Home / افيئر / شڪاگو ڪانفرنس: افغانستان جو مستقبل لوڏن ۾
above article banner

شڪاگو ڪانفرنس: افغانستان جو مستقبل لوڏن ۾

20 مئي کان شروع ٿيل ڪانفرنس جيڪا آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ ٿي، جنهن ۾ افغانستان جي مستقبل جي باري ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻا هئا. ان ڪانفرنس ۾ دنياجي 68 ملڪن جا ملڪي سربراهه، حڪومتي سربراهه يا انهن جا موڪليل نمائندا شريڪ ٿيا هئا.هن ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو روس جي صدر شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته هو تازو ٽيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي. روس جي نمائندگي ملڪ جي پرڏيهي وزير ٿي ڪئي. هي ڪانفرنس ٻه چار ڏينهن جاري رهي جنهن۾ خاص ڪري افغان صدر حامد ڪرزئي طرفان ڪجهه اٿاريل انديشا هيا ته 2014  کان پوءِ واري صورتحال ۾ افغانستان جي جيڪا صورت بيهندي ان ۾ ان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي.بلڪ افغانستان ۾ دنيا سيڙپڪاري سان گڏ امداد به وڌائي جيڪا4.1 ارب دالر سالياني هجي جيڪا آمريڪا اسرائيل کي هر سال 4 ارب ڊالر فوجي امداد ڏيندو آهي.


پاڪستان سلا لا پوسٽ جي حملي کان پوءِ افغانستان بابت ڪنهن به ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ نيٽو سپلاءِ پڻ بند ڪئي هئي.اهو به مطالبو رهيو ته آمريڪا معافي وٺي پر آمريڪا جو خيال هيو ته اهو واقعو ڪجهه غلط فهمي سبب ٿيو آهي. ان ڪري هو معذرت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.پر پاڪستان معافي کان هيٺ ٿيڻ لاءِ تير نه هيو .انهي ڪري آمريڪا وارن هنن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ هنن زياده زور خطي جي ٻين ملڪن تي ڀريو ته پنهنجي سپلاءِ ٻين پاڙي وارن ملڪن کان جاري رکي .ترڪي ۽ عرب ملڪن به پاڪستان کي چيو ته هو اها سپلاءِ ٻيهر کولي ۽ انا جو مسئلو به بڻايو. ان جو مثال ترڪ وزير اعظم جو تازو پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور به هيو ۽ هن گڏيل پارليا مينٽ کي پڻ خطاب ڪيو.

شڪاگو ڪانفرنس جي حوالي سان ڪافي ڳالهيون گردش ڪري رهيون ته پاڪستان کي ان ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏيندا ۽ اها يورپي يونين سان گڏ آمريڪي ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن جي راءِ هئي ۽ انهن ان جو اظهار پڻ ڪيو .مگرپاڪستاني وزيراعظم يوسف رضاگيلاني لنڊن جي دوري دوران ڪنهن صحافي جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو هو ته شڪاگو ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي ضرور دعوت ملندي، ٿورو انتظار ڪيو. هوڏانهن پاڪستان کي ناٽو جي سيڪريٽري دعوت ڏني ۽ پاڪستان جي طاقتور ڌرين سميت دفاع  ڪميٽي ان تي غور ويچار ڪيو. جنهن ۾ شايد لشڪر وارن شامل ٿيڻ جي مخالفت ڪئي.مگر صدر ۽ وزير اعظم فيصلو ڪيو شريڪ ٿيڻ گهرجي .شرڪت جي اعلان سان گڏ برگيڊ اعلان ڪيو ته هو ايئن ٿيڻ نه ڏيندا ۽ پنهنجي عزت ۽ غيرت پئسن عيوض نيلام نه ڪندا.ان جي هو مزاحمت ڪندا. صدر شڪاگو لاءِ روانو ٿيو ته غيرت برگيڊ پنهنجي شيڊول جو اعلان ڪيو.صدرکي اهو به چيو ويو ته هو آمريڪا کان وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪري ۽ وڌيڪ شرط عائد ڪري.گهٽ ۾ گهٽ هڪ ارب ڊالر رهت ۽ هڪ ارب ڊالر نئين شرط تحت مطالبو ڪري.شڪاگو ڪانفرنس ۾ اگر پاڪستان شريڪ نه ٿئي ها ته پاڪستان هن خطي ۾ خود اڪيلو ٿي وڃي ها. ڇاڪاڻ ته دنيا پاڪستان جي آسري ڪون ويهندي.خود پاڪستان بابت دنيا ۾ جيڪو غلط تاثر آهي ته دنيا۾ دهشتگردي ڦهلائڻ ۾ اهم اڏو آهي ۽ انهن جو نرسريون به آهن.پاڪستان جي خود مالي پوزيشن ٺيڪ ڪونهي.بجٽ  سان گڏ ملٽري هارڊ ويئر به کپن اهي ڪير ڏيندو.


انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ناٽو جي سيڪريٽري صدر پاڪستان کي شڪاگو ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏني جيڪا بقول ان جي ته بغير ڪنهن شرط جي هئي.صدر پاڪستان اها دعوت قبول ڪئي ۽ شڪاگو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي پاڪستان جي اهميت ۽ افغانستان جي مستقبل جي فيصلي بابت پاڪستان جي خدشن ۽ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن جي آمريڪي صدر سان ڪابه اڳم طئه ٿيل ملاقات نه هئي. پر پوءِ به هيلو هاءِ ٿي ۽ سيڪريٽري خارجه سان گرم جوشي واري ملاقات ٿي. شڪاگو ڪانفرنس ۾ افغانستان مسئلي تي ڪافي اڳڀرائي ٿي ۽ آمريڪا 2014 جي آخر ۾ ناٽو سان گڏ ايساف جا فوجي واپس گهرايا ويندا ۽ ناٽو غير تڪراري فورس رهندو جيڪو 2024 تائين ايندڙ افغان سرڪار جي مدد ڪندو ۽ سکيا وغيره افغان فوج کي ڏيندو. 1988 واري ٻيهر غلطي ڪو نه ورجائيندو جيئن سويت يونين جي فوجي شڪست کانپوءِ ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو. جنهنجو نتيجو 11/9 واري آمريڪي واقعي جي صورت ۾ نڪتو. هن ڪانفرنس ۾ افغان عوام ۽ سرڪار جي مالي مدد جاري رکڻ جو عزم دهرايو ويو. ۽ حڪومت ۽ عوام کي طالبان ۽ ٻين انتهاپسندن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو بلڪه ڪانفرنس افغان ويڙهاڪن کي اهو نياپو پڻ ڏنو ته توهان کي ايندڙ وقت ۾ ڪا به رعايت ڪا نه ملندي. ڪانفرنس دوران افغانستان جي اڳوڻي امير ملا عمر جو پيغام منظر تي آيو ۽ هن پهريان وارو موقف ورجايو ته پهرين افغانستان مان ڌاري فوج کي ٻاهر ڪڍڻ تائين ويڙهه جاري رهندي هوڏانهن ملان رباني جي قتل کانپوءِ ان جي نائب اڳوڻي وزير کي سندس گهر ۾ قتل ڪيو ويو، جيڪو افغانستان ۾ ڳالهين ذريعي حل جو حامي به هيو. هن جو خيال هو ته طالبان هاڻي وڙهي ٿڪجي پيا آهن ۽ گهڻائي اهڙي صورتحال کان تنگ ٿي پئي آهي ۽ اهي ڳالهين لاءِ تيار آهن. هي اهو ماڻهو هو جيڪو طالبان ۽ ڪرزئي حڪومت ۾ ڳالهيون ڪرائي پيو.

هوڏانهن فرانس جي نئين صدر فرانسو اولاند پنهنجي چونڊ مهم دوران جيڪو واعدو ڪيو هو ته هن سال فرانس افغانستان مان موڪليل سڀ فوجي واپس وطن گهرائيندو. تنهن پنهنجي موقف موجب اهوئي ڪيو. جڏهن جرمن چانسلر انجلينا مارکل جيڪا بون ڪانفرنس ۾ ميزبان هئي تنهن هن ڪانفر نس ۾ اهم رول ادا ڪيو ۽ افغانستان جي مسئلي جي حل تائين ناٽو ۽ ايساف ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته چين ۽ روس به فوجي انخلا جي حمايت ڪرڻ سان گڏ ناٽو جي رسد جو يقين ڏياريو ۽ logistic سپورٽ جي به ڳالهه ڪئي. هوڏانهن وچ ايشيا جي ملڪن به حمايت  سان گڏ فوجي انخلا لاءِ فوجي سازو سامان انهيءَ وسيلي واپسي لاءِ رستو پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ ڳرا هٿيار به شامل هوندا.

شڪاگو ڪانفرنس افغانستان مسئلي جي حل لاءِ اهم ثابت ٿيندي. هن ڪانفرنس ۾ سڀني جا مطالبا مڃڻ لاءِ پهل ڪو نه ڪئي ويئي بلڪه مسئلي حل ڪرڻ لاءِ سڀني فريقن کان صلاحون ۽ ويچار ورتا ويا. هن ڪانفرنس ۾ ڪنهن به فريق جي دل آزاري ڪونه ٿي آهي بلڪه ايساف جي ملڪن جو خيال ته پاڪستان شايد خيرسگالي طور ان ڪانفرنس کان پهريان يا دوران ناٽو جي سپلاءِ کولڻ جو اعلان ڪندو مگر پاڪستان جي صدر ان ڪانفرنس ۾ گڏيل پارلياماني بورڊ جي فيصلي تحت قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال آهي ۽ پارليامينٽ سپريم آهي. جيڪا ڳالهه پاڪستاني صدر بابت هتان جي ميڊيا چيو آهي ته کيس خالي هٿ واپس ڪيو ويو، ايئن ڪونهي پاڪستاني صدر جو گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي مستقبل جي ڪردار بابت ته چيو ويو ته پاڪستان اهم آهي اهو پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪندو. بقول پاڪستاني صدر جي ته پاڪستان موجوده افغانستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ خطي لاءِ مضبوط خوشحال افغانستان ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته افغانستان اندر ايندڙ ڪنهن به گڙٻڙ جو سڌو اثر پاڪستان ۽ ايران تي ٻيهر آبادي واري لڏپلاڻ سان پوندو. تنهنڪري پاڪستان ڪڏهن نه چاهيندو ته افغانستان ۾ خلفشار رهي. باقي رهي پراڻي بقايه هڪ ارب ڊالر اها ته اڳي پوءِ جڏهن پاڪستان آمريڪا ۽ ناٽو سپلاءِ روٽ کوليو ته ملي ويندا ۽ ٽيڪس روٽ وارو معاملو به ڳالهين ذريعي حل ٿي ويندو. جيڪو 250 ڊالر کان وڌيڪ ڏنو ويندو، 500 ڊالر تمام گهڻو آهي. هيءَ ڪو پاڪستاني ٽول ٽيڪسن ڪونهي 10 رپيه چئي 30 رپيه ڪري ڇڏيو.

شڪاگو ڪانفرنس کانپوءِ جڏهن صدر ناٽو روٽ نه کوليو ته غيرت برگيڊ عمران سميت پريشان ٿي ۽ ٽي وي وارا ڪل عقل اينڪر به پريشان ٿيا. هاڻي ڇا ڪجي؟ صدر غيرت ته ڪونه کپائي اها ته واپس وٺي آيو مگر پئسه ته ڪونهن دفاعي ادارو به پريشان ٿي ويو. افغاني صدر ڪرزئي جي مطالبي 4.1 ارب ڊالرن واري تجويز زير غور ضرور آئي مگر ايتري رقم فراهم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو.

اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته هي 1980 وارو وقت ڪونهي ۽ نه وري 18هين صدي، افغانستان جي ايتري پراڻي تاريخ به ڪونهي هن ملڪ کي قائم ٿئي ٻه صديون مس ٿيون آهن ۽ انهيءَ ۾ ڪافي لوڙيو آهي. برطانيه شڪست ڪونه کاڌي هئي برطانيه ڊيورنڊ لائين وارو فيصلو مڃرايو. فاٽا وارا علائقا پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيا هوڏانهن ڪوئيٽا سميت ڪافي افغان علائقو سلطنت ۾ شامل ڪيو. ان کان اڳ ۾ منگول حڪمراني ۾ رهيو. پوءِ وچ ايشيا جي حاڪميت هيٺ رهيو هاڻي پري جي ڳالهه ڪونهي سوويت يونين جي شڪست ڪونه هئي پر انهن ڳالهين ذريعي جنيوا معاهدي تحت افغانستان خالي ڪيو. سوويت يونين جي وڃڻ کانپوءِ صدر نجيب جي حڪومت پاڪستان جي مدد سان ختم ڪئي ويئي. هاڻي آمريڪا جي معيشت افغانين کي پالڻ لاءِ ايتري مضبوط ڪونهي. افغان جنگ آمريڪا جي معيشت کي ڪمزور ضرور ڪيو آهي ۽ پري جي جنگ هونئن به ڏکي هوندي آهي. پٺاڻن کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي. 1979 کان وٺي مسلسل جنگ ۾ رهڻ ڪا سٺي ڳالهه ڪونهي. معيشت سان گڏ جاني نقصان به ٿيو آهي هاڻي گهڻو رت وهيو آهي بند ٿيڻ گهرجي. ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڳوليو وڃي. هاڻي ٻاهران آيل مهمانن کي به واپس پنهنجي گهر وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هاڻي لبيا، مصر، تيونس، يمن ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ واري آهي. هڪٻئي کي برداشت ڪريو نه ته افغانستان ايندڙ وقت ۾ ٻن کان وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي ويندو. پوءِ توهان وارو اسلام ڪڏهن گڏ ڪري نه سگهندو.

آمريڪا ۽ ايساف کي 2014 ۾ فوج واپس ڪرڻ گهرجي پر 80 واري ڏهاڪي واري غلطي ورجائڻ نه گهرجي، افغان فوج ۽ حڪومت جي 2024 تائين مالي ۽ سکيا واري مدد ڪئي وڃي جيئن ايندڙ وقت جا خواب ڏسندڙ وحشي درندا ٻيهر معصوم نياڻين، عام ماڻهو کي قيد نه ڪن. پاڪستان کي نه گهرجي ته ڳالهين ذريعي شڪاگو ڪانفرنس جي روشني ۾ ناٽو سپلاءِ روٽ ڏنو وڃي ۽ ٻي ڪنهن قسم جي مداخلت افغانستان اندر بند ٿيڻ گهرجي جيئن هن خطي ۾ امن قائم ٿي سگهي ۽ پيٽرو ڊالر جي آمد تي به نظر رکي وڃي، ڇاڪاڻ ته اها به هن فساد جي پاڙ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو