Home / افيئر / صحافين جو جمهوريت ۽ تبديلي ۾ وڏو ڪردار آهي
above article banner

صحافين جو جمهوريت ۽ تبديلي ۾ وڏو ڪردار آهي

ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڪراچي ۾ موجودآمريڪي سفارتخاني طرفان مقامي هوٽل ۾ ميڊيا قانونن بابت ڊائلاگ جي سري هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو ،پروگرام جي ميزباني سفارتخاني جي انفارميشن آفيسر Amand acanuldwell آجياڻي تقرير سفارتخاني جي پبلڪ افيئر آفيسر kevin murkan ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل وليم مارٽن ڪراچي جي صحافين جي ڪم جي مڃتاڪندي چيو ته  آءٌ پاڪستاني ميڊيا جو تمام وڏو مداح آهيان،آءٌ سموري پاڪستان جي صحافين سان مليو آهيان آءٌ سندن ٽيلينٽ،ڪمٽمينٽ ۽ ڏاهپ جو قدر ڪريان ٿو .هن وڌيڪ چيو ته صحافين جهڙا ماڻهو دلير هوندا آهن جيڪي سچائي وسيلي تبديليءَ جي اڳواڻي ڪنداآهن ،ميڊيا جا ڏاهاماڻهو پاڪستان جي ماڻهن ۾ موجود مثبت تواناين کي سمجهڻ ۾ مددگارٿيندا، اڄ مون کي توهان سان هتي گڏ هجڻ تي فخر آهي، وليم مارٽن وڌيڪ چيو ته ميڊيا جو جمهوريت کي سگهارو ۽ ان کي ماڻهن جو وڌيڪ نمائنده ادارو بڻائڻ ۾ پڻ ڪردار آهي. ميڊيا ماڻهن جي آواز کي سگهارو بڻائي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه  صحافين جي ڳالهائڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي.


5 مئي تي آمريڪي سفارتخاني طرفان ٿيل ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪندڙ  توڙي مقرر ان ڳالهه تي متفق هئاته پاڪستان وٽ هڪ آزاد ميڊيا آهي پر ان جي ساک ۽ اثر جي حوالي سان ڪيترائي سوال پڻ اٿاريا ويا. جنگ گروپ جي غازي صلاح الدين چيو ته پاڪستاني ميڊيا مجموعي طرح تعميري ڪردار اداڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن پاڪستاني ميڊياتي الزام مڙهيو ته اها رڳو سياست طرف مائل آهي جڏهن ته تعليم  صحت ۽ ٻيا پاسا هر لحاظ کان کٽل آهن. ايڪسپريس ٽربيون جي سينيئر ايڊيٽر ڪمال صديقي جو چوڻ هو ته پاڪستاني پريس گهڻو تڻو بريڪنگ نيوز ۽ سياسي اسڪينڊلز تي وڌيڪ فوڪس آهي، جڏهن ته بد عنواني ،خراب صحت ،ماحوليات،خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا نظر انداز ڪيا وڃن ٿا. تقريب  ۾ شريڪ ماڻهن مان ڪيترن ميڊيا جي ڪجهه حصي طرفان لياري آپريشن دوران ان جو پسمنظر۽ ڪمينٽري ڏيڻ بدران رڳو گولين جا ٺڪاءُ ۽  لاش پئي ڏيکاريا. ڊائلاگ پروگرام دوران مقرر۽ شرڪت ڪندڙ ان ڳالهه تي متفق هئا ته ڪمرشل سينسرشپ سبب پاڪستاني پريس ڪافي مامرن ۾  رپورٽ ڪرڻ کان به قاصر هوندي آهي .ان موقعي تي ايڪسپريس ٽربيون ،جي ڪمال صديقي جو چوڻ هو ته اشتهارن ۾ ڪٽوتي جي خوف سبب ڪافي مامرا اهڙا هجن ٿا جيڪي سچ هجڻ باوجود ميڊيا رپورٽ نه ڪري سگهندي آهي

ان موقعي تي هڪ صحافي ٻڌايو ته پاڪستاني صحافين کي سيڪيورٽي ادارن کان موتمار ڌمڪين ملڻ جو سلسلو وڏي عرصي کان جاري آهي. هينئر به لڳ ڀڳ 17000 صحافي سيڪيورٽي ادارن جي ڌمڪين جو شڪار آهن، صحافين کي سيڪيورٽي ادارن طرفان کڻي گم ڪري ڇڏڻ پڻ اڻ سڌي ريت سينسر شپ آهي ، ان موقعي تي رپورٽرن ۽ صحافين کي مذهبي انتهاپسندن طرفان ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ واري ڳالهه پڻ سامهون آئي .،مجموعي طرح سڀ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ميڊيا هائوسز ۽ حڪومت صحافين جون زندگيون بچائڻ لاءِ وڌيڪ اپاءُ وٺن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو