مظلوم قومن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن پر اهي مجموعي طرح هتان جي عوام جو رت چوسي رهيا آهن.انهن جي جنگجو ذهنن ،مذهبي انتهاپسندي ۽ قومي جبر جي نتيجي ۾ هن رياست اندر انيڪ مسئلن منهن  ڪڍيو آهي.جن کي ڪنهن مناسب رٿابندي ،قومي جبر جي خاتمي ، دفائي خرچن ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۽ وڏيصوبي جي قبضاگروپ ختم ڪرڻ بجاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ وارا تريقا اختيار ڪياپيا وڃن .شهيد مظفر ڀٽو انهيءَ قومي جبر ۽ استحصالي قوتن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ واري طريقه جي نتيجي ۾ تشدد ذريعي شهادت ماڻي آهي.ڌاڍ جي ذريعي برطانيا رڳو هند ستان مٿان قبضو قائم رکي نه سگهيو پر سندس سرحدن سان گڏو گڏ آئرلينڊ کي به کيس آزادي ڏيڻي پئي.اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن.اڄ نواب اڪبر بگٽي  قتل ڪيس ۾ بلوچستان جي ان وقت جي چيف منسٽر ڄام يوسف کي ضمانت ڪرائڻي پئي آهي .سنڌ اندر جيڪي سياسي اڳواڻ ماريا ويا آهن انهن لاءِ به هتان جي سول انتظاميا کي شهيد مظفر ڀٽو حق ۽ سچ جو پانڌيئڙو هيو.هو پنهجي مادر وطن سنڌ مٿان  تسلط خلاف جدو جهد ڪري رهيو هيو.هن سامهون سنڌين جي عزت ،تعليم ۾ پوئتي هجڻ،ترقي جي رفتار سست هجڻ،ڌارين جي آبادڪاري،وسيلن جي ڦرلٽ جو ڪارڻ ،پنجاب جي حاڪميت ۽ بالادستي هيو.هو سنڌ جي تايخي حيثيت کي بحال ڪرائڻ کي پنهنجي قومي خرچن سمجهي جدوجهد ڪري رهيو هو . حڪمرانن کي گهر جي ها  ته سندس موقف کي ٻڌن ها ۽ هن کي پنهجي آواز بلند ڪرڻ جو جمهوري حق ڏين ها.ليڪن انتهائي غيرجمهوري انداز اختيار ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ  ۽ ماري اڇلايو ويو.سندس لاش سنڌ لاءِ ڪيئي نوان سوال ڇڏي ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو