Home / افيئر / مصر: انقلاب کانپوءِ به آمريت
above article banner

مصر: انقلاب کانپوءِ به آمريت

20 مئي 2012 تي التحرير اسڪوائر وٽ فوجي جنتا احتجاجي ماڻهن تي ڏنڊن ۽ گولين جو وسڪارو لائي ڏنو جنهنجي نتيجي۾20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.5 صدارتي اميدوارن پنهنجي صدارتي چونڊ مهم 48 ڪلاڪن تائين معطل ڪري ڇڏي. برادر هوڊ جي اميدوار اسماعيل شطير، کاٻي ڌر جي اڳواڻ ته سڌو سنئون فوجي جنتا کي واقعي جو قصور وار ڪوٺيندي ۽ چيو ته فوج نٿي چاهي ته اها اقتدار تان قبضو ڇڏي.ڇاڪاڻ ته اڳوڻي صدر محمد حسني مبارڪ خلاف تحريڪ دوران ڪيل معاهدي طور وچ مدي دوران اقتدار فوج حوالي ڪيو ويو .ڇاڪاڻ ته ان ڇڪتاڻ ۾ فوج سڌو حسني مبارڪ جو پاسو ڪو نه ورتو ۽ هو خالص اڻ ڌريا ٿي بيٺا. جڏهن ته پوليس ۽ گهرو وزارت جي ماڻهن جو عوام خلاف موقف هيو جنهن ۾ گهرو وزارت جي اهلڪارن تحرير اسڪوائر تي مڇريل ماڻهن تي سڌيون گوليون هلايون. ڪافي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي پڻ ٿيا. پوءِ ڪروڌ ورتل ماڻهن گهرو وزارت جو گهيرو ڪيو ۽ بلڊنگ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.


گذريل سال جيڪي ماڻهو حسني مبارڪ خلاف اٿي کڙا ٿيا هيا انهن مان ڪافي جو خيال هيو ته فوج تي ڀروسو نه ڪجي ڇاڪاڻ ته مصر ۾ 1952 کان وٺي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح فوج اقتدار ۾ آهي ۽ انهن ئي عوام تي ظلم ڪيا آهن مگر جيئن ته مختلف مخالف پارٽيون هڪ نقطي تي گڏ هيون ته مبارڪ جو تختو اونڌو ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مبارڪ حسين پنهنجي جيئري جمال کي تيار ڪري رهيو هو ته هن جي مدت کانپوءِ سندس جاءِ نشين پٽ جمال هجي. ٻيو ته 1952 کان وٺي مصر ۾ هڪ پارٽي وارو نظام هيو جنهن ۾ نيشنل پارٽي کانسواءِ ڪنهن به پارٽي کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻو پوندو. اسلامڪ برادر هوڊ يعني اخوان مسلمين تي پابندي پيل هوندي هئي.

مصر ۾ صدارتي نظام حڪومت آهي. پر پارلياماني چونڊون به ٿينديون آهن ۽ پارليامنٽ طاقتور ڪونهي، صدر پاور فل هوندو آهي ۽ هو پارليامينٽ کي سندس ڪارڪردگي نه هجڻ ڪري معطل يا ختم ڪري سگهي ٿي يعني فرانس وانگر طرز حڪومت آهي.

هاڻي جڏهن واعدي موجب فوجي حڪومت کي 30 جون تائين اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻوآهي ۽ پاڻ هو بئرڪن ڏانهن رخ ڪندا. سوال هاڻي اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي فوجي واقعي ايئن ڪندا؟ انڪري مصري فوجي جنتا انقلاب کانپوءِ مسلم برادر هوڊ وارن سان نرم رويو ۽ پارٽنرشپ ڏيڻ لاءِ تيار هيا ۽ هنن اهو به اعلان ڪيو ته هو پنهنجي پارٽي مان صدارتي اميدوار ڪو نه بيهاريندا ۽ سڀني سان ملي ڪري گڏيل حڪومت جوڙيندا. انڪري حسني مبارڪ جي اڳوڻي وزير خارجه ۽ وزير اعظم امر موسيٰ جو نالو شروع ۾ گردش ڪندو رهيو ۽ ٻيو نالو هيو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر محمد البرادي  جوجيڪو عالمي توانائي واري ايجنسي جو سربراهه به رهيو آهي ۽ يورپ جي ويجهو سمجهيو وڃي ٿو. هي اهو ماڻهو هيو جيڪو عراق ۾ خطرناڪ هٿيارن جي حمايت ۾ لکندو هيو ۽ ايران جي حق ۾ ڪڏهن به رپورٽ ڪو نه ڏني. پر مبارڪ جي آخري روپ ۾ مبارڪ مخالف ماڻهن سان بيهي رهيو ۽ حڪومت تي سخت تنقيد ڪيائين. پر جيل ۾ ڪڏهن به نه وڌو ويو. ساڳيو حال امر موسيٰ جو به رهيو آهي جيڪو عرب عوام جي حمايت ۾ رڳو ٺهراءَ منظور ڪرائيندو هيو مگر عملي ڪو به ڪم  نه.ڪيائين ڇاڪاڻ ته هي همراهه به اصل همراهن جو پڪو ماڻهو آهي. انڪري فوج جو خيال آهي ته پهرئين مرحلي ۾ يعني مئي مهيني ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڪو به اميدوار واضح اڪثريت ڪو نه کڻندو ۽ ٻئي مرحلي لاءِ سر ٽوڙ ڪوششون شروع ٿينديون جرڪو جون ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ جيڪو به اميدوار گهڻا ووٽ کڻندو اهو مصر جو صدر ٿيندو. هوڏانهن آئيني ڪميٽي ۾ به ڏڦيڙ آهي ۽ ان ۾ لبرل ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي ڪميٽي مان کنيل همراهن آئيني ڪيمٽي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو آهي يا بائڪاٽ ڪيو آهي. انهن جو اهو موقف آيو آهي ته ايئني ڪاميٽي ۾ تبديلي آڻي ان کي ملڪ اندر مذهب، رياست بنائين ٿيون. جيڪو آئين جي روح جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته مصر لبرل سوسائٽي رهيو آهي ۽ ملڪ اندر ڪافي ليڊر عيسائي آهن ان سان گڏ سني ۽ شيعابه رهن ٿا جڏهن ته النوري پارٽي وارن جو زور سلفي اسلام واري مسلڪ جو آهي. ڇاڪاڻ ته سعودي عرب جي شاهن 80 ارب ڊالر مفت ۾ سلفي مسلڪ کي وڌائڻ لاءِ خرچ ڪيا آهن.

گذريل پارلياماني چونڊن ۾ النوري پارٽي 24 سيڪڙو سيٽون کٽيون هيون۽ بردر هوڊ کانپوءِ ٻيو نمبر پارٽي آهي. جڏهن ته لبرل ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين کي ڪا خاص موٽ ڪا نه ملي آهي ۽ هنن اهو الزام فوج تي هنيوآهي ته فوجي جنتا مذهبي پارٽين سان ڳٺ جوڙڪري حڪومت ڪرڻ چاهي ٿي.

مصر جي فوج جو حشر ڪو ترڪي جي فوج کان مختلف ڪونهي ۽ اهي ئي ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن ۽ انڪري هنن جو ملڪ جي ايڪانامي ۾ 40 کان وڌيڪ سيڪڙو حصو آهي ۽ اسڪول کان ويندي بازار حسن تائين هنن جو حصو آهي. انڊونيشيا جي فوج کان وڌيڪ ملڪي واپار ڪن ٿا ۽ آمريڪا کان 1.3 ارب ڊالر هر سال امداد فوج کي ملندي آهي جنهن جو ڪو به حساب ڪتاب ڪونهي. ڇاڪاڻ  جو اها امداد آمريڪا ڪئمپ ڊيوڊ معاهدو ڪرڻ کانپوءِ مصر کي ڏيندو آهي. اهو معاهدو مصر ۾ آمريڪا جي چوڻ تي 1979 ۾ اسرائيل سان ڪيو هو جيڪو ان وقت جي مصري صدر اَنور سادات ۽ اسرائيل جي وزير اعظم بيگن ڌرمان وچ ۾ ٿيو هو.1981 ۾ مصري صدر انور سادات ملٽري جي سلامي دوران هڪ فوجي هٿان قتل ڪيو ويو.

مصري فوج کي اقتدار جوگهڻو تجربو آهي ان ڪري اها سولائي سان اقتدار ڪو نه ڇڏيندي ۽ ٻيو ته مصر سان اسرائيل جا به چڱا لاڳاپا آهن. انڪري اسرائيل به مصري اقتدار تي گهري نظر رکيو پيو اچي، اهوته نٿو چاهي ته بنياد پرستن سان ڪو نئون ٽڪراءُ ٿئي. حالانڪه مصري اي ڪي ڊي پارٽي آمريڪا سان گڏ اسرائيل سان ٿيل معاهدن جي پاسداري جو يقين ڏياريو آهي پر پوءِ به اسرائيل کي ڪو مستقبل ۾ خطرو نظر پيو اچي. هوڏانهن مصر جو انقلاب اڃا اڻ پورو آهي ڇاڪاڻ ته مصر ۾ صرف چهرا تبديل ٿيا آهن ۽ اڃا تائين اقتدار تي نيشنل پارٽي سان لاڳاپيل همراهه ويٺا آهن. صدر به ته وزير اعظم به ساڳيو آهي.ماڻهو چهرن جي تبديلي لاءِ تحرير اسڪوائر جو رخ ڪو نه ڪيو هو پر هنن ان مصر جي نئين سرتعمير جو پاسو ورتو ۽ قرباني ڏني هئي جنهن ۾ طاقت جو محور عوام هجي، عوام کي حڪومت ۾ حصو ڏنو وڃي. ون مين شو ختم ڪيو وڃي. هڪ پارٽي وارو حڪومتي نظام ختم ڪيو وڃي. برابر جي بنياد تي هڪجهڙائي سان پيش پوڻ گهرجي. انصاف تي ٻڌل معاشرو جوڙيو وڃي. عوام کي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. سوچ لوچ ۽ ڳالهائڻ تي پابندي ختم ڪئي وڃي. روزگار جا موقعا برابري ۽ ميرٽ تحت ڏنا وڃن.

مٿي ذڪر ڪيل ڳالههين جو پري پري تائين امڪان  نظر ڪو نه پيو اچي. فوجي حاڪمن جا ڀرتي ڪيل ٺڳ عوام کي اڄ به مارين پيا ۽ پوليس ۽ مخبرن اڄ به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي رواداري کي ختم ڪري مذهبي نفرت کي وڌايو پيو وڃي جنهنجو مثال ڪاپٽڪ چرچ کي باهه ڏيڻ ۽ ان ۾ ماڻهن کي مارڻ پڻ آهي.

صدر جي صدارتي چونڊن ۾ ڪير به کٽي مگر مصري انقلاب هاڻي خاموشي اختيار ڪو نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته مصري عوام مان حاڪمن جو خوف ۽ موت جو خطرو ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي برادر هوڊ به اگرسٺا ڪم نه ڪيا ته هو به گهڻو وقت اقتدار ۾ رهي نه سگهندا۽ جيڪڏهن فوج ڪو چڪر هلايو ويو ته عوام ساڻن اهڙو حشر ڪندو جو انهن کي ماضي جو حساب به ڏيڻو پوندو. جيئن اڄڪلهه ترڪي ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 1980 ۾ جنرل ڪينن ايئورن انقلاب آندو .اڄ کيس 80 سالن جي ‎ڄمار ۾   ڪورٽ گهرايو ويو آهي ۽ ڪٽهڙي ۾ بيهي پنهنجي گذريل گناهن جو حساب ڏئي پيو. ساڳيو حشر مستقبل ۾ مصري فوج به ڏسڻ چاهي ٿي. مصري فوج کي گهرجي ته اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪن ۽ عوام کي حق ملڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي ٿا ووٽ ڏين.

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو