Home / افيئر / شڪار جوشوق : هرڻيون ۽ شڪاري
above article banner

شڪار جوشوق : هرڻيون ۽ شڪاري

 

واري وارن دڙن ۾ هڪڙي شڪاري لئـ هرڻ جو پير سڃاڻڻ ايترو اولو بـ ڪونهي . جيڪڏهن هو شڪاري آهي تـ هزار رڍ ۽ هزار ٻڪري جي پيرن مان هرڻ جو پير ڪڍي ڏيندو. هي آهي هرڻ جو پير،  جيڪڏهن ڪنهن شڪاري ڪو هرڻ اڳئين ڏينهن ڊوڙايو هجي ۽ انهي هرڻ ڪنهن بـ هيلي بهاني سان وجهـ نـ ڏنو هجي ۽ ڀڄي ويو هجي. ٻي ڏينهن انهي ئي هرڻ جو پير جيڪڏهن ڪو شڪاري پنجاه هرڻن جي پير سان ڏسندو تـ بـ ڌڪ سان سڃاڻي وٺندو تـ جيڪو هرڻ ڪالهـ مون ڀڄايو هو انهي جو پير هي آهي.جيڪڏهن شڪاري جو ڊوڙ هرڻ جو پير هن پنج مهينن کانپوءِ ڏٺو تـ بـ سڃاڻي ويندو . هڪڙي هرڻ ۽ ٻي هرڻ جي پير ۾ بـ اهو وار جيترو فرق هوندو آهي جيئن هر جانور جي پير ۾ فرق هوندو آهي. گهڻا شڪاري واري تي هرڻ جو پير ڏسي اهو بـ ٻڌائي ڏيندا تـ اهو پير ڪيترو پراڻو آهي .هرڻي جو پير هونئنـ به رڍ ٻڪري جي پير جهڙو ئي هوندو آهي  بس ٿورو فرق هوندو آهي جيڪو هر ڪو لکي بـ ڪونـ سگهندو. اڳيان ٿورڙيون جنهبڙيون هونديون. اهو صرف ۽ صرف شڪاري ئي سڃاڻي سگهي ٿو . وڏي عصر جو اٿي هرڻ جا پير اهاڙيندڙ شڪاري هرڻ جي پيرن جي اهاڙڻ واري خفت ۾ پيا ويندا آهن. هنن جو سمورو خيال هرڻ جي پير واري نشان تي هوندو آهي.انهي وچ ۾ هنن کي لٿي اڀري جي ڪا سڌ ئي ڪو نـ هوندي آهي بس منهن انڌاري ۾ ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي. ڪا وسندي تـ قسمت سان نصيب ۾ هوندي تـ هوندي رات ٽڪڻ لئـ نـ تـ سيڌو سامان ۽ سانداري پاڻي جي ڪلهن تي اهي هرڻن جا پير اهاڙڻ ڪوهن جا ڪوه پنڌ، هرڻ جا پير اهاڙڻ لئـ چاڙهيڪو ڏبو آهي چاڙهيڪو ايئن هوندو آهي جو هڪڙي ڀٽ تان چڙهندي سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکڻو آهي جيئن هن ڀٽ تان چڙهبو وڃبو. سامهين ڀٽ کي نظر ۾ رکبو وڃي ٽو نڪ تي چڙهبوايستائين ٻنهي ڀٽن ۽ ڏهرن کي هڪڙي ڀٽ چڙهڻ سان اک مان ڪڍي وڃبو. هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ لئـ گهٽ ۾ گهٽ تڏهن بـ ٻـ ڄڻا لازمي آهن هڪڙو سامان کڻندو ٻيو اهاڙ ڏيندو ويندو جنهن کي بندوق وارو چئبو آهي .سامان پاڻي کڻڻ وارو بـ پڪو پيري هجڻ کپي . اهو بـ پير اهاڙيندو ويندو.ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي جوسامان يعنئ پاڻي وارو پوئتي رهجي ويندو ۽ بندوق وارو اڳتي نڪري ويندو آهي . بس اهڙي آهي هرڻ جي شڪار ۽ پير اهاڙڻ جي چوس جو ساٿي ئي ٽٽيو وڃي تـ بـ چوس ۾ پيو وڃبو. بندوق وارو اشاروڪندو ويهي رهه تـ ويهي رهندو. جي چوندو هل تـ هلندو. بس شڪارين جي سموري ڳالهـ ٻولهـ اشارن ۾ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پير تي ٻـ ڄڻا هوندا آهن. هڪڙي پڪي عمر جي شڪاري چيو بس انهي شوق کي ڪيئن ٻڌايان تـ شڪار جي شوق ۾ آهي ڇا ؟ ياري، چوري ۽ شڪاري اهڙا شوق آهن جن تخت جي ڌڻين کان وٺي ٻاون وير ڏاهن جي عقل کي تاڪ ڏياري ڇڏيا آهن. سمجهـ  تـ ڪل ئي ٿڙي ٿي وڃي سئو هيلا بهانا ڪري پنهنجا پورا وس لڳايو هٿين پيرين سوگهو ڪري ڇڏيو پر زور ويڇي ملي نـ آهي تـ چور چوري ڪندو، شڪاري شڪار ڪندو ۽ يار وڃي محبوب جو ملڪ جهليندو آهي ڇا انهي جي ڪا خبر ڪونهي بس انهي ئي خفت ۾ شڪارين کي رات جو خواب ۾ بـ هرڻن جا پير کڻندي ڏسندين.هنن کي رات جو خواب ۾ بـ هرڻيون نظر اينديون آهن.

شڪاري جي نشاني جي ڪري ناموس ذات شڪاري تائين هوندي آهي. بس نالو کڻ تـ شڪاري انهي جي ڪاريگري ۽ ڪمال جا ڪارناما ٻڌائڻ شروع ڪندو. حليم پلي ڊيٻي واري تـ چوڏهن سئوايڪڙ ٻني جا بندوق جي نال مان ڪڍي ڇڏيا.هن تـ پنهنجي زال جي بولي مان گولي مٽائي هئي. اميد علي لاشاري بـ پنهنجي دور جو وڏو شڪاري هو. اميد علي لاشاري ۽ ممتاز ڀٽي جو ياراڻو بـ شڪار جي ڪري هو. حاجي محسن پنهور جنهن دوربيني واري بندوق سان  ست هرڻ ماريا ۽ ستن ئي هرڻن جي ٽنگ ۾ ڌڪ هيو هئائين. چيائين. مٿي ڌڪ هڻندس تـه گوشت خراب ٿي ويندو.جلال ڇڇر بـ پنهنجي وقت جو وڏو شڪاري هو. باقي ڇٽي آريسر ۽ سوڀاري آريسر جي ڪهڙي ڳالهـ ڪجي اهي تـ وڏا شڪاري هئا. انهن جهڙو ٿيو نڪو ٿيندو. سوڀارو عربن کي شڪار ڪرائيندو هو.هو پهرين چوندو هو وڃي سير وجهو پوءِ سير وجهڻ وارو روانو ٿيندو.هوهي پٺيان ڌڪ هڻندو هو.هوڏانهن سير وجهڻ وارو پهچندو هو ۽ سوڀاري جي بندوق مان ڪارتوس نڪرندو هو جيڪو هرڻ کي ڪيرائيندو هو . هن کي پنهنجي نشاني تي ايترو بانور هوجو ڊانس ڪندو ڪندو ڌڪ هڻندو هو.

هڪڙي هرڻن جي شڪاري جي استاد ٻلي آهي جي لڪ سکڻي اٿئي تـ ٻلي کان سک. ڀلا ٻلي کي ڪڏهن ڪوئي جو شڪار ڪندي ڏٺو اٿئي، جي ڪوئو ڊوڙندو تـ ٻلي بـ ڊوڙندي،جي ڪوئو بيهندو تـ ٻلي بـ بيهـي رهندي پوءِ جيئن ئي ڪوئو ٻلي جي جهٽ ۾ ايندو تـ هو جهٽ هڻندي دير ئي ڪونـ ڪندي . ايئن ئي آهي ڊوڙندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ. جي هرڻ ڊوڙندي تـ شڪاري بـ ٻلي وانگر ڊوڙندو جي هرڻ بيهـي رهي تـ شڪاري بـ بيهـي رهندو وري هرڻ ڊوڙندي تـ شڪاري بـ ڊوڙندو جيئن ڌڪ ۾ ايندي تـ جهٽ ڪري وٺبو. جي آهي نشاني جو چٽو تـ نوڙئي ڪاتوس جا ڇرا وڃي هرڻ جا ڦڦر جهليندا ۽ ڪاتي مس رسندي .اهو آهي ڊوڙندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ. ٻيو وري چرندي هرڻ جو شڪار ڪرڻ. اوهين ڏسو ٿا اوهان کان گهڻو پرڀروهرڻ ڪنڌ هيٺ ڪري چري پيو ۽ اوهان تي اک ڪونـ پئي آهيس .پوءِ تـ ايئن ڪندا جو بندوق جي نال ۾ سڻ يا ٻوه ڏئي پاڻ لڪائيندا ٺونٺن ۽ پيٽ ڀر گسڪندا گسڪندا ويندا. جي بندوق ۾ آهي پلاسٽڪ جي ڪور وارو ڪارتوس تـ پنجاه وکن تي ۽ جي گتي جي ڪور وارو ڪارتوس  تـ ستر وکن تي. هاڻ تـ گتي وارو ڪارتوس اچي ئي ڪونـ ٿو پر ايتري پنڌ تي بندوق مار ڪندي ۽ رڳو گهوڙو دٻائبو تـ هرڻ پٽ تي ، هرڻ جي شڪار جو ٽيون طريقو اهو آهي جو اوهان هرڻ ڏٺي ئي ڪونهي پير پيا اهاڙيندا وڃو پر پير اهاڙيندي اهاڙيندي جي آهيو شڪاري تـ پير ڏسي اوهانکي خبر پئجي ويندي تـ هن ٻوڙي ۾ هرڻ آهي. وڏن شڪارين کي تـ ويهـ پنجويهـ وکن تان خبر پئجي ويندي تـ هن ٻوڙي يا ٻٿ ۾ هرڻ آهي پوءِ کڙڪو تـ پرتي رهيو ساه کڻڻ بـ وساري ڇڏڻو آهي ۽ ٺا  وڃي ويٺل هرڻ کي بندوق هڻجي پر شڪارين جو اصول چوي ٿو تـ هرڻ ويٺل کي بندوق نـ هڻجي. پر ڊوڙائي بندوق هڻجي .جي آهي شڪاري تـ اهو هرڻ جو شڪار ڏينهن جو ڪندو ۽ اهي طريقا ڏينهن جي شڪار جا آهن. باقي جي شڪاري ئي ناهي مڙئي هلڪو ڦلڪو شڪاري ۽ وڏو سرياند آهي تـ پوءِ رات جو شڪار ڪندو انهي کي شڪاري تـ چور شڪاري چوندا آهن هرڻ رات سڄي چرندو آهي ۽ ڏينهن جو ويٺل هوندو آهي. هي وري ڊسڪو شڪاري ڇا ڪندا آهن جو رات جو گاڏي جي آواز ۽ سرچ لائيٽن تي، شڪار ڪندا آهن. هرڻ وري اهڙو تـ ڊڄڻو آهي جو گاڏي جي آواز ۽ سرچ لائيٽن تي هو وک بـ ڊوڙي ڪونـ سگهندو ۽ ڊپ ۾ هن جون ٽنگون پيون رڦنديون. پوءِ تـ هڪڙي ڌڪ ۾ ٽي ٽي چار چار هرڻ پٽ تي هڪڙي ڌڪ ۾ ڪم ٿيو وڃي. پر اهي شڪاري تـ ڪونـ چئبا . شڪاري چوندا آهن تـ هرڻ جو شڪار ايترو سولو ڪونهي ڪلو رت چوساڙي پاٰءُ گوشت جو ملي ٿو. انهي جو رات وارو ٻيو طريقو وري اهو آهي جو چار پنج ڪلو واري ٽامي جي لوٽي ۾ پندرنهن ويهـ بلور وجهي اهي گهمائبا ۽ سرچ لائيٽ هڻبي تـ هرڻ جتي هوندا اتي بيٺا رڦندا. پوءِ کپي جيترا مار گهڻا خفتي تـ وري ايئن ڪندا آهن جو هڪڙو اها لوٽي پيو گهمائيندو ۽ ٻـ ڄڻا ايئن ڪندا جو آهستي آهستي وڃي هرڻ جي پوين ٻنهي ٽنگن مان جهليندا، هرڻ ڌو پٽ تي، اهو بـ انڌاري راتين ۾. چور شڪاري اهو طريقو بـ استعمال ڪندا آهن. ڏينهن جا شڪاري وڌ ۾ وڌ هڪڙي ڌڪ ۾ ٻـ هرڻ ڪيرائي سگهن ٿا ۽ هڪڙي ڏينهن ۾ وڏي ۾ وڏو شڪاري بـ وڌ ۾ وڌ چار هرڻ ماري سگهي ٿو باقي چور شڪارين جي ڳالهـ نٿا ڪريون. هرڻ کي پيٽ ۾ نوڙئي ڪارتوس جا ڪيترا بـ ڇرا لڳن پر نڪرندو ڪونـ .ڀلي آنڊا اوجهريون نڪري وڃن ٻٽ ڀڄي ويندي جيستائين انهي کي ڦڦڙ، ڪرنگهي، ٽنگ يا دماغ ۾ ڌڪ نٿو لڳي .  باقي جي هرڻ کي هڪڙو ڇرو بـ لڳو ۽ هن رات جو تارن ۾ ڏٺو تـ هن جو ساه نڪري ويندو وڃي، پساه پورا ٿيندس . هرڻ جو  بندوق جي ٺڪاءُ سان ساه دماغ تي چڙهي ويندو آهي  هنن جو چوڻ آهي جي هرڻ کي ڌڪ لڳي ويو ۽ اها گهڻي ويڇي تي آهي پر جيڪڏهن شڪاري ڪنهن سان بـ نـ ڳالهائي ۽ سڌي وڃي بسم الله ڪري سير وجهي تـ اهو هرڻ حلال آهي.هرڻ جي شڪارين جو اهو بـ چوڻ آهي تـه هرڻ کي ماڻهو جي خوشبو ايندي آهي ۽ ماڻهو جي خوشبو اينديئي هرڻ اتي ڇڪون ڏيڻ شروع ڪندو، ڦونگار پئي پوندي. شڪاري انهي خيال جا بـ آهن تـ هرڻ کي بندوق جي خوشبو بـ ايندي آهي انهي ڪري هو ڪڏهن بـ هوا کي پٺيرا شڪار تي ناهن ويندا. جي واءُ ڪاڇي هوندو تـ شڪار ي واءِ کي سامهون ڏکڻ ويندا ۽ جي واهوندي هوندي تـ هي شڪار تي الهندي ويندا جي اگتيو واءِ هوندو تـ اڀرندي شڪار تي ويندا جيڪا هوندا هوندي انهي کي سامهون شڪار تي ويندا، اهو شڪار جو اصول آهي . شڪار جو ٻيو اصول اهو آهي تـ هو صبوح جو الهندي ۽ شام جو اڀرندي شڪار تي ويندا . هوا کي سامهون ويندڙ شڪاري سج کي سامهون شڪار تي نـ ويندا ڇو جو جيڪڏهن سج سامهون هوندو تـ هنن جي نگاه پري پري تائين نـ ويندي ۽ يقنن هرڻ تـ سج کي پٺيري هوندي انهي ڪري هي تـ هرڻ کي ڪونـ ڏسي سگهندا پر هرڻ هنن کان پهرين هنن کي ڏسي وٺندي . هونئن شڪار جي موسم سيارو آهي پر هتي تـ ٻارنهن ئي مهينا شڪار ٿئي ٿو. انهي ڪري جو سياري جو ڏينهن ٿڌو ٿئي ٿو انهي ۾ پير کڻڻ ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي ۽ گوشت کائڻ جو بـ سياري جو پنهنجو مزو آهي.هرڻ جي آهي ئي شيخ،اتي ئي ماريو اتي ئي،ڪٺو اتي ئي شيخون ٺاهي اتي ئي کاڌيون پوءِ آهي مزو. شڪاري رڳو شڪار واري چوس پوري ڪندو آهي باقي کائيندي دنيا آهي. شڪاري ڪڏهن بـ سوئا هرڻ کي ڌڪ نـ هڻندو. جي هن سڃآڻي ورتو تـ ۽ نـ وري ڍڪي هرڻ کي ڌڪ هڻندو اهو شڪار جو اصول آهي .بس هڪ نالي جو ڪارتوس هڪڙو هوندو آهي دو نالي ٻـ ڪارتوس پون ٿا هڪڙو گٿو تـ ٺا وري ٻيو.

هرڻ رات جو چرندو آهي ۽ ڏينهن جو وڃي ويهي رهندو آهي هو هڪڙي هڪڙي رات ۾ ڏه ڏه ميل پنڌ ڪندو آهي.سانوڻي جي مهيني ۾ هن جو ٿاڪ هڪڙو هوندو آهي. چرڻ لئـ ڀلي ڏه جا پندرنهن ڪوهـ پرتي وڃي پر رات سڄي چري چري وري اچي انهي ٿاڪ تي ويهندو آهي . اتي ڪنهن ٻوڙي ۾ کڏ هڻي ويهندو آهي ڇو جو سانوڻي جي مهيني ۾ هن کي مک تنگ ڪندي آهي . اها کڏ هو گهاٽي ٻوڙي ۾ هڻي ويهندو آهي . ٻڪري ٽيهـ وڻ کائي ٿي پر هي انهي کان ٻـ وڻ مٿي ٻٽيهـوڻ کائي ٿو . هرڻ جي اوجهري کاري زهر آهي انهي ڪري جو هي سال جا ٻارنهن مهينا سواءِ برساتي پاڻي جي ٻيو ناهي پيئندو. اهو بـ گاه تي ڪريل پاڻي ۽ اڪ جي پنن تي پيل پاڻي ڪٿي ڪٿي ننڍن ننڍن ڇلرن کي زبان سان چٽيندو آهي پر وڏي پاڻي کي ويجهو ئي ڪونـ وڃي . اهي هرڻ جيڪي گهر ۾ پالين ٿا اهي آهستي آهستي انهن کي پاڻي پيارڻ سيکاري ڇڏين ٿا پر اهو هرڻ جيڪو عام جام پاڻي پئي ٿو اهو هن جهنگلي هرڻ وانگر ڀڄي ڪونـ سگهندو آَهي.اهي جيڪي هرڻ جا ٻچا پاليندا آهن اهي انهن ٻچن کي ٻڪري جي هيٺان هن جي ٿڻن مان کير بـ پياريندا آهن پر اهو هرڻ اهڙو نٿو هجي جهڙا جهنگلي هرڻ هوندا آهن. اهو رڳو نالي جو هرڻ ۽ گهر جي سونهن هجي ٿو. گهر وارو هرڻ جهنگلي هرڻ وانگر ڀڄي ڪونـ سگهندو، ٿورڙو ڊوڙندو ۽ ڪري پوندو.گش ٿي ويندو. هرڻن جا ٽي قسم تـ هتي پڪا پڪا آهن هڪڙا چانورا جنهن جي منهن تي اکين وٽان ليڪا آهن. هرڻ جو ٻيو قسم جنهن جي مٿي تي اڇو ٽڪو هوندو آهي ۽ قد جو ڊگهو هجي ٿو . ٽيو بَرڙو هرڻ جيڪو بدن ۾ ڳرو ۽ قد ۾ برڙي ٻڪري وانگر ننڍو هجي ٿو. ڪاريل هرڻ هتي پاڻ واري ٿر ۾ ڪڏهن ڏساڻو ڪونهي پر اهو بارڊر پار چون ٿا تـ آهي. اڇو هرڻ بـ ٿئي ٿو . نر هرڻ جا سڱ وڏا ڊگها ۽ ٿلها ٿين ٿا ،مادي هرڻ جا سڱ ننڍڙا ٿين ٿا . هڪڙا چون ٿا. ڍڪي هرڻ جي مُٽ مان اها خبر پوي ٿي تـ هو ڪيترن ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ ويامندي ٻيا وري انهي ڳالهـ کي چون ٿا تـ اها ڪوڙي آهي. مُٽ مان ڪيئن خبر پوندي؟ صرف اوه کي ڏسي ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو تـ هو ڪيتري ٽائيم ۾ ويامندي پوءِ شڪاري اوه مان اندازو ڪري انهي هرڻ جي پٺيان پيا هلندا آهن. ڪڏهن ٿي ويامي ڪڏهن انهي جا ٻچا کڻجن هرڻ جو ٻچو ويامڻ کانپوءِ چوويهـ ڪلاڪن ۾ اٿي ويندو آهي ۽ جي هرڻ جو ٻچو اٿي ويو تـ پوءِ جهلڻ ڪونـ ڏيندو . جي اڃا ٽن ڏينهن جو ٿي ويو پوءِ ٿيا ست خير. پيو ڊوڙ پٺيان پر جهلائيندو ڪونـ ڀلي ڪجهـ بـ ڪري ڇڏينس. پر شڪاري انهي ٻچي کي بـ جهليندا، هرڻ جي ٻچي جي ماءُ ڪڏهن بـ هن سان گڏ ڪونـ ويهندي پندرنهن ويهـ وکون  سدائين پرتي ويهندي آهي. اڃا اهو هرڻي جو ٻچو پندرنهن ڏينهن جو ٿيو پوءِ صفا وڃي پري ويهي رهندي ڇو جو ويجهي ٿي ويهـي تـ شڪاري هن جا پير اهاڙي هن جا ٻچا ٿا کڻي وڃن. جو اٿي ويل ٻچا جهلڻ نـ ڏيندا تـ شڪاري وري مڇي وارو رڇ لانگهي ۾ ڦاسائي رڇ ۾ جهليندا آهن ڇو جو هرڻ جو ٻچو جيڪو گس جهلي ويندو آهي جيڪڏهن هن جو اڳ جهلبو تـ اهو ئي گس جهلي واپس ورندو سو  اتي ڄار ۾ ڦاسي پوندو. هونئن تـ هرڻ جي ٻچن جي جوڙي ٽيهـ هزار ۾ وڃي ٿي. انهي ڪري هي چور شڪاري هرڻ جا ٻچا جهلين ٿا نـ تـ شڪار جي اصول ۾ ٻچا جهلڻ پاپ آهي. .هڪڙو جانور آهي پڙنگ اهو هرڻ کي ماري ٿو. انهي جو هڪڙو پاسو ٻلي جو آهي ۽ هڪڙو پاسو هرڻ جو، گهڻن شڪارين پڙنگ جانور ڏٺو بـ آهي. اهو پڙنگ ٽل سان هرڻ کي ماري ٿو اهو ڇا ڪندو آهي جو هرڻ کي پري کان ڏسندو آهي تـ رڳو هرڻ وارو پاسو هرڻ ڏانهن ڪندو آهي تـ هرڻ اهو سمجهندو آهي تـ ڪو هرڻ آهي جيئن هرڻ ويجهو ايندو آهي تـ هي سٽ ڏئي هرڻ جي پينڊي ۾ چڪ هڻندو آهي . هن جي ڏندن ۾ ڪو اهڙو زهر آهي جو هرڻ پڙنگ جو چڪ بـ سهي ناهي سگهندو. گهڻا هرڻ اڇڙي ٿر ۾ ٿين ٿا. هرڻ هر موسم ۾ ويامندي آهي. ڦر ٻڪري وانگر هڪڙو يا ٻـ ڏيندي آهي.هرڻ جي اوجهري سڪائي پوءِ گهوٽي رکبي آهي. پوءِ دم جي مريضن کي کارائبي آهي ۽ هرڻ جي سڱ جي اندرين هڏي ڪٽي گهوٽي جيڪڏهن ڪنهن نر لٿل کي کارائبي تـ اهو ٺيڪ ٿي ويندو. چون تـ اهو ٿا تـ سڱ واري هڏي چيلهه جي سور ۽ گوڏن جي سور لئـ بـ سٺي آهي . پر اهو سڱ کٽ واڻيندڙ کي سانکا اڳتي پوئتي ۽ ساريکا ڪرڻ ۾ ڪم  ايندو آهي.

هڪڙي شڪاري جي پڇاڙي بڇڙي آهي جڏهن پساه پورا ٿيڻ تي هوندا اٿس تـ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.هڪڙي شڪاري ٻڌايو تـ شڪارپور واري پاسي جو هڪڙو تترن جو شڪاري پڇاڙي آئي تـ تترن جون ٻوليون ڪرڻ لڳو .جڏهن شڪاري کٽ تي ڪرندو آهي تـ رڙيون ڪندو آهي. گهوڙا ڙي گهوڙا پکي ٿا مارين، هرڻ ٿا مارين.جيئن محبت علي شاه جي ڳوٺ وارو لونگ خاصخيلي پڇاڙي جو ڪون ڪون ڪندو هو تـ تلور ٿا مارين، هو ڪارتوس بـ پاڻ ٺاهيندو هو اهي رڙيون تـ پاڻ بـ هنن گناه گار ڪنن سان ٻڌيون هيون .بس اهي آهن هرڻ ۽ انهن جي شڪارين جا شوق.

Jogee_khalid@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو