Home / ويندي ويندي / مهاجر صوبي جي سکڻي ڪُني
above article banner

مهاجر صوبي جي سکڻي ڪُني

چاچو حفيظ قريشي يگانو مڙس هو. جديد سنڌ جي هن وتائي فقير جا گفتا هاڻ ته ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿا. هڪ ڀيري چيائين ته پنجاب جي معاملي تي آءٌ سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ آهيان ۽ مهاجرن جي معاملي تي پليجي صاحب جو. هي اهو دور هو جڏهن سائين جي ايم سيد مهاجر سوال تي ٿڌو موقف رکندڙ هو ۽ پليجو صاحب پنجاب جي سوال تي. چاچي حفيظ پاڻ کي ٻنهي ٻيڙين ۾ سوار ڪري ڇڏيو. اڄ ڪراچي جي ڀتين تي درج مهاجر صوبي جي نعرن کي ڏسي چاچي حفيظ قريشي جون اهي تقريرون ياد اچن ٿيون، جيڪي هن مولانا ابوالڪلام آزاد جو حوالو ڏيئي، مهاجرن جي انڪار وطن تي ڪيون هيون. 1947ع ۾ ان نسل مذهب جي نانءُ تي انڪار وطن ڪري يوپي ۽ دکن ڇڏي هجرت ڪئي، هاڻ اهي انڪار سنڌ ڪري الڳ صوبي جي رُڃ پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. چاچو حفيظ اڄ جيئرو هجي ها ته کين ڇا چوي ها؟ سنڌ کي سڻڀو گرهه سمجهڻ جي غلط فهمي کوڙ هٻڇين ڪئي آهي. ايرانين، عربن، ترخان ۽ ارغونن ويندي دهلي جي فرمان روانن پر ايترين صدين کان سنڌ ته اها ئي آهي. هيل جو هي “مهاجر صوبي” جو شوشو اٿيو آهي ته تاريخ ۽ فطرت کان ناواقف ذهن سياٽجي ويا آهن ته الائي ڇا ٿيندو. اسان ٿا اوهان کي ٻڌايون ته ڇا ڳالهه آهي ۽ ڇا ٿيندو.   ٿيو دراصل ايئن ته سنڌين بحيثيت قوم جي ٻن سئو سالن کان جيڪا به معاشي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي ڪئي سا هندو سنڌين جي صورت ۾ ڪئي. قوم جو اهو ترقي يافته حصو 1947ع ۾ مذهب جي نالي تي ٿيل ورهاڱي کانپوءِ هتان لڏي ويو. پوئتي بچيا سنڌي مسلمان جن کي هندو سنڌي “ڄٽ” چوندا هئا ۽ حقيقت به اها ئي آهي ته مجموعي طور تي اهي ڄٽ ۽ ان ڪري چٽ هئا. سنڌي هندئن جو خال ڀارت کان آيل پناهگيرن ڀريو جيڪي پاڻ کي اتم مخلوق ۽ مقامي سنڌي مسلمانن کي ڄٽ ۽ چٽ سمجهندا رهيا. سنڌ کي هو مال غنيمت ۾ مليل ملڪ سمجهندا رهيا، پر سماج ارتقا ڪن ٿا. ڄٽ سنڌي مسلمانن جا ٻي ٽي نسل پڙهي پيا. اهي ڄٽ ٻهراڙين مان نڪري شهرن ۾ پهتا. ان پناهه گير، جنهن کين “چٽ” سمجهيو هو تنهن کي اچي خوف لڳو ته اهو ڄٽ کين شهرن ۾ ڪنڊائتو نه ڪري ڇڏي ان ڪري اسي جي وچ ڌاري ايم ڪيو ايم ٺاهيائون. پنج اٺ سال جي نسل پرست سياست کان پوءِ ڪن ڏاهن ايم ڪيو ايم قيادت کي بانور ڪرايو ته سنڌي ڄٽن کان ڊڄو نه، انهن ۾ حال ئي ڪونهي، پاڻ کي بجاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ محدود ڪرڻ جي اجرڪ ٽوپي پائي پوري سنڌ ۾ ڪاهي پئو. هي سڄو سنڌ اوهان جو آهي، اوهان زمين جي ٿوري ٽڪري تي راضي ڇو ٿا ٿيو. لنڊن وارن کي ڳالهه مغز ۾ ويٺي. 1998ع کان 2010ع تائين ڀٽائي ۽ اجرڪ ٽوپي سان رومانس هليو پر پوءِ ڏٺائون ته ٻيلي ڳالهه وڃي ٿي ڊگهي ٿيندي. بجاءِ ان جي ته سڄي سنڌ اسان جي هٿن ۾ اچي هاڻ حيدرآباد کانپوءِ مرڳو ڪراچي به هٿن مان ٿو نڪري. ان ڪري پاليسي ۾ قلابازي ٿي. سال اڳ ڪٽي پهاڙي تي ٿيل جهڳڙي کانپوءِ ڪراچي ۾ “مهاجرون ڪو مت مارو، همين هماره صوبه دو” جا نعرا ڀتين تي ظاهر ٿيا. آئي ڳالهه سمجهه ۾؟ نه! چڱو اوهان کي سئولي انداز ۾ ٿا ٻڌايون. ڀائي لوگن جو پلان A اهو هو ته سنڌين جي سادگي ۽ اعتبار جو فائدو وٺندي بجاءِ جناح پور جي چڪر ۾ پوڻ جي سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو. ان لاءِ اُنهن ٻارنهن سال سياسي تپسيا ڪئي. انهن ٻارنهن سالن ۾ جيترو سنڌي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آيو اوترو اڌ صديءَ ۾ نه آيو هو. پر جڏهن ڏٺائون ته پلان A جي ڪاميابي ته پري هاڻ مرڳو هوم گرائونڊ ٿو پيرن هيٺان نڪري. سو، ڀائي لوگن پلان B تي عمل شروع ڪيو. مهاجر صوبي کي پهرين بحث هيٺ آڻڻ ۽ پوءِ ان مطالبي مڃرائڻ لاءِ سنڀري پڙ تي لهڻ. هي هاڻ سمجهي ويا آهن ته وقت سندن پاسي ناهي، ان ڪري تڪڙا ۽ اٻهرا آهن. پر وقت سنڌين جي پاسي آهي. سنڌ کي اٻهرائپ کان پاسو ڪري، تدبر ۽ تنظيم جو پاسو وٺڻ کپي. انڪارِ وطن جو وقت ئي سڀ کان وڏو ويري آهي. ڀائي لوگن جي لڙائي سنڌ سان نه، وقت سان آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو