Home / افيئر / مَاڪَ ڦڙا ۽ نانگ اکيون
above article banner

مَاڪَ ڦڙا ۽ نانگ اکيون

 

هي سٽون پنجويهه مئي جي رات جو لکيون پيون وڃن. اڄو ڪو ڏيهاڙو ڪجهه معاملن سبب نهايت اهم رهيو.دليريءَ سان اجل قبول ڪندڙ ٻن شهيدن جو ٽيجهو .مظفر ڀٽو ۽ غزاله صديقي .ٽي ڏينهن اڳ منجهند تائين شهيد مظفر جو تشدد ڪيل ۽ پوءِ فائرڪري ماريل لاش مليو.شامڙي ٻيو نياپو کڻي آئي ،سنڌ جي ورهاڱي جي سازشن مخالف ڪڍيل پُر امن  ريلي مٿان شهري واگهن جو حملو ۽ نتيجي ۾ تيرهن کان وڌيڪ معصوم انسانن جو قتل.ٻاهتر ڪلاڪن تائين ايم ڪيو ايم جا مکيه عهديدار ٽي وي تي اچي مڪاريءَ واري کل کلندا رهيا،ميڊيا شاهدآهي ته سندن روش ۾ پڌڙي للڪار هئي.سمجهه ۾ اچي چڪو ته هاڻ کين وحشت جي اُڃ اُجهائڻ خاطر سنڌين جو رت ٿو کپي.صحافت سان سلهاڙيل سنڌي نوجوانن جي همت ڀرئي جُهدڪارڻي ڪانشراردو ۽ انگريزي ميڊيا جو گيدي پڻو نه بيهي سگهيو. انهن تاثرپئدا ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ته گوليون ريلي مٿان نه پَر جلوس منجهان ئي هلايون ويون.چارسال پهريان 12 مئي  جي تاريخ ڪنهن کان وسرندي ڇا ؟ هزار کان سرس ڇتا ڪُتا ڪراچي شهر جي رستن تي هئا.پرويز مشرف ،جو اشارو.پنجاهه کن ماڻهو موت جي منهن ۾ .هزطرف باهه ئي باهه. پوليس کان هٿيار کسيل .تنهن ٽپهريءَ تبت سينٽر ويجهو جوڙيل پيادل ۾انهن جي گذر لاءِ پُل مٿان تڏهو ڪو گهرو معاملن جو صلاحڪار.وسيم اختر۽ سندس زبان جو رنگ .ڳالهايل شبد ۽ منجهن ميزڪ، ٿورڙو پريان وڪيلن جي بلڊنگ اندر اڇلايل انوکو ڪيميڪل.تيلي.سج لٿي بعد نشي ۾ مَست پرويز مشرف جي لهرايل مُڪو.پنجهٺ ورهين جي مُلڪي اِتهاس ۾ اُڀاڪيل هڙئي مُڪا ياد ڪجن .ڪراچيءَ ۾ قائم مڪو چئوڪ.رياست جو چِٽَ ڪمرو ُمهانڊو.

اڄوڪي واقعن ڏانهن موٽي اچجي.ڊان ٽي وي تي هڪڙو پنجابي ،سنڌ جو ڪيس پيش ڪري رهيو هئو.هرپاسي کان هُن جي موبائل فون تي پُٽي ٺپڻ وارا پيغام اچي رهيا هئا. اخلاقي ۽ نفسياتي سطح تي اسان جي جيت ڏسڻ وٽان .مظفر ڀٽي ۽ ريلي ۾ شريڪ غزاله صديقي جهڙن تيرهن کان وڌ ابهم انسانن جو رَتُ پاڻ کي اها سَرسي ڏياري رهيو هئو.شهري واگهن جي چپن تي عياريءَ گاڏڙ مسڪراهٽ سندن لاءِ شڪست جو سامان گڏڪري رهي هئي.دنيا پَرکي رهي هئي ته ڪير معصوم ،ڏاڍ جو شڪار ۽ نڌڻڪائيءَ سان منهن ڏئي رهيا آهن.وفاقي توڙي صوبائي سرڪار جون ٻوليون.رحمان ملڪ جا گفتا.پوليس جي ڀاڙيائپ .رينجرز وارن جو بيان ته گورنمينٽ کين ڪارروائي کان روڪيو بيٺي آهي.پاڻ گهٽ ۾ گهٽ ٽي قاتل،دهشت گرد پڪڙي پوليس حوالي ڪيائون.بعد ۾ جَي، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي آزاد ڪياويا.پ پ سرڪار جي مفاهمت سنڌ ۽ سنڌين ڪاڻ برباديءَ جو پڌرو ڪارڻ ٿي سامهون آئي.پناهگيرن کان سواءِ ٻيو سمورو لوڪ صوبي جي ورهاڱي جي مطالبي تي تاءُ ۾ .بلوچ اسان سان گڏ. پنجابي،پٺاڻ،سرائيڪي-هَڙَئي .محبت سنڌريلي ۾ عجب نظارو .ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو عَلم ۽ چنڊ تاري وارو سائو اڇو جهندو گڏ گڏ ڦرڪندڙ .ڌرتيءَ جي حب ۾ مذهبي ڌرين جا بيان .وڻ وڻ جي ڪاٺي اتحاد ۾ .سنڌ منجهن ڪامن فئڪٽر.


بيان جي مٿئين انداز تي ممڪن آهي ته پڙهندڙ دوستن مان ڪي اعتراض وارين اکين تي.ليکڪ جي نيت اها ته مهرباني قاريءَ کي احساس ڏيار جي. کيس ٻڌائجي ته مهاجر صوبي ٺاهڻ واري شيطان گيري خلاف اسان پنهنجو ڪيس  سياسي سطح تي کٽي رهيا آهيون.22 مئي جي ريلي مٿان فائرنگ ۾ شهيد ٿيل دلير انسانن کي نه وسار جي.غزاله صديقي جو خون سينڌپائجي.جان جوکم ۾ وجهي سنڌي ميڊيا جي نوجوان صحافين جي ويڙهاند کي يادرکجي.شڪيل سومري ۽ اهڙن ٻين ساٿين ڏانهن احترام ڀري نگاهه کڻجي.ڪامران خان پارن ڪاڻ ڪهڙا به جذبا هجن پر ڪاويرم ماضيءَ کي پٺي ڀراُڇلائي حامد مير ۽ طلعت حسين جهڙن بنيادي طورپنجابي وڪيلن جي لاءِ چڱا احساس رکجن .خاص طور تي شهيد مظفر ڀٽي،محبت سنڌ ريلي مٿان حملي ۽ سنڌ کي ٽوٽا ٽڪرا ڪرڻ وارين سازشن سنڌ اشوز بحث هيٺ آڻيندي سندن طرفان هڪ حد تائين ڏيکاريل ديانتداريءَ تي.عاصمه جهانگير جو مئوقف.ڪراچيءَ جا شهري واگهه ۽ سليم حيدر جيئن ميدان ۾ لاٿل هَنن جا تازي مادر وطن ڏانهن ڀونڪندا ٿا اچن.پ پ جي نالي ۾ نهال سرڪار ۽ وزيرالائي ڇو وساري ويٺا آهن.تاريخ جا ٿڦڙ ته مسوليني به ساريندو هئو.وقت ۽ اتهاس جي وڇايل بساط تي،بنهه پرامن طريقي سان پاڻ پنهنجو ڪيس کٽي رهيا آهيون.اسان جي جيت سياسي جدوجهد جو ڦل آهي ۽ هوندي.مٿي ڄاڻايل سڀني صاحبن ۽ عاصمه جهانگير کي سندن طرفان آڇليل سهڪار تي مان ڏيڻ کپي.جنهن جون جيتريون مارڪون ٺهن ٿيون  سي ريڪارڊ تي آڻڻ ۾ ڪنجوسي نه ڏيکارڻ گهر جي.

پنجويهين مئي جي اڄوڪي ڏيهاري تي نظروجهبي ته ٻن هستين روبرو ڪنڌ نمائڻو پوندو.مظفر ڀٽي ۽ غزاله صديقي کي قبرن ۾ آرامي ٿئي ٽي ڏينهن گذري چڪا. ٻنهي ڌرتي ڄاون ساهه ڏئي سنڌ واسين جو ڳاٽ اوچو ڪيو.دليري ۽ بهادري جا شاندار مثال قائم ڪيا.چئواري اُتساهه جي موسم کي جنم ڏنو.ٻچو ٻچو ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ جو قسم کائي رهيو آهي. وچن ته مادري وطن ڏانهن کڄندڙ هر ميري اک منجهه سُنبوٽنبيو ويندو.دشمن مڪاريءَ ڀريل مسڪراهٽ سان نانگو ٿي چڪو آهي.ريليءَ ۾ شهادت جو جام پيتل ٻين ارواحن کي پڻ ايئن ئي سارڻ کپي .سندن ڀَالَ نه وسارجن .عهد ڪجي ته هنن جورت رائيگان نه ويندو.هر دفعي وانگر هاڻوڪي ڀيري به سنڌ جي وحدت تي حرف اچڻ نه ڏبو.هڪ هڪ دم ساڻيهه جي بچاءَ ۾ ۽ کيس ستابو ڪرڻ لاءِ وقت ڪبو.حق جي نياءَ کان ڪم وٺجي.انصاف جي ڳالهه چئجي.سڪرنڊ ويجهو بس تي فائرنگ ڪري،سنڌ کي ناحق رت ۾ ڳاڙهو ڪندڙن کان به پڇجي. اڄ صبح جي واردات آهي.ڪنهن جي ونگار وهيا-کانئن معلوم ڪجي.موقعي تي مليل ڪاغذن ۾ لکيل ته مظفرڀُٽي جو بدلو ٿي ورتائون.انتقام پورو ٿي وين ؟ گهر آرامي ٿي چڪا ؟ مظفر شهيد کي سندس ٽيجهي تي ڀيٽا ڏيڻ جي ان طريقي بابت ڌرتي جا بيمار ذهن چرپر ۾ ايندا.رسالن ۾ منصور ۽ ٻين ڪوڙن نالن سان مضمون تحريرڪندا.روزانو نت نوان درياخان پئدا ڪندا.جوانيءَ ۾ وطن جو ڀلو نه ڪري سگهندڙ ۽ پوڙهائپ ۾ ڇٽل ڪارتوس جو ڏيک ڏيندڙ اهي مداري 2 مئي تي بئنڪن آڏو ڦٽاڪن ڦاڙڻ واري عمل جي طرفداري پڻ ڪندا.اهو پگهارن وٺڻ وارو ڏينهن هئو.وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿي پوي هاته ڪنهن جو ٿئي ها ؟ مسڪين پٽيوالا ۽ استاد،سي به ڌرتي ڄاوا،قتل ڪري ڪهڙي آجپي جي جنگ پئي وڙهي وڃي؟ وڏين قربانين کانپوءِ اسان جو ڪيس سياسي سطح تي پختو ٿي رهيو آهي .مظفر ڀٽي ”غزاله صديقي جهڙن انسانن جي بي گناهه رت جو ريج وٺي چڪو آهي .شهيد بشير قريشي پاران سُورما حياتيون ڏئي ويا.ڪراچي پنهنجو سڀ کان وڏو محاذ آهي.22 مئي تي ڪيل قهري ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ دشمن اڪيلو ۽ گهيري ۾ اچي رهيوهئو.اخلاقي ۽ نفسياتي لحاظ کان پاڻ سرسي پئي حاصل ڪئي.دُرياخان سڏائيندڙن پُرامن ريلي تي حملي جي مذمت ته نه ڪئي ،مسافربس روڪي خون جي هولي کيڏيائون .سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪيائون؟ – سُلماني ٽوپي لاهي،سامهون اچن.جواب ڏين.

راوي ڌرتي ڄائوڙي .سنڌ ماتا جو پُٽ .عاجزيءَ کان ڪم وٺجي ته نڪمو ڦرُ .وطن مٿان اُڀرندڙ نئين سج ڏانهن نهاري ڪهاوت پوري ٿو ڪري.کوڙ انديشا آهن جي ساڻيهه  جي آسپاس لُوڻيون ڏئي رهيا آهن .ڪُپت جي دڪان تي رش آهي.آشا اٿس ته تُرٿ عظيم نياڻي ڀيڻ غزاله ،ڀاءُ مظفر۽ مُربي بشيرقريشي ڀرسان آرامي ٿيندو.شهيدن جي مقام جو حصو ٿيندو.ٻيو جنم وٺي ورندو.ماڪ ڦُڙن ۽ نانگ اکين ۾ تغاوت تي ڪتاب لکندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو