Home / افيئر / عرب رياستن ۾ پاڪستان جون ثقافتي سفير يا ڪال گرلز
above article banner

عرب رياستن ۾ پاڪستان جون ثقافتي سفير يا ڪال گرلز

 

“حبيبي! توهان کي لاهوري ڪمپني کپي يا ڪراچيءَ واري؟”

“نه مون کي بهاولپوري ٽين ايجر ڊانسر کپي جيڪا مٺڙي سرائيڪي ڳالهائي سگهي؟”

“توهان سرائڪي سمجهندا آهيو ڇا؟”.

“هائو، اسان هر سال شڪار تي چولستان ويندا آهيون. اتي اسانجا مئنيجر اسان کي لوڪل ڇوڪريون گهرائي ڏيندا آهن، جن جي ٻولي ڏاڍي مٺي هوندي آ ۽ اهي ڏاڍي نماڻي انداز ۾ اسان جي خدمت ڪنديون آهن هڪڙيءَ کي ته ڏيڍ لک درهم ۾ خريد ڪري آندو به اٿم. سو مون کي چالاڪ پنجابي ڪُڙي نه کپي… چولستاني چهرو ڪو چکاءِ ته مزو اچي”.

“حاضر سائين! توهان گاڏي موڪليو… ماڻهو توهان وٽ پهچي ويندو-ها… پر مهرباني ڪري ٻه هزار درهم موڪلجو جيڪڏهن ڇوڪري سڀاڻي تائين پاڻ وٽ رکو ته…”

ٺيڪ آ… ٺيڪ آ… بَڪ نه ڪر. اڳ ڪهڙو مفت جو مال مهيا ڪيو ٿئي؟. توهان ايجنٽن جي اها ڏاڍي بڇڙي ڳالهه آ جو “مال” اڃا ڏيکاريو ئي نه ٿا، اڳي ئي اگهه ٻڌائي سو سيڪڙو گهري وٺندا آهيو”.

“سائين! ک ک… ک ک ک اسان جون گذارو ئي توهان جهڙن سخين جي سخا تي آهي. انهيءَ ڪري….”

جُورا استاد چمچا گيري ڪندي پنهنجا ڦڪا ڏند ڪڍي کلي ٿو. عرب نوجوان ڀرسان بيٺل پنهنجي سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏسي ٿو، جيڪو هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏي، عربيءَ ۾ کيس دلجاءِ ڪرائي ٿو ته آئل ڪنگ جو عياش نينگر لاپرواهيءَ سان ڪلب مان نڪتو هليو ٿو وڃي.


اهو منظر دُبئي جي هوٽل رامي گيسٽ لائن واري علائقي ۾ پاڪيزه پاڪستاني ڪلب جو آهي. جتي جو ماحول انگريزي فلمن واري نائٽ ڪلب کان به وڌيڪ Mod ۽ ڀڙڪدار آهي. اسٽيج تي اڌ اگهاڙيون پاڪستاني ڇوڪريون ڊانس ڪندي ڪپڙن مان نڪتيون ٿيون وڃن. ڪلب جي هال ۾ هر ٽيبل انفرادي بُڪ ٿيل آهي، جتي هڪ هڪ عرب يا وري يورپي ۽ آمريڪي عياش پنهنجي لوڪل “گائيڊ” سان گڏ ويٺو آهي. هو هر ڇوڪريءَ کي بگهڙ جي اک سان تاڙي ٿو ۽ ڪا سُندري پسند اچڻ تي پنهنجي گائيڊ کي اشارو ڪري ٿو، جيڪو اُٿي وڃي انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڪن ۾ ٻُسڪو ڪري ٿو ته اها مُشڪندي، ٽِلندي انهيءَ ٽيبل تي اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳي ٿي. يعني پاڪستان جي ثقافتي سفارتڪاريءَ جا انگ ڏيکارڻ لڳي ٿي. ڳالهه ٺهي وڃي ٿي ته همراهه اٿي ٻاهر اسٽارٽ بيٺل پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهي ٿو. سندس گائيڊ يا مئنيجر اندر پاڪيزه پاڪستاني ڪلب جي انتظاميه سان معاملا طئي ڪري، ايڊوانس جي ادائيگي ڪري، انهيءِ پسنديده پوپريءَ کي پاڻ سان وٺي اچي ساڳي گاڏي ۾ ويهي ٿو. اها پاڪستاني ڇوڪري پنهنجي اڌو گابرن ڪپڙن مٿان ڪارو عبايا پائي، “نيڪ پروين” بڻجي ڪلب مان نڪتي آهي.

روڊ تي شُرطا (عرب سپاهي) اهڙي هر ڇوڪريءَ کي ڪڙي نظر سان نهارن ٿا، جيڪا بُڪنگ کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن همراهه سان رواني ٿئي ٿي. اهي سپاهي فقط “ڊريس ڪوڊ” جي پابندي ڪرائڻ چاهين ٿا ته جيئن سرعام فحاشي نه ڦهلجي. اندر مڙيوئي اڳڙيون هجي ته خير آ.

دبئي جي سڄي ترقي گذريل ٽيهن سالن کان ٿي آهي. ان کان اڳ اها مهاڻن جي آبادي هوندي هئي، جتي جا بَدُو عرب سمنڊ مان گذرندڙ ٻيڙن جي خيرات تي گذارو ڪندا هئا يا وري ڦُرمار تي. تيل جي دولت عام ٿيندي آهي، اُتي عيش عشرت ۽ گند به ضرور ظاهر ٿيندو آهي. بدو عربن کي ٻه ڏوڪڙ جو هٿ آيا هڪڙي پاسي پنهنجين رياستن کي جيئري جنت بڻائي ڇڏيائون، ٻئي پاسي پيٽرو-ڊالر سان کيسا ڀري يورپ، آمريڪا سان گڏوگڏ پاڪستان جهڙن ملڪن کي ڀيلڻ لاءِ نڪري پيا. ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪڏهن به کوٽ نه رهي آهي جيڪي دولت کي دين ايمان سمجهن ٿا. اهڙن دولت جي دلالن ئي عياش عربن کي اهي رستا ڏيکاريا آهن جو انهن غريب ملڪن جي برَ ۾ بازاريون بڻائي، ويرانن ۾ محلاتون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن جن اندر عيش عشرت جو هر سامان کين مقامي مُلهه تي مهيا ڪري ڏنو وڃي ٿو. سنڌ جي ضلعي بدين ۾ اهڙن عياش عرب بدمعاشن هٿان زيادتي ڪري ماريل آمي ۽ ڦاپي نينگرين جا نالا اڃا اسان کان وسريا ناهن. اهڙن واقعن کانپوءِ به هنن جون اڳرايون اڳي کان اڳريون آهن. ايترو سو فرق پيو آهي ته هاڻي جي اهڙن دلالن کي پنهنجي ڀارتي ڀائرن ۽ فلپائني پڦاٽن، اهڙي ڪڌي ڪم ڪرڻ ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو آهي.

ثقافتي طائفن موڪلڻ جو سلسلو هر ملڪ ۾ قديم دور کان رهيو آهي جنهن کي فارين پاليسيءَ جو اهم اسم قرار ڏيندي ڪلچرل ايڪسچينج جو سٺو سيبتو نالو ڏنو ويو آهي. انهيءَ جو اصل فائدو پنجاب جي هيرا منڊي وارن ۽ ڪراچيءَ جي هزار داستان وارن ورتو آهي. اهڙي ذهنيت وارا ماڻهو، ٻه نمبري ڪم لاءِ ٻهراڙين مان هڪ نمبري نينگريون نوڪري ڏيڻ جي بهاني هٿ ڪري، انهن کي دبئي، شارجه ۽ ٻين عرب رياستن ڏانهن اسمگل ڪري ڇڏين ٿا. ڇوڪرين جي والدين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چڱو خاصو پئسو ايڊوانس ادا ڪيو وڃي ٿو.


ڪراچيءَ ۾ اهڙا ريڪٽ ۽ گروهه گهڻائي آهن پر ٻه ٽي همراهه ان فيلڊ جا “دادا” ليکجن ٿا. جن ۾ حسين محمود، اسلم خان، سلطان ۽ الطاف عرف طافي جا نالا اچن ٿا. لاهور ۾ ڳڙهي شاهو وارو جَجِي (اعجاز)، هيرا منڊي جو استاد رحمتا، پارٽي سنگر ماني، ماڊلز ۽ ايونٽ ارينج ڪندڙ محمد نسيم خان اهم ترين ڪردار آهن، جيڪي انٽرنيٽ ۽ فيس بڪ رستي پنهنجي مال جي وڏي مارڪيٽنگ ڪري، ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن.

انهن جو ڪروڙين رپين مان اصل ڪردارن يعني ڇوڪرين کي ڪوڏِي مس ٿي ملي، جن جا اهڙن ثقافتي دورن ۾ ڇوڏا ئي ڇڻي ٿا وڃن.

دبئي، ديره، اجمان، شارجه ۽ ٻين عرب رياستن ۾ انهن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ مون ڪراچيءَ جي هڪ “پروموٽر” اسلم سان رابطو ڪري کيس صحافتي لاها چاڙها ڏنا ۽ سندس غير معروف ماڊلز جا مختلف فيشن ميگزينز ۾ شُوٽ لڳرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو ته هن ڊڄنڊي ڊڄندي مون کي ٻن اهڙين ڇوڪرين سان ملرايو، جيڪي سندس اعتماد واريون آهن ۽ هر سال دبئي شاپنگ فيسٽيول واري ميلي دوران اسلم کين لازمي موڪليندو آهي ۽ سندس چواڻي اهي ٻئي هوشيار ۽ من موهڻيون ماڊلز کيس سيزن ۾ ڏهه ٻارهن لک رپيا ڪمائي ڏينديون آهن. اسلم کي سندس فيلڊ وارا “ڊيڙهه هوشيار” جو ٽرم استعمال ڪندا آهن. هو جيڪڏهن پاڻ ڏهه ٻارهن لک ڪمائي باسي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته کيس گهٽ ۾ گهٽ پنجوڻ تي پيسا پلئه پوندا هوندا.

پهرين گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ “نتاشا” سان ٿي، جنهن جو نالو ٻڌائڻ جو اسٽائل ئي ٻڌائي پيو ته هوءَ غلط تعارف پئي ڪرائي. منهنجي ان سوال تي ته جڏهن توهان جهڙيون ماڊلز ۽ “آرٽسٽ” ثقافتي طائفي سان گڏجي دبئيءَ وغيره وڃن ٿيون ته اصل ۾ اتي ڇا ٿو وهي واپري؟ نتاشا اسٽائل هڻي پنهنجي “گروءَ” کي ڏٺو جنهن کي هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي منهنجي لاءِ ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ ڏنو ته هوءِ شروع ٿي وئي:

“اصل ۾ اسان آرٽسٽ داد جا بکيا هوندا آهيون. ماڻهو سالن جا سال محنت ڪري هڪڙو فن سکي ۽ پوءِ ان مان فائدو نه وٺي ته ڪهڙو فائدو؟ مان ست سال لڳائي اسٽيج ڊانس سکي آهيان. هتي ڪراچيءَ ۾ ته هاڻي اسٽيج ڊراما صفا گهٽجي ويا آهن، انهيءَ ڪري ڪمائي رهي ڪانهي. مون کي ٽي ڀائر ۽ هڪڙي ڀيڻ آهي، ماءُ آهي، انهن سڀني جو خرچ کڻڻ سولو ناهي. ڀائر مون کان ننڍا آهن ته انهن جي پڙهائي جو بار به آهي. ڀيڻ ڳائيندي ڀلو آ، انهيءَ لاءِ هڪ استاد سيکارڻ وارو به رکيو اٿئون، جنهن کي هر مهيني پنج هزار رپيا ڏيندا آهيون. ايئن اسان جي گهر جو خرچ گهٽ ۾ گهٽ سٺ هزار مهينو آهي. اهو ڪٿان اچي؟ ڊرامن ۾ ته هڪ يا ٻه انٽريز جا ٽي هزار يا چار هزار ملندا آهن. اهڙا ڊراما مهيني ۾ ٽي يا چار مس ٿا ملن. ان مان ته خرچ نه هلندو نه! انهيءَ ڪري مان ٻن ٽن “آرٽ پروموٽرز” سان رابطو ڪيو. اهي ماڻهو پهرين ته شرط رکندا آهن، جيڪي ظاهر آهي ته ڪنهن به شريف ڇوڪريءَ کي قبول نه هوندا آهن. پر اسلم صاحب اهڙو ناهي. هو اسان جي عزت پاڻ به ڪري ٿو ۽ ٻين کان به ڪرائي ٿو. مان جڏهن ان جي troupe سان گڏ پهريون دفعو دبئي ويس ته ڏاڍي گهٻرايل هيس پر اسلم صاحب ايئرپورٽ تي لهڻ شرط مون کي اُتان جي Sim وٺي ڏني ته گهر ڳالهايو. مان تقريبن ٽي مهينا اتي رهيس ۽ ماحول اهڙو هو جو پاڪستان موٽي اچڻ تي دل ئي نه پئي چوي. هڪڙي ڪلب سان ڪنٽريڪٽ هو، روز سج لٿي کان اڌ رات تائين ڊانس ۽ “ٻيا آئٽمز” پيش ڪرڻا هوندا هئا. مان اڪيلي نه هيس، مون سان گڏ ڪراچيءَ جون ڇهه ست آرٽسٽ هيون، بينڊ اُتان جو ئي هو. لاهور جون به ٻه ٽي ڇوڪريون هيون، پر انهن جو اسان سان واسطو نه هوندو هو. اهي رات جو Off ڪرڻ کانپوءِ عربن سان گڏ هليون وينديون هيون. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته شام جو ئي “بڪنگ” تي هليون وينديون هيون. اسان ڪڏهن اهڙو ڪڌُو ڪم نه ڪيو”.

“توهان ڪيئن بچي ويا؟ جڏهن ته چون ايئن ٿاته دبئي ويندڙ ڇوڪريون وڃن ئي انهيءَ خيال سان ٿيون ته تڪڙي ڪمائي ڪري موٽي اچي هتي “عزت” واري زندگي گذارين؟”.

“سڀئي اهڙيون ناهن سر! اسان فقط ڊانس ۽ وڌ ۾ وڌ بيئر پيئڻ تائين تماشائين جو ساٿ ڏينديون آهيون”.

“بيئر ڪهڙي هيني ڪين؟”.

“نه… اتي گهڻي قدر Barbican يا Bavaria هلندي آهي. باقي پرسنل روم اندر ڪهڙو به شراب استعمال ڪري سگهجي ٿو”.

“توهان به استعمال ڪندا آهيو؟”.

“نه سر! مان توهان کي ٻڌايو ته صرف بيئر تائين ساٿ ڏئي سگهجي ٿو يا وري شيشه بار ۾ مختلف فليورز ٽرائي ڪري سگهجن ٿا”.

“بيئر جا اهي ٻئي برانڊ ته الڪوحلڪ (alcoholic) آهن؟”.

“گهڻو فرق نه ٿو پوي سر!”.

“توهان کي ته خير ڪجهه ڪرڻ سان فرق  نه ٿو پوي! مون دل ۾ سوچيو. اسلم معرفت ٻي ڇوڪري جيڪا ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿي، سا روبيڪا هئي. غريب عيسائي ڪٽنب سان لاڳاپو رکندڙ روبيڪا تمام سهڻي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ لاپرواهه ٿي لڳي.

“روبيڪا دبئي نائيٽ لائف بابت ٻڌو اٿئون ته اسان جي ملڪ جون ڇوڪريون ئي ان جي اصلي رونق آهن؟”.

Yes Sir”….. عرب رياستن ۾ جتي ڪٿي پاڪستان زنده باد لڳو پيو آهي. انڊيا ۽ فار اِيسٽ ملڪن جون ڇوڪريون گهڻو ڪري Escort Service جي لاءِ اچن ٿيون، انهيءَ ڪري اسان جي ڀيٽ انهن سان نه ڪئي وڃي جو اهي پنهنجي عزت پاڻ ڪلهي تي کنيو هوڪا ڏينديون وتنديون آهن”.

روبيڪا چوي ٿي ته جيڪڏهن پاڻ کي ڪو مرد پسند اچي وڃي ته پوءِ ڇوڪري دبئي هجي يا پاڪستان، پنهنجي مرضي هلائڻ لاءِ آزاد آهي پر ان سان ڏوڪڙن جي ڏَڍَ تي ڪو ماڻهو زوري زبردستي نه ٿو ڪري سگهي.

“ڀلا هيڏي دنيا خدا جي ڏٺي اَٿوَ… ڪو خدا جو بندو توهان کي پسند آيو، جنهن تي کڻي مهرباني ڪئي هجيوَ؟”.

“پارسا هجڻ جي دعويٰ هن فيلڊ ۾ رهي ڪرڻ بيوقوفي آهي. مان اهڙي دعويٰ نه ڪندس… وڌيڪ ڇا چوان؟ توهان پاڻ پراڻا کلاڙي ٿا لڳو!”.

هوءَ کلندي ڳالهه کولي به ٿي ۽ لڪائي به وڃي ٿي.

دبئي وٺي ويندڙ پروموٽر ڇوڪرين جو سڄو خرچ ڀرين ٿا. انهيءَ جي موٽ ۾ ڇوڪري اتي جيڪو ڪمائي ٿي، سو سندن تريءَ تي رکي ٿي. پوءِ هو همراهه طئي ڪيل ڪميشن ڇوڪريءَ جي حوالي ڪن ٿا، ڪل ڪمائيءَ جو 15 يا 50 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو. اها ڪميشن ڇوڪريءَ جي حُسن، عمر، “صلاحيتن” ۽ سيڪس اپيل تي دارومدار رکي ٿي. پروموٽرز يا دلال ڇوڪرين جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو انتهائي بيڪار بندوبست ڪن ٿا ته جيئن پرڏيهي ناڻو بچائي سگهن. گهٽ ڪِرائي وارن غريب ۽ ڪِنن علائقن ۾ ڪمرا وٺي هڪ ۾ ڇهه-ست ڇوڪريون رهايون وڃن ٿيون. ردي هوٽلن ۾ سستا ڪمرا سڄو گروپ اتي ترسايو وڃي ٿو، جتي ڪامن ڪچن ۽ لانڊري اسپيس ۾ اهي اسانجون “ثقافتي سفير/آرٽسٽ” جڏهن نائيٽ لائف ۾ تماشبينن کي وندرائي، پئسا ڪمائي اڌ رات کان به پوءِ موٽن ٿيون، ته پهچڻ شرط ڪم وارا ڪپڙا مٽائي ماني ٽِڪي پچائي، کائي پوءِ آرام ڪن ٿيون. صبح جو اٿي وري اهي ٿانوَ ٻُهاري ڪري، ميرا ڪپڙا ڌوئي استري ڪري رکن ٿيون ته جيئن رات جو وري تيار ٿي، ميڪ اپ ڪري پرفيوم لڳائي شڪار تي نڪري سگهن.

اڄ کان ڪجهه سال اڳ پاڪستان مان ويل ڇوڪرين جي اهڙي هڪ ٽولي سان تمام ڀوائتو واقعو پيش آيو هو. ماني پچائيندي ڪمري ۾ رکيل گيس سيلنڊر ڦاٽي پيو هو ۽ ڇهه ئي ڇوڪريون سڙي مري ويون هيون. انهن کي پروموٽر انتهائي قابل رحم حالت ۾ هڪ ڪچي وسندي ۾ رهايو هو، جتي نيچرل گيس سپلاءِ جي سهولت به ڪا نه هئي، جنهنڪري اهي گيس سيلنڊر ذريعي سانجهڻ ڪنديون هيون. انهن مري ويل ڇوڪرين ۾ هڪڙي آئينه ملڪ ڪراچيءَ جي هئي، جنهن سان سندس وڏي ڀيڻ حنا ملڪ (اسٽيج ڊانسر) ۽ ماءُ اڳوڻي فلمي اداڪاره شاهده ملڪ جي ڪري منهنجي به واقفيت هئي. آئينه ملڪ ان وقت انٽر جي اسٽوڊنٽ هئي. جڏهن “هزاره داستان” واري بدنام بلڊنگ ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي. هوءَ ان پيشي جي خلاف هئي پر وڏي ڀيڻس حنا ملڪ تازو ماءُ جي گهران ڀڄي وڃي هڪ تبليغيءَ سان شادي ڪئي هئي، تنهنڪري انهن جي ماءُ شاهده ملڪ ننڍي ڌيءُ آئينه ملڪ کي ميدان ۾ لاٿو هو. پهرين ءَ هوءَ ڪراچي اسٽيج تي ڪم ڪري وڏي ڀيڻ جي شهرت جو کٽيو کائيندي رهي، پر انهيءَ ڪمائيءَ مان ماڻس مطمئن نه ٿي ته هن کيس دبئيءَ جا وڻ ڏيکاريا. جتي هن ڪلب ڊانس ۽ ٻيا سلسلا شروع ڪري انڌي ڪمائي، ماءُ کي موڪلڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي پروموٽر کي چيو هو ته کين ڪنهن چڱي هوٽل ۾ ترسائي، جتي بنيادي سهولتون موجود هجن پر انهيءَ ڳالهه جو ڪو جواب کيس نه مليو. آخر نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ڏينهن جيئن اهي ڇوڪريون ڪمري ۾ ماني ڪري رهيون هيون ته گيس سيلنڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ کين باهه وڪوڙي وئي. انهيءَ واقعي ۾ ڪمري ۾ رهندڙ ڇهه ئي ڊانسر ڇوڪريون سڙي ڪوئلو ٿي ويون.

حق حلال وارو پئسو ڪمائڻ هن وقت دنيا جو تمام ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه ماڻهو دولتمند ٿيڻ جا نسبتاََ غلط طريقا اختيار ڪن ٿا. جن ۾ عورتن جو استحصال ۽ استعمال اڄ جو هڪ گهڻو مروج طريقو ٿي پيو آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا وسيع ٿيڻ ڪري سوشل ميڊيا تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي کوڙ اهڙا اڪائونٽ موجود آهن، جن تي دبئي ۾ سهڻيون پاڪستاني ڇوڪريون فراهم ڪرڻ جا اڪائونٽ/صفحا موجود آهن. انهن تي في رات چارجز، سروسز جا تفصيل ۽ تصويرون موجود آهن.

اهي سڀ ڏسي مان سوچيان ٿو ته اسان جا اهي سنگتي، سماج مان اهو گند ختم ڪرڻ تي پنهنجون توانايون ڇو نه ٿا خرچ ڪن، جيڪي ابن ڏاڏن کان مسلمان رهندڙ ماڻهن کي وري وري مسلمان بنائڻ لاءِ سندن زندگيون زهر ڪيون پيا آهن؟ ڇا اسان جي سماجي ٺيڪيدارن کي خبر ناهي ته سڄي ملڪ مان نوجوان سهڻين ڇوڪرين جي اسمگلنگ عرب ملڪن ۾ ڏانهن زور شور سان جاري آهي. اهي ڇوڪريون اُتي وڃي عربن جي گهرن ۾ ٿانوَ نه ملينديون آهن نه وري ٻُهاري ڏينديون آهن. اهي عربن جي عياشيءَ جي لاءِ جنسي رانديڪي (Sex Tool) طور ڪتب اچن ٿيون. عرب رياستن ۾ انهن ويچارين جي زندگي انتهائي ڀوائتي ۽ قابِل رحم ٿي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته عرب سڳورا ايڏا چڱا مڙس ناهن جو انهن ڇوڪرين کي نازڪ، نفيس ۽ ڪمزور صنف طور ڏسندا. بلڪه اهي بَدُو انهن ويچارين سان انتهائي وحشانيت وارو سلوڪ ڪن ٿا. هو پنهنجا خرچ ڪيل پيسا پورا ڪرڻ لاءِ مٿن تشدد ڪرڻ، کين ٻين همراهن حوالي ڪرڻ ۽ کانئن انسانيت کان انتهائي ڪِرِيل جنسي حرڪتون ڪرڻ کان به نه ٿا ڪيٻائن. کين ان ڳالهه جو چڱي طرح اندازو هوندو آهي ته هو مالڪ آهن، ان ڪري جيڪا سندن مرضي هوندي، اها پوري ڪرڻ بيوس ڪال گرل جو فرض آهي.

هائو، اهي اسان جي ملڪ جون “آرٽسٽ” عرب رياستن ۾ پنهنجي جنهن “فن” جو مظاهرو ڪرڻ وڃن ٿيون، اهي سندن تن کان شروع ٿي بدن تي ختم ٿئي ٿو. ان ۾ جماليات، آرٽ، حُسن ۽ رحم جو ڪو به دخل نه هوندو آهي.

هتي اسان جا ڪي سنگتي اهو سوال ڪري سگهن ٿا ته جيڪڏهن اهي ڇوريون ٻاهر وڃي اهڙين تعدين کي منهن ڏين ٿيون ته پوءِ ڇو ٿيون وڃن؟. هتي رهي ٿوري گهڻي گذر سفر وارو ڌنڌو ڪن، ڪنهن آفيس ۾ ملازمت ڪن.

سوال ڀلو آ، پر اسان جي حڪمرانن جي منهن ۾ ڌوڙ پوي، اهي اڄ تائين اهڙو نظام ۽ انتظام ڇو نه ڪري سگهيا آهن جو هر ماڻهو حلال جي روزي پنهنجي ملڪ ۾ رهي ڪمائي سگهي؟. ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ ڪا ڇوڪري پنهنجو جسم وڪڻڻ تي مجبور ڇو ٿئي ٿي؟ ڪير ٻڌائيندو؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو