Home / افيئر / ليڊر شپ جو ڪال : عرب ڪيس
above article banner

ليڊر شپ جو ڪال : عرب ڪيس

 

منهن جي آڏو هيرالڊ ٽربيون ۾ ٿامس فرائڊ مين جو 7مئي وارو ڪالم پيو آهي، خواهش اٿم ته ان مختصر لکڻيءَ ۾ تحرير ڪيل ويچار پڙهندڙن تائين اثرائتي نموني پهچائي وڃان. “ سچ ڪير ڳالهائيندو؟”  عنوان ڏنو اٿائين ،۽ پاڻ اهي سٽون دبئي ۾ ترسڻ دوران لکي موڪليائين. ڪالم جي پهرين پئرا جو ترجمو هن ريت آهي ڀونچال مان گذريل عرب دنيا ۾ سفر ڪندي جنهن لقاءَ مون کي ڇرڪائي ڇڏيو سو اهو ته ٻرندڙ جبل جهڙي صورتحال بعد بنهه ٿورڙا ارواح آهن جيڪي ماڻهن جي راهنمائي ڪرڻ لاءِ اسري آيا آهن. آتم جي رڳو اليڪشن کٽي سگهن نه. اهي جن کي ليڊر چئي سگهجي. عورتون ۽ مرد، سچ پچ اهڙا جيڪي اڳواڻيءَ جي اهل هجن.خلق کي حقيقتون ٻڌائي سگهن . پنهنجي پنهنجي سماج کي اڳڀرو وٺي وڃڻ لاءِ ضروري اتحاد. جوڙي وٺن- هتي قاريءَ جي فڪر ڪاڻ ٻه لفظ ڇڏجن ٿا. ليڊر ۽ اتحاد .فرائيڊمين کي سمجهڻ جي سئي ٿا ڪريون – ان مامري تي عرب دوستن سان گفتگو ڪندي خيال آيم ته پاڻ واري ملڪ آمريڪا ۾ پڻ ساڳيو مسئلو آهي، سموري ڌرتي ليڊر شپ جي کوٽ جو شڪار آهي، عرب دنيا ۾ ته اهو ڪال وڌيڪ شدت سان محسوس ٿو ٿئي. تاريخ جي اڄوڪي موڙ تي، ڊگهي ننڊ مان سجاڳي ماڻيندڙ انهيءَ لوڪ کي صدام کان جئفرسن تائين جو ڊگهو پنڌ هڪڙي سٽ ۾ ڪرڻو آهي. ان ريت جو ڪنهن خمينيءَ جي  ور نه چڙهن، عرب جاڳرتا آخرڪار نئين قيادت ڇو پئدا نه ڪري سگهي؟ ڇاڪاڻ جو اڃا تائين مصر ۽ يمن ۾ چونڊن جا مرحلا ختم نه ٿيا آهن يا وري لبيا ۽ شام جهڙن ملڪن ۾ اليڪشن جو ماحول ئي  ناهي جڙيو؟ فني  وضاحتون آهن. گهرائيءَ ۾ وڃبو ته الاهي ٻيا عنصر ملندا، تنهن قسم جي معاشرن ڏانهن نهاربو ته کڏ جي تري ۾ پيل ملندا. کين ڪير ٻڌائيندو ته سندن ڪيترو وقت ضايع  ٿي چڪو آهي؟ پوئين پنجاهه سالن ۾ آمريت ان خطي کي ڪيئن لتاڙيو آهي، ڪوئي آهي جو ڏسين؟


آمريت چڱي حاڪميت نه آهي. تڏهن پڻ اوڀر ايشيا جي رياستن اتر ڪوريا ۽ تائيوان کي آڏو رکڻو پوندو. اتان جي آمريت ايڪانامي کي پختو ۽ عوام کي سئو سيڪڙو تعليم مهيا ڪرڻ ۾ سڦل وئي آهي. ايئن وٽن وڏي انگ ۾ مڊل ڪلاس جنم ورتو جيڪو انهن پرڳڻن منجهه ڊڪٽيٽرشپ کان جمهوريت طرف سفر کي سولو ڪري رهيو آهي. عرب آمريت جي کاتي ۾ ڪوبه ڪارنامو ناهي. ان هڪڙي خاص ۽ مختصر طبقي لاءِ تونگري ۽ سهنجايون آنديون. باقي لوڪ کي اسرائيل، ايران ۽ ناصري فڪر سان ٽڪراءَ  ۽ الجهاءَ ۾ رکيو. ۽ هاڻ جڏهن ڊڪٽيٽرشپ جي تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي ، مذهبي  ڌريون سامهون آيل خال کي ڀرڻ جي ڪوشس ۾ مصروف ملن ٿيون.  ماڻهن کي ڪير ٻڌائي ته ايمان شاندار جذبو آهي پر اهو هاڻوڪي زماني ۾ عرب دنيا جي اوسر لاءِ مناسب اوزار ناهي؟ رياضي ڏانهن ورڻو پوندن، آپي شاهي ان طرح جي اڌمن مان طاقت حاصل ڪري ٿي. انڌي ويساهه کي ڪيئن به استعمال ڪري وٺجي ٿو. ايران، خميني وٽ ترسڻ جهڙي عياشي ڪري ته  سمجهه ۾ اچي. متضاد شيون خريدڻ خاطر وٽس تيل آهي. ساڳي ڳالهه سعودي عرب لاءِ چئو . مصر ۽ تيونس وٽ ته بلڪل گهٽ آئل آهي ۽ آءِ ايم ايف  جو قرض. انهن رياستن جا اڀرندڙ مذهبي اڳواڻ مجبور ٿيندا ته پبلڪ جون رعايتون گهٽائين ۽ ٽيڪس جي اوڳاڙي وڌائين. هنن سدائين عوام کي ڏنو آهي، وٺڻ سکيوئي نه اٿن، ڇا ڪندا؟

واءُ سواءُ جي هن مرحلي تي ٽي اکر “ دير“ ياد رکڻ کپن. فرائڊمين اڳتي وڌي ٿو- گذريل ٻن ڏهاڪن دوران عربن جو ناڻي واد ورتاءُ ڪرپٽ شڪل ۾ رهيو . مطلب اهو ناهي ته هو ٻيهر “ عرب سوشلزم” طرف موٽ کائين. کين بهتر سرمائيداراڻي نظام ڏانهن وڃڻو پوندو. مارڪيٽ ايڪانامي ۽ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪاڻ لازمي قدم کڻڻا پوندا. قانون جي حڪمراني ۽ احتساب جا قائدا اپنائڻ کانسواءِ ايئن ڪونه ٿي سگهندو. عرب نوجوانن کي ڪوئي ٻڌائي ته وٽن ساڳيون صلاحيتون آهن جيئن ڪنهن ٻئي علائقي جي جوان مڙسن ۽ ڇوڪرين ۾ هجن ٿيون. ڪو اٿي ۽ ڏسين ته اولهه ۾ پڻ بغاءَ جي مند آهي، اتان جا نوجوان پر تعليم ۽ فني سکيا ورتل آهن ۽ ڪنهن به خانگي اداري ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري ٿا سگهن. عرب جواني کوڙ پوئتي  آهي، آسان سرڪاري نوڪرين جو دور ويو هليو. خلق کي گهگهه اونداهه مان نڪرڻ لاءِ ليڊر شپ کپندي آهي.نه وسارڻ گهرجي ته شام، بحرين ۽ عراق ۾ شيعا –سني تضاد آهي. اردن ۾ بدو- فلسطيني ۽ مصر ۾ مسلم – عيسائي ٽڪراءَ ان طرح جي فرقي بندي عرب قومي قيادت جي اڀار کي روڪيو بيٺي آهي. نيلسن منڊيلا ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر پاران سرواڻ مٿي اچڻ ئي نه ٿي ڏئي. ڄاڻايل سطح جي ليڊر شپ کانسواءِ اهي سڀ وڏا ۽ مشڪل ڪم اڻ ٿيڻا آهن جن جي اڄوڪي عرب دنيا کي گهرج آهي. اتي مڙني قسمن جا وهنوار ديو جيڏا ۽ ڏکيا ٿي چڪا آهن. لوڪ کي ڪير سڻائي ته عرب معاشري وٽ وڃائڻ لاءِ وقت ناهي بچيو؟ کين ڌرمي بنيادن تي اختيار ڪيل وڇوٽيون ختم ڪرڻيون پونديون. تنهن کان اڳ جو پاڻ ۾ وڙهي، ٽوٽا ٽڪرا ٿي اچرج ۾ وجهندڙ انجام پائين، سهپ، منهجائن تيزي سان الوپ ٿي رهي آهي، نوان خيال، ويچار وٽن جاءِ والاري نه پيا سگهن، ڏاجا اچن،وچ  ويهي سچ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي ريت وجهن. رهبر کپن جي مشڪل فيصلا ڪرڻ جي اهليت رکندا هجن.

مراڪش، اردن ۽ گڏيل عرب امارتن منجهه شهزادن جي هاڻوڪي پود، حڪمران ڪڙم جا نوجوان چاهين ته عوام جو ڀلو ڪري سگهن ٿا. پڙهيل ڳڙهيل ۽ نئين زماني  جي ضرورتن  کان واقف . تازو هڪ سروي موجب عرب  جوانيءَ جي  اڪثريت خواهش ڏيکاري ته اهي نار جي سڌريل شهرن دبئي ۽ اومان ۾ ترسڻ کي اوليت ڏيندا، اوهان ڏٺو ته ابو ظهبي بنهه نرالي وسندي آهي ۽ اها تبديلي  شهزادن جي اولهه کان تاثر وٺي سندي پرڳڻن کي ترقي کان آشنا ڪرائڻ جي ڪوششن جو ڀاڱو آهي…. ليڊر شپ کي اهميت حاصل آهي. تعليمي ماهر ٻڌائين ٿا ته ڏڏ استاد جي ڪلاس ۾ لڳاتار ٽي ورهيه گذارڻ جي معنيٰ آهي شاگردن جي حياتي وڃائڻ. ڪنهن لائق ٽيچر جي هڪ سال جي تربيت کٿابين کي اڳتي ڌڪو ڏيڻ لاءِ ڪافي هجي ٿي. ساڳي ڳالهه اڳواڻن لاءِ چئو. مصر، يمن، تيونس، لبيا ۽ شام مان آمريت کي تڙي ڪڍڻ ضروري آهي. اهو گنج ناهي، عرب معاشري کي نه فقط آپي شاهي جي مدي خارج متن کان جان آجي ڪرائڻي پوندي پر کين نڪور سماجي جوڙجڪ جي به گهرج آهي. نئين قيادت جنم وٺي جا هنن کي اگرا سچ سڻائي. ٻيهر اڏاوت ڪارڻي نوان اتحاد جوڙي ۽ ڇوٽڪاري جي خواب جي حقيقي ساڀيان ماڻڻ طرف لوڪ کي وٺي وڃڻ جي سگهه رکندڙ هجي. وچ اوڀر ۾ ايئن نه ٿي رهيو آهي. ڪوئي ناهي جو خلق کي  اها سچائي ٻڌائي.

مختصر تبصررو ته اڄوڪي سنڌ کي آڏو رکي پاڻ هن همراهه جي فڪر تي ويچاريون، اسان وت پڻ ساڳيو مامرو آهي. باقي جهان وانگر ليڊر شپ جو ڪال. مشڪل، خفا ۽ وقت جو نه هجڻ. اگريون سچايون ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت جي کوٽ. فرائڊمين جي مٿي ڄاڻايل جملن ڏانهن ڌيان ڌرجي ته چڱو ٿيندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو