Home / ڪور افيئر / محبت سنڌ ريلي تي گهات هڻندڙ اڃا آجا
above article banner

محبت سنڌ ريلي تي گهات هڻندڙ اڃا آجا

اُهي ڪيهون شايد ڪڏهن وسري نه سگهن جن کان پهرين منهنجي ڪنن سنڌ جي وحدت جي حق ۾ جذباتي نعرا ٻڌا هئا. لياري جي فٽبال اسٽيڊيم کان لي مارڪيٽ تائين سڀ ٺيڪ هو،ريلي کي ايازلطيف پليجو يا عزير بلوچ ليڊ نه ڪري رهيا هئا.پوليس ۽ ڪجهه نوجوان رستا ڪليئر ڪرائيندا ٿي ويا.روڊن تي معمول مطابق ٽريفڪ هئي.لي مارڪيٽ ۾ عام ڏينهن جيان رش هئي.ڪافي دڪاندار ن ۽ گاڏي وارن کي به خبر هئي ته ريلي نڪرندي پر ڪو خوف نه هو.لياري مان ريلي ٿي نڪري.بلوچ ۽ سنڌي گڏ آهن.ڊپ ۽ خوف ڇا جو ؟ سڀ “جيئي سنڌ جيئي،سنڌ وارا جيئن ” جي نعرن ۾ گم لياري واسين کان سواءِ سڀ ڳلين ۽ رستن کان اڻواقف .حملي جي جاءِ کان پوئتي صرف ڳاڙها ،ڪارا جهنڊا ئي جهنڊا ٿي نطر آيا.

“مرويسون سنڌ نه ڏيسون” صرف لي مارڪيٽ چوڪ تائين قابل قبول نعرا هيا.اچانڪ ۽ بي انتهائي هوائي فائرنگ ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ سڌا فائر نيپئر روڊ ڏسندي ئي ڏسندي پهرين ڳاڙهو ۽ پوءِ ڪارو ٿي ويو.انتهائي اعتماد سان حملو ڪيو ويو.نه ته موٽ ۾ هڪ ٻه حملي آور گهٽ ۾ گهٽ زخمي ته ٿين ها.تقريبن شام چار بجي حملو ٿيو ۽ 90 منٽن کان پوءِ نيئپر روڊ تي باهه جا شعلا هئا.اهو ري ايڪشن حملي واري جاءِ کان ڪجهه مفاصلي تي هيو.لاش ۽ زخمي پوليس جي انتظار ۾ هئا پر انهن کان صرف 5 منٽ اڳ ايڌي جون گاڏيون همت ڪري زخمين ۽ لاشن کي کڻڻ لاءِ پهتيون. نه بلوچن کي ۽ نه وري سنڌين کي اها پڪ هئي ته گهڻا بهادر ۽ پرامن شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.


جيڪي واقف هئا يا لي مارڪيٽ جي طرف هئا. اهي عزير بلوچ ۽ ظفر بلوچ وارن سان گڏ انهيءَ پاسي روانا ٿي ويا .باقي اياز لطيف پليجو،عبدالحئي بلوچ،ماروي ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن سميت ايم  اي جناح روڊ تي ڊينسوهال وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ ليڊر شپ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا هئي.جڏهن ته اتي موجود بلوچ بي انتها ڪاوڙ ۾ هئا.انهن مان هڪ جيڪو شايد پيشي جي لحاظ کان مڪينڪ هيو انهيءَ جي حالت ڏسي لڳو ٿي ته لياري جي بلوچن کي ايم ڪيو ايم ۽ اردو ڳالهائيندڙن تي تمام گهڻي ڪاوڙ هئي.چوي پيو ته “يه ڪيا چاهتي هين ؟ يه لوگ پهلي وردي پهن ڪر مار رهي ٿي اب وردي ڪي بغير ”هڪ بند دڪان جي دروازي تي مٿو هڻندڙ    انهيءَ  بلوچ عورت سان خبر ناهي ته ڇا وهيو  واپريو پر هن هڪدم بلوچي ۾ پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا.ڪي چون ته هاڻ مهاجرن کي نه ڇڏينداسين ته ڪي چون  ته هي ملڪ شايد هُنن جو ناهي .

هي مهاجر صوبي جي خلاف سنڌين ۽ بلوچن جي پهرين قرباني هئي جنهن ۾ غزاله صديقي کان آمنه پليجو ۽ ستار انڙ کان سرور بلوچ تائين انهيءَ ڏوهه جي سزا ڏني ويئي جنهن لاءِ 5 ڪروڙ سنڌي قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهن .وال چاڪنگ،سائن بورڊز،پريس ڪانفرنسن،ٽي وي شوز ۽ مظاهرن کان پوءِ اهو پهريون رد عمل هيو.شايد اها قرباني جي شروعات هئي.پر ايتري وڏي سانحي کان پوءِ به ڪو ري ايڪشن ڪراچي ۾ نظر نه آيو. جيڪي ڪجهه گاڏيون سڙيون ته اهي ضروري ناهي ته سنڌين يا بلوچن جي جذباتي حرڪت هجي .پوليس جاسوين اهلڪار آءِ آءِ چندريگر روڊ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين موجود هئا.مگر محال آهي جو انهن ٻه قدم اڳتي وڌي منتظمين کان پڇيو هجي. مون کي انتها ئي حيرت لڳي جڏهن ايس پي علي کي سخت لهجي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سان ڳالهائندي ڏٺم.جيڪو تقريبن هڪ هزار ميٽر ريڊ زون کان پري ريلي کي روڪيو بيٺو هو.ريلي ڇا هئي فقط سو يا ٻه سو هٿين خالي ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل ڪارڪن! اهو ساڳيو ئي پوليس جو آفيسر هيو جنهن مهاجر صوبي جي ريلي کي ريڊزون جي آخري لائن تائين اچڻ به ڏنو ته مهاجر صوبا تحريڪ جي پهرين منظم مظاهري کي نه روڪيو! پڇو مانس ته تو مهاجرن کي ڇو نه روڪيو؟ ۽ انهن مظاهرين کي به ڇونه روڪيو جيڪي سنڌ اسيمبلي جي بلڪل ويجهوپهچي چڪاهئا جڏهن ته تو وٽ ان وقت ايتري فورس به نه هئي ؟ چيائين وه بهت بااخلاق ٿي .اور وه ريڊ زون ڪڇي ڪراس نهين ڪرتي.انهيءَ جواب، لهجي ۽ ٻولي مونکي ته لا جواب ڪري ڇڏيو. ڇو نه ڪري جو سنڌي ۽ بلوچ ملڪ بچائڻ نڪتا هئا۽ بااخلاق ملڪ ٽوڙڻ !!! سنڌ ٽوڙڻ جي شروعات ڪڏهن ٿي آهي انهيءَ جو پتو لڳائڻ سو لو ڪم ناهي پر اهو پيغام اسان تائين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا قرآن مٿي تي رکي ٻڌايو هو ته پنهنجي زندگيءَ جي وڏي قرباني ڏئي سنڌلاءِ جهاد لا ءِ نڪتو آهي ۽ چوي ته ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۾ شامل آهي.ايئن هو سنڌين جي دلين ۾ هڪ منفرد ڪردار جي جاءِ والارڻ ۾  ڪامياب ٿي ويو.پوءِ ڇاٿيو؟ هو چپ ٿي ويو، گم ٿي ويو،مون کي لڳو ته ڊاڪٽر مرزا کان شروعات ڪرائي ويئي هئي.هو سازش جي خبر پوڻ تي جنگ جو ٽي بيهي رهيو مگر مهاجر صوباتحريڪ جي هيڏي وڏي موومينٽ تي هڪ لفظ به نٿو ڪڇي سگهي؟؟؟ يه ماجرا ڪڇ اور هي..

ري ايڪشن ڊاڪٽر مرزا جي بيانن کان پوءِ به نڪتو ۽ ري ايڪشن ريلي تي حملي کان پوءِ به پهرين ري ايڪشن ۾ شهر بند ڪرايو ويو.50 کان مٿي گاڏيون ساڙيون ويون ۽ ڪيترائي معصوم ماڻهو يا ته ماريا ويا يا زخمي ڪيا ويا.مري ويلن مان ڪنهن جو به تعلق ڊاڪٽر مرزا سان نه .ٻئي ري ايڪشن ۾ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويئي.ڪا گاڏي نه سڙي،ڪنهن بي گناهه کي نه ماريو ويو،جڏهن ته اهو ڪرڻ انتهائي سو لو هيو جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نه صرف اردو ڳالهائيندڙ رهن ٿا بلڪه متحده جا يونٽس به کليل آهن.اردو ڳالهائيندڙن جا سڀ علائقا ڪراچي کان مير پور خاص تائين سنڌين ۽ بلوچن جي گهيري ۾ آهن.هڪ سينيئر صحافي چيو ته تم سنڌيون ۾ ٽپڙ نهين، چيو مانس ته هزارن سالن جي تهذيب کي 35 سالن تي قربان ڪري ڇڏيون ؟ ري ايڪشن اهو به نڪتو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 23 مئي کان سوين مسيجز هلندا رهيا .نه صرف سنڌ بلڪه ملڪ کان ٻاهر ويٺل سنڌي به ريلي تي حملي جي نه صرف مذمت ڪندا رهيا بلڪه هڪ آواز ٿي وطن لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار نظر آيا.ايڪشن اهو به سامهون آيو ته هر جاءِ تي سنڌي هڪ ٻي کي سمجهائيندا به رهيا ته گهڻو جذباتي ٿيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ دشمن جي وڇايل ڄار کان پاڻ  کي محفوظ رکيو وڃي.سنڌ متحد ٿي ويئي، 22 مئي جي قرباني گهڻين ئي ڌرين  کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻا سي وسري.

حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو.

سنڌ جو باشعور ۽ سياسي چالاڪين کي سمجهندڙ طبقو انهي رتو ڇاڻ ۽ سنڌي کي ٽوڙڻ جي سازش جو پهريون ذميوار پيپلز پارٽي ۽ پوءِ متحده کي سمجهي ٿو، ڇو نه سمجهي جو پيپلز پارٽتي کي بيگناهه ماڻهن جي قتل کان وڌي سڙي ويلن موٽر سائيڪلن جي پريشاني هئي ڇو نه سمجهي جو ريڊ زون کي بچائڻ وڌيڪ ضروري هيو.معصوم ماڻهن کان ! ڇو نه سمجهي جو چيو وڃي ته ٺٽي مان دهشتگرد ڪراچي ڪيئن پهتا ؟ جي انڪوائري ڪرائي ويندي !! جيڪڏهن ريلي جي اجازت نه ورتي ويئي هئي ته ڪنٽينرز رکي روڊ ڇو بلاڪ ڪيا ويا ۽ فٽ بال اسٽيڊيم کان پريس ڪلب تائين فورس ڇو بيهاري ويئي؟ ڇو بروقت اپاءُ نه ورتا ويا جو اهو دهشتگرد گروهه گرفتار ڪري بي نقاب ڪيو وڃي ؟ حملي کان پوءِ حڪومت جي روش عجيب رهي آهي.جنهن جو خون وهايو ويو انهن ڏانهن ڪو لڙي نه ويو ۽ ڪو انصاف جو آسرو يا آٿت نه ڏني ويئي بلڪه لنڊن ياترا ڪري مفاهمتي پاليسي کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو .ٿي ته نائن زيرو تي به ڏاڍي هئي جڏهن سينيئر منسٽرس جي ٽيم اتي پهتي ۽ آڌر ڀاءُ ۽ ڳالهائڻ لاءِ رضا هارون هيو !!! محسوس ته انهن کي ٿيڻ گهرجي جيڪي پنهنجن ماڻهن ۽ ڌرتي جو فڪر ڪن .انهن کي ته نه لهر نه لوڏو .عزت جي خبر نه سياست جي صرف   ڪرسي ئي ته بچائڻي آهي.

سنڌ جا ماڻهو ڇو نه حيران ٿين ۽ ڪاور جو صرف اظهار ڪن ته 22 مئي کان  ٺيڪ 3  ڏينهن بعد قاضي احمد ويجهو بس تي حملي کان پوءِ سوين سياسي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا ۽ گهڻا ئي گم ڪياويا.22 مئي سانحي کان بعد ڪنهن به ڌر جا گهڻا ماڻهو گرفتار يا گم ڪيا ويا؟ 22 مئي جي دهشت گردي جو سڌو سنئون الزام هڪ ڌر تي آهي.جڏهن ته25 مئي جي واقعي جو به سر نه پير.ڪنهن به سنڌي ماڻهو بس حملي جي حمايت نه ڪئي جڏهن ته زّخم بلڪل تازا هئا ۽ نه ئي ڪنهن لساني جي ماڻهو يا حڪومت 22 مئي کي ننديو .قرق صاف ظاهر آهي .ڪراچي ۾ ماڻهو ننڌڻڪا ناهن.انهن جاوارث موجود آهن ڪو هٿ ته وجهي ڏسي!!!

ڳالهه اتي نٿي ختم ٿئي.مرزا کان قاضي احمد تائين ۽ انهيءَ کان بعد ٿيندڙ واقعن لاءِ سنڌي قوم کي جيڪي به Shocks) ( ملندا انهيءَ جي ذميواري انهن نمائندن تي هوندي جن جي ضمير جا هو امين ٿي اسيمبلين تائين پهچن ٿا.اقتدار هڪ نشو آهي ۽ اهو هڪ ڏينهن لهڻو آهي.هو جو سدائين سوال ڪندا آهن ته قوم پرستن هيستائين ڇا ڪيو آهي ۽ ڪري به ڇا ٿا سگهن.ته انهن کي ايترو ضرور سو چڻ گهرجي ته انهن ڌرتي اڃا وڪي ته ناهي ۽ اهي ته ماڻهن کي مالڪي جو احساس ٿا ڏيارين .رهي ڳالهه سنڌ کي ٽوڙڻ جي ته اهو سوچڻ لياقت آباد ۽ لالو کيت ۾ ته سو لو آهي پر سهراب ڳوٺ يا گهگهر ڦاٽڪ کان اڳتي انهيءَ جو تصور به خطرناڪ آهي.هي اڪ جي ماکي ناهي هي سنڌ جي ڳالهه آهي .هڪ سينيئر ايڊيٽر معذرت  ۽ طنزيه انداز ۾ چيو ته “سڀ صوبي ٽوٽ ڪي نئين صوبي بن سڪتي هين تو سنڌ ڪيا مقدس گائي هي ”چيو مانس ته اسان سنڌ کي ڳئون نه پر ماءُ ٿا سمجهون. بقول ڊاڪٽر نياز ڪلاڻي جي ته اسان سنڌي ڪمزور ٿي سگهون ٿا پر ورهاڱو برداشت نٿا ڪري سگهون.هن سڄي ڊرامي کان پوءِ هڪ ڳالهه جا چٽي ۽ واضح نموني ساس

مهون آئي آهي. اها اِها ته ڪمزورين جي باوجود به سنڌي قوم اهڙي منحوس منصوبي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. جڏهن ته سنڌي قوم بلڪه بلوچ قوم کي به اهو ڏسڻ گهرجي ته چوطرف طاقتون آهن .آمريڪا بهادر کان متحده تائين ۽ پيپلز پارٽي کان ميڊيا تائين سڄي قوم بکين واڳوئن جي وات ۾ آهي.جذباتي ٿيڻ سان گڏوگڏ هوش به انتهائي ضروري آهي.باقي رهي ڳالهه سنڌ کي ٽوڙي ڏکڻ صوبو يامهاجر صوبي ٺاهڻ جي ته صرفAttempt ڪري سگهجي ٿو .ممڪن نٿو بڻائي سگهجي .اهڙيون حرڪتون سنڌي قوم جوTemperamentچيڪ ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو