Home / ڪور افيئر / لاپتا سياسي ڪارڪنن جي درد ڪٿا
above article banner

لاپتا سياسي ڪارڪنن جي درد ڪٿا

1947 ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ هڪ آزاد وطن هو .پاڪستان جي قيام لاءِ پهريون  ٺهراءُ پڻ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو.ورهاڱي بعد سنڌي هندو لوڪن جي قتل عام ۽ جبري لڏ پلاڻ بعد انهن جي بدلي ۾ ڀارت مان جيڪي اسان جا لکين مسلمان ڀائر پناهگير بڻجي نئين ملڪ ۾ بکيا،اگهاڙا،مطلوم ۽ مسڪين بڻجي ريل گاڏين ۾ چڙهي لاهور جي

 

واهگا بارڊر تان پنجابي مسلمانن جي ديس ۾ داخل ٿيا.تڏهن شاطر پنجابي مسلمانن پناهگيرن جي انهن گاڏين کي پنهنجي شهرن ۾ اهو چئي بيهڻ ئي نه ڏنو ته “پاڪستان آگي هي” اهڙي طرح اهي پنا هگير مسلمان ڀائر سڌا سنڌ جي هن امن واري ڌرتي تي ٻارين ٻچن اچي پهتا.پوءِ جي تاريخ سڀني جي اڳيان کليل ڪتاب جيئان آهي. انهن ڪالهه جي ڏتڙيل ،مسڪين ۽ مظلوم پناهگيرن پنهنجي محسن ميزبان سنڌين تي گذريل 65 سالنن ۾ ڪهڙا ويل وهايا اهي سندن ڪيل سمورا ڪلور به تاريخ جي رڪارڊ ۾ محفوظ آهن.

22 مئي تي جي دهشتگردن سرڪار جي سرپرستي ۾ ريلي تي چئني طرفن کان جديد هٿيارن جا منهن کولي گولين جو مينهن وسائي سنڌ ۾ جيڪا هڪ نئين ڪربلا جو مظاهرو ڪيو اهڙي بربريت جو ڪو مثال نٿو ملي . 22 مئي جي سانحي ۾ 14 سنڌ جا جيڪي جو ڌا ۽ جوڌيون شهيد ٿيون اهي سنڌ جا سورما ۽ سورميون آهن.جنهن ۾ ادي غزاله بتول سنڌ جي ويرين سان وڙهندي پنهنجي ڳاڙهي ريٽي رت سان سنڌ جي جيڪا نئن تاريخ لکي ويئي اها سنڌ جي آجپي جو اهڃاڻ بڻجندي  ۽ ڪروڙين سنڌي پنهنجي ان لافاني سورمي  غزاله بتول صديقي جي ڏنل عظيم قرباني کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا.22 مئي واري سانحي جو 23 مئي تي سنڌ ۾ سخت رد عمل 23 مئي جي ڦيٿا روڪ هڙتال ۾ سڄي سنڌ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين مڪمل طور تي بند هئي. 22 مئي جي ڪربلا ۽ قيامت وارو اهو ڏينهن ته ڏسو ان ڏينهن سڀ کان پهرين قومي اڳوڻ مظفر ڀٽو جو چچريل لاش حيدر آباد ۾ ڦٽو ڪيو ويو جنهن سان سڄي سنڌ ۾ غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي ويئي.هزارين قومي ڪارڪن رستن تي نڪري آيا.اڃا اهو احتجاج جاري هو ته شام جو ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي پر امن ريلي تي دهشتگردن حملو ڪري سنڌي نياڻين جو قتل عام ڪيو.هڪ ئي ڏينهن تي اهي ٻئي واقعا ڪيئن پيش آيا ؟ اها بنهه اهم ۽ سوچڻ جو ڳي  ڳالهه آهي .اهو ڪنهن به طرح سان اتفاق نه پر اڳواٽ سوچيل سمجهيل منصوبو ٿي سگهي ٿو.قومي اڳواڻ مظفر ڀٽو هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي کان گم هو.ان کي جي محبت سنڌ ريلي واري ڏينهن تي آخر ڇو شهيد ڪري حيدرآباد ۾ ڦٽو ڪيو ويو؟ مطلب ته شهيد مظفر ڀٽو جي قاتلن کي پڻ اڳواٽ ئي اها خبر هئي ته جي محبت سنڌ ريلي سان شام جو ڪراچي ۾ ڇا ٿيڻو آهي.؟ ان جو اهوئي مطلب آهي ته دهشتگرد اصل واڳ ڌڻين جي ئي اشارن تي هلن ٿا ۽ انهن جي ئي مرضي سان الڳ صوبي جو نعرو هڻي سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ چاهين ٿا.

سنڌ جي قومي اڳوڻن مظفر  ڀٽي کي هن ملڪ جا  ساگهارا ادارا کنڀي کڻي ويا هئا.جن کيس شهيد ڪري سندس چچريل لاش 22 مئي تي حيدر آباد ۾ ڦٽو ڪيو .اهي ملڪ ۽ قانون جا رکوالا جيڪي بلوچ ۽ سنڌي نوجوانن کي ڪهڙي ريت کنڀي کڻي وڃن ٿا کين عقوبتخانن ۾ ڪهڙيون اذيتون ڏيئي کين معذور ۽ شهيد ڪن ٿا.اهڙا واقعا بلوچستان کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ تمام گهڻا وڌي ويا آهن.بلوچستان ۾ هزارين ۽ سنڌ ۾ سوين نوجوان هيل تائين کنڀي گم ڪيا ويا آهن .جن مان گهڻن جا لاش چچريل لاش ملن ٿا يا سخت عوامي احتجاجن ۽ عدالتن جي دٻاءَ تي گم ڪيل ماڻهن مان جيڪي جيئري واپس مائٽن تائين پهچن ٿا. اهي به معذور بڻيل آهن جن مان هڪ مثال بدين جي هڪ نوجوان بشير آريسر جو آهي.جنهن تي ظالماڻي انداز سان ٽارچر ڪري سندس هڏ گڏ ڀڃي کيس ايترو ته معذور ڪيو ويو آهي جو اهو نوجوان ڳالهائڻ ۽ هلڻ جي به قابل ناهي.سندس ٻنهي پاسن جون ڄاڙيون ۽ ڏند ڏاٺون ظالمن ڀڇي ڇڏيون آهن.اهو ڳڀرو نوجوان هن وقت بستري تي جيئرو لاش بڻيل آهي.

سنڌ جي بي گناهه نوجوانن کي ڪهڙي طريقي سان اغوا ڪري عقوبت خانن ۾ انهن کي ڪهڙي ريت عذاب ۽ اذيتون ڏنيونوڃن ٿيو.اهڙي هڪ ڇرڪائيندڙ واقعي جا تفصيل اڄ اسين هتي مختصر طرح تي بيان ڪنداسين. ان واقعي جو تعلق بدين ضلعي سان آهي.

بدين شهر جو هڪ ساڃاهه وند جهونو پورهيت سماجي ڪارڪن ماما غلام حسين جمالي بدين ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي .انتهائي روشن خيال علم ۽ ادب دوست غلام حسين جمالي جي هڪ سڃاڻپ اها آهي ته هن پورهيت انسان پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري هن جي هڪ نياڻي ڊاڪٽر ،هڪ نياڻي اعليٰ تعليم يافته ۽ ٽي پٽ انجنيئر آهن.شايد اهو ئي هن جو سڀ کان وڏو ڏوهه آهي ته هڪ مسڪين پورهيت هئڻ جي باوجود هن پنهنجي نياڻين ۽ اولاد کي اعليٰ تعليم ڇو ڏياري ؟ هن ظالماڻي طبقاتي سماج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق فقط مٿئين طبقي جو آهي.ڪوبه غريب جيڪو اهڙي جرئت ۽ همت ڪندو ته ان جو حشر پڻ پورهيت غلام حسين جهڙو ٿيندو.غلام حسين جمالي ملڪي قانون کان بالاتر بڻيل اهلڪارن جي هن جي نوجوان بي گناهه پٽن سان ڪيل ظلم ۽ بربريت جي درد ناڪ ڪهاڻي بيان ڪندي “افيئر” کي ٻڌايو ته منهنجو هڪ پٽ انجنئير مشتاق جمالي عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ هڪ ڪمپني ۾ فيلب انجنيئر آهي .اهو پنهنجي ڳوٺ بدين ۾ موڪل تي آيل هو .پنهنجي موڪل ختم ٿيڻ بعد اهو واپس عراق وڃي رهيو هو.آئون  ۽ منهنجي گهرواري منهنجا ٽي پٽ بابر حسين ،انجنيئر،مشتاق۽ انجنيئر سلطان هڪ ڪار ۾ سوار ٿي حيدر آباد شهر ۾ مشتاق کي الوداع ڪرڻ لاءِ ويل هئاسين .بابر حسين گاڏي هلائي رهيو هو.اها تاريخ 8 ڊسمبر 2011 ع ۽ وقت رات جو 9 وڳي جو هو.اسين حيدرآباد شهر جي هڪ سي اين جي اسٽيشنن المدينه مان پنهنجي گاڏي ۾ سي اين جي ڀرائ رهيا هئاسين ايتري ۾ اوچتو هڪ پوليس موبائل گاڏي آئي جنهن ۾ اٽڪل ڏهه پوليس اهلڪار ويٺل هئا.جيڪي گاڏي مان لهندي بابر حسين تي چڙهي ويا.هنن  اسانجي اکين اڳيان بابرتي سخت تشدد ڪري ان کي کنڀي کڻي ويا.مون فون رستي حيدرآباد جي هڪ وڪيل نور احمد ميمڻ  کي سڄي ماجرا ٻڌائي،جيڪو بروقت واردات واري جاءِ تي پهتو.آئون وڪيل سان گڏجي هٽڙي پوليس اسٽيشن تي پهتس ايس ايڇ او ٿاڻي تي موجود نه هو.اتان اسين وري سينٽرل جيل حيدرآباد لڳ سي آءِ اي سينٽر جي ٿاڻي تي پهتاسين ،اتي به ڪو اهلڪار موجود نه هو. بابر کي کنڀي کڻي ويندڙ اهلڪار اسان جي گاڏي جون چاٻيون پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا.ويچاري وڪيل نور احمد ميمڻ ڀلائي ڪري اسان کي گاڏي جي نئين چاٻي ٺهرائي ڏني.غلام حسين ٻڌائي ٿو ته ٻئي ڏينهن 9 ڊسمبر تي هٽڙي پوليس ٿاڻي تي بابر جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ويس پر ايس ايڇ او انڪار ڪيو.13 ڊسمبر 2011 تي غلام حسين جمالي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پنهنجي وڪيل نور احمد ميمڻ جي معرفت بابر حسين جي اغوا خلاف اپيل داخل ڪرائي ان وقت جي آرپي او ثناءُالله عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ته اغوا ٿيل نوجوان بابرحسين جمالي سنڌ پوليس جي تحويل ۾ نه آهي.انهن وقت جي حيدرآباد جي  اي ايس پي ملڪ ظفر اقبال غلام حسين کي چيو ته توهان ڀلي بابر حسين جي اغوا جي ايف آءِ آر هٽڙي پوليس ٿاڻي تي داخل ڪرايو .ان پوليس اهلڪار جي چوڻ تي به ايس ايڇ او هٽڙي بابر جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي. غلام حسين جمالي سنڌ جي ناليواري ايماندار پوليس آفيسر ثناءُالله عباسي جيڪو ان وقت حيدر آباد ڊويزن جو آر پي او هو ۽ هاڻي پڻ ڊي آءِ جي حيدر آباد آهي.ان جي متعلق “افيئر” کي ٻڌايو ته مون پنهنجي ٻچڙي جي بازيابي لاءِ ثناءُ الله عباسي سان ڏهاڪو کن ملاقاتون ڪيون هن منهنجي ڪا به واهر نه ڪئي .فقط  دلاسا ڏيندو رهيو.ايتري قدر جو هن هٽڙي ٿاڻي تي بابر جي اغوا جي  ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو به ايس ايڇ او کي حڪم نه ڏنو .بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هٽڙي ٿاڻي تي تاريخ 6 مارچ 2012 تي غلام حسين جمالي پنهنجي پٽ بابر حسين جمالي جي اغوا جي ايف آءِ آر نمبر 54 داخل ڪرائي جنهن ۾ سي آءِ اي سينٽر حيدر آباد جي انچارج انسپيڪٽر ذوالفقار آرائين ۽ سب انسپيڪٽر اعجاز چانڊيو کي اغوا ۾ نامزد ڪيويو.بابر جي اغوا جي ايف آءِ ار داخل ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي ڪو به تحرڪ نه ورتو .جڏهن تهs s p اسد رضا، غلام حسين کي ٻڌايو ته توهان جو پٽ سگهارن ادارن وٽ وٽ آهي .ڪجهه ڏينهن ۾ توهان کي ملي ويندو.غلام حسين ٻڌايو ته چند ڏينهن بعد آئون وري ان ايس ايس پي سان مليس جيڪو پنهنجي اڳوڻي چيل ڳالهه تان ڦري ويو ! هن چيو ته مون اهو ڪڏهن چيو هو ته توکي تنهنجو ڇوڪرو جلدي ملي ويندو؟ غلام حسين جمالي “افيئر” کي ٻڏايو ته سي آءِ اي پوليس حيدرآباد جي انچارج ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد کيس خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏياري موڪليون.جنهن ۾ هن چيو ته تون  اسان خلاف داخل ڪرايل اغوان جي آيف آءِ آڙ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ اپيل تان جيڪڏهن تڪڙو هٿ نه کنيو  ته آئون توسان اهڙو حشر ڪندس جو تنهنجا پويان نسل ياد ڪندا.غلام حسين ٻڌائي ٿو ته سي آءِ اي انسپيڪٽر ذوالفقار آرائين کيس اهڙي ڌمڪي 15 اپريل 2012 تي ڏياري موڪلي ۽ 17 اپريل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ داخل ڪرايل اپيل جي تاريخ هئي جنهن ڏينهن فريادي غلام حسين ڪورٽ ۾ پيش ٿيو .غلام حسين ڪورٽ ۾ ئي موجود هو ته مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگرد ۽ سندس پٽ انجينئر اياز حسين جمالي جو فون آيو ته بابا توهان ڪٿي آهيو ؟ غلام حسين ٻڌايو ته آئون ڪورٽ ۾ موجود آهيان .اياز کيس چيو ته آئون ڪورٽ ۾ اوهان سان ملڻ اچان ٿو .ايتري ۾ غلام حسين کي ڪورٽ مان نئين تاريخ ملي ويئي ۽ هو ڪورٽ کان نڪري ڊي آءِ جي آفيس ۾ پهتو .ايتري ۾ وري اياز جي فون آئي ته بابا آئون ڪورٽ ۾ پهتو آهيان اوهين ڪٿي آهيو؟ غلام حسين کيس ٻڌايو ته ڪورٽ مان نئين تاريخ ملي ويئي آهي .آئون هن وقت ڊي آءِ جي جي آفيس ۾ موجود آهيان .توهان اتي اچو ،اياز نه پهتو ۽ سندس فون به نه آئي. ڊي آءِ جي سان ملاقات به ٿي نه سگهي .شام جو 6 وڳي ڌاري منهنجي پٽ الطاف ٽنڊي ڄام مان فون ڪئي ته اياز ڪٿي آهي ؟ مون چيو ته مون کي خبر ناهي. 15 منٽ بعد وري الطاف فون ڪئي ته اياز گم آهي، ان جي فون پڻ بند آهي. الطاف چيو ته آئون حيدرآباد پيو اچان رات جو 10 وڳي ڌاري الطاف حيدر چونڪ حيدرآباد تي ايازجي ڪن شاگرد دوستن سان گڏ بيٺل هو جتي غلام حسين به اچي پهتو. الطاف غلام حسين کي ٻڌايو ته اياز جي ڪنهن دوست جي فون آئي آهي ته اياز جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي.اهو ڀٽائي اسپتال لطيف آباد ۾ داخل آهي.غلام حسين الطاف ۽ اياز جا دوست ڀٽائي اسپتال تي پهتا ته وري الطاف کي فون آئي ته اياز جي ملم پٽي ٿي وئي آهي، هاڻ اهو لطيف آباد ۾ فلاڻي هوٽل تي ماني پيو کائي.غلام حسين وارا ان هوٽل تي پهتا ته وري الطاف کي فون آئي ته اياز منان هوٽل ۾ آهي اهي ان هوٽل تي پهتا ته وري فون آئي ته اياز قلندري  هوٽل تي آهي .اهي ان هوٽل تي ويا ته اتي به اياز موجود نه هو. اهڙي طرح فونن تي ڪي پرارسرار ماڻهو غلام حسين ۽ ان جي پٽ الطاف کي سڄي رات حيدر آباد ۾ رلائي پريشان ڪندارهيا  پر اياز گم ٿي ويو.الطاف ۽ اياز جي جن دوستن کي اهي پراسرار فونون جنهن نمبر تان ٿي رهيون  هيون ان نمبر جي سم شفقت الله ولد حبيب پنهور ڳوٺ پيارو ڳوٺ تعلقه دادو جي نالي سان اجسٽرڊ ٿيل آهي.سڃاڻپ ڪارڊ ۾ انجي ڄمار 21 سال آهي رجسٽرڊ فونن جي ڊيٽا بيس مان غلام حسين وارن کي اها پڻ ڄاڻ ملي ته دادو ضعلي سان تعلق رکندڙ مٿئين نالي واري نوجوان جي نالي سان 13 مختلف موبائيل نيٽ ورڪ جون سمون رجسٽرڊ ٿيل آهن ۽ مزڪوره نوجوان جو ڳوٺ ۽ حيدرآباد جي سي آءِ انسپيڪٽر ذوالفقار آرائين جنهن پهرين بابر حسين جمالي کي اغوا ڪري گم ڪيو جنهن خلاف غلام حسين بابر جي اغوا جي ايف آءِ آر ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي جنهن تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ سي آءِ اي اهلڪار جو ڳوٺ پڻ ساڳيو پيارو ،تعلقه دادو آهي ان جي موبائيل نمبر تان فونون وري اياز جي جنهن دوست کي اچي رهيو ن هيون جيڪو نوجوان پڻ پوليس ۽ خفيا ايجنسين جو مخبر بڻجي اياز جي والد ۽ ان جي ڀائرن کي سڄي رات حيدر آباد ۾ رلائي پريشان ڪري رهيو هو.

بد قسمتي سان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نوجوان جو تعلق پڻ بدين ضلعي سان آهي.17 پريل 2012  تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان کنڀي ويل غلام حسين جي ٻئي پٽ انجنيئر اياز حسين جمالي جي واقعي بعد غلام حسين کي پورو يقين آهي ته بدين ضلعي جي ان نوجوان ۽ دادو ضلعي جي شفقت الله پنهور سميت سنڌ جي سياسي پارٽين جي مختلف ڌڙن ۾ شامل ڪيترائي ڪارڪن پوليس ۽ سگهارن ادارن جا مخبر بڻيل آهن.جيڪي پنهجي ديس جي بي گناهه نوجوان کي کڻائي گم ڪرائين ٿا..جن جا بعد ۾ لاش ملن ٿا.

غلام حسين جيڪو پنهجي هڪ پٽ بابر کي ظالمن کان بازياب ڪرائڻ لاءِ  جاکوڙي رهيو هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان سندس ٻيو پٽ اياز کنڀجي ويو.غلام حسين کي پڪ آهي ته سندس ٻنهي پٽن کي سي آءِ اي انسپيڪٽر ذوالفقار آرائين ۽ سب انسپيڪٽر اعجاز چانڊيو اغوا ڪري گم ڪيو .جنهن بعد ۾ انهن کي سگهارن ادارن جي حوالي ڪيو.هن کي اهو پڻ يقين آهي ته نه فقط مزڪوره سي آءِ اي انسپيڪٽر ادارن جو ماڻهو آهي پر سنڌ پوليس جا ڪيترائي اهلڪار انهن ادارن وٽ وڪاميل آهن.پنهنجي ٻئي پٽ جي جي ايف آءِ آر پڻ سي آءِ اي انسپيڪٽر ذوالفقار آرائين ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.پنهنجي ٻئي پٽ اياز جي گم ٿيڻ بعد غلام حسين سندس گهر واري ۽ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان بدين ۾ سخت احتجاججي مظاهرا ڪرڻ بعد ايوان صحافت بدين اڳيان بک هڙتالن جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو جيڪو ويهه ڏينهن  لاڳيتو هليو ايتري ۾ 17 مئي 2012 تي رات جو ڳجهن ادارن جا  اهلڪار غلام حسين جي هڪ پٽ بابر حسين جمالي کي ضلعي ٺٽي جي شهر گهارو ۽ گجو جي وچ ۾ جيئرو ڦٽو ڪري ويا.جنهنجي جي ڏاڙهي مٿي جا وار ايترا ته وڌيل هئا جو گهر جو ڪوبه ماڻهو پري کيس سڄاڻيي نه سگهيو .بابر جمالي “افيئر” کي ٻڌايو ته 15 مهينن تائين کيس اکين تي پٽيون ٻڌل هيون  هٿن ۽ پيرن ڪڙيون لڳل هيون کيس نماز پڙهڻ وقت به هٿڪڙيون لڳل هونديون هيون هن سان جانورن کان به بدترين سلوڪ ڪيو ويو .اڃن بکن ۾ پاهه ڪري ٽارچر سيلن ۾ کيس اذيتون ڏنيون وينديون هيون 15 مهينن جي قيد دوران هن جي ڪڏهن به شيو نه ڪرائي وئي .هن کان قومپرست اڳواڻن بابت پڇا ڪئي ويندي هئي جن سان هن جو ڪوبه تعلق ناهي . غلام حسين جو کنڀيل ٻيو پٽ اياز اڃا تائين قيد ۾ آهي سندس گهر ۾ ماتم متل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو