Home / ڪور افيئر / نواز شريف سنڌ ۾ سياسي وڏيرا۽ سنڌي قوم پرست نواز شريف جا اتحادي ڪيئن بڻيا
above article banner

نواز شريف سنڌ ۾ سياسي وڏيرا۽ سنڌي قوم پرست نواز شريف جا اتحادي ڪيئن بڻيا

ميان نواز شريف نيٺ انهن سڀني سنڌي وڏيرن سان رابطا شروع ڪيا آهن جيڪي سندس اقتدارتي جنرل پرويز مشرف جي قبضي کان پوءِ رات پيٽ ۾ سندس ساٿ ڇڏي  ويا هئا.انهن سنڌي وڏيرن ۾ سندس اڳوڻي دور جو وڏو وزير ۽ جنرل مشرف دور جو اهم وفاقي وزير لياقت جتوئي به شامل آهي. سياست نه رڳو ڏکي راند ناهي پر بي رحم راند به آهي .جنرل مشرف سان گڏجي

ميان نواز شريف خلاف 10 سالن تائين حرڪتون ڪندڙ سمورا سياستدان ايندڙ اقتداري راند ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نواز ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ ميان نواز شريف وٽ پڻ ان کان سواءِ ٻيو رستو ناهي.سندس ساٿ ڇڏي ويندڙن کي پاڻ سان گڏائي ايندڙ عام چونڊن کان اڳ منظر عام کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري .گذريل مهيني ڏيڍ اندر سنڌ ۾ ميان نواز شريف پنج ڇهه چڪر لڳائي چڪو آهي.رتيديري ۾ سندس آمد ۽ سنڌنيشنل فرنٽ کي مسلم ليگ (ن) ۾ ضم ڪرڻ سندس اهم ڪارنامو تصور ڪيو وڃي ٿو.ممتاز ڀٽو کان سواءِ ميان نواز شريف جا ٻين سنڌي قومپرستن جهڙوڪ ڊاڪٽرقادر مگسي ،ايازلطيف پليجو،جلال محمود شاهه وغيره سان رابطا آهن .ڄاڻايل قوم پرست اڳواڻ پڻ ايندڙ عام چونڊن کان اڳ اقتداري سياست ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جاسانباها ڪري رهيا آهن.سنڌ ۾ قوم پرست اليڪشنري سياست ۾ وڏي سگهه نه هوندي: به تي نواز شريف جا اتحادي بڻيا. ڇو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي خلاف ڪا اسٽريٽ پاور آهي ته اها قوم پرستن وٽ آهي .اها اسٽريٽ پاور نواز ليگ لاءِ ڪنهن حد تائين سياسي سگهه بڻجي سگهي ٿي پر نواز شريف جي اصل ضرورت اهي سياسي وڏيرا آهن جن تي ووٽ بئنڪ جو ليبل چنبڙيل آهي .نواز شريف جوسڄو زور انهن تي آهي .

 

گذريل هفتي ٺٽي ۾ ممتاز ڀٽو شيرازي ڀائرن وٽ نواز شريف جو پيغام کڻي پهتو .ممتاز ڀٽي شيرازين کي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي ۽ شيرازين  صلاح مصلحت کان پوءِ جواب ڏيڻ جو يقين ڏياريو.ذريعن موجب ممتاز ڀٿو شيرازي ڀائرن کي چيو ته  ايئن ته ميان نواز شريف جلد ٺٽي جو دورو ڪري سگهي ٿو ۽ شيرازي گروپ مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ قبول ڪري ته  ميان نواز شريف ساڻن ملاقات ڪري سندن شرط مڃڻ لاءِ تيار آهي .شيرازي گروپ هن وقت  سياسي طور مسلم ليگ (ق( سان آهي پر هن گروپ وٽ ٻه وزارتون به آهن اعجاز شاهه شيرازي صلاحڪار ۽ محمد علي ملڪاڻي وزير آهي.اڃا تائين عام چونڊن جو منظرنا مو به چٽو ڪونهي ان ڪري ممڪن آهي ته شيرازي گروپ فور ي طور تي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل نه ٿئي .ان ڏس ۾ “افيئر” پاران رابطو ڪرڻ تي ايم اين اي ايازشاهه شيرازي ٻڌايو ته ”ممتاز ڀٽو ملڻ آيو هئو ساڻس ڳالهيون ٿيون هن مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ به ضرور ڪئي پر هي ڪا تفصلي طئي ٿيل ملاقات نه هئي  ممتاز ڀٽو چيو ته تعزيت ڪرڻ اچي پيو .ساڻس سياسي ڳالهيون ٿيو ن .اسان کيس چيو ته شيرازي گروپ ۾ رڳو شيرازي ناهن پر ملڪاڻي ۽ ٻيادوست به آهن.محمد علي  ملڪاڻي۽ سندس دوستن سان مشورا ڪنداسين ان کان پوءِ شموليت بابت ڪو فيصلو ڪنداسين .اياز شاهه شيرازي ٻڌايو ته نواز شريف سان اسان جي ڪا به ڳالهه  ٻولهه ڪانه ٿي آهي ۽ نه ته مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت بابت غورو يچار ٿيو آهي.ان ڏس ۾ ممتاز علي ڀٽو جي ويجهي ساٿي انور گجر جو چوڻ آهي ته شيرازي ڀائرن سان ڪافي حد تائين ممتاز ڀٽو ڳالهيو ن ڪيون آهن، ڇو ته نوز شريف ممتاز ڀٽوکي سنڌ جي پارلياماني بورڊ جا به اختيار آهن .ايندڙ اليڪشن ۾ ٺٽي ضلعي جي سمورين ر سيٽن جو فيصلو شيرازي گروپ تي ڇڏيل هوندو .ان ڪري شيرازي گروپ سان نواز شريف جو جلد ٺٽي ۾دورو طئي ٿي ويوآهي .سنڌ ۾ ٻيو وڏ گرورپ ؟ ويٽنگ لسٽ تي آهي اهو گهوٽڪي جي مهرن جو آهي.گهوٽڪي ۽ سکر ضلعي ۾ مهر گروپ جا ماڻهو آهن.فريال ٽالپر جون ساڻن ملاقاتون به ٿي چڪيو ن آهن .پر پيپلز پارٽي جامقامي اڳواڻ مهر گروپ جي خلاف آهن .مهر گروپ سان نواز ليگ جا اڻ سڌا رابطاآهن.شڪار پور جا ڪماريا نواز ليگ ۾ شامل ٿين.منظور پنهور ،مقبول شيخ،عرفان گل مگسي سميت ڪيترائي سياسي وڏيرا نواز ليگ سان رابطن ۾ آهن.ممتاز ڀٽو کان سواءِ باقي سڀ ماڻهو نواز شريف جا پراڻا ساٿي آهن ۽ لياقت جتوئي ڪابينا ۾ رهي چڪا آهن.بعد ۾ سندن وفاداريون خنرل ڏانهن هليون ويون .سنڌي وڏيرن جو هڪ وڏو انگ خنرل جي دوستي جو اسيرآهي،اها اسيري جيڪا بادشاهي ڏياريندي آهي.ان ڪري هو فيصلو به اڪثر خنر لن جي مرضي سان ڪندا آهن.کين اڃا تائين اندازو ناهي ته ايندڙ اليڪشن بابت رٿابندي ڇاهي؟ سنڌ ۽ پنجاب جي سياست ۾ اثر رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ايم اين اي سليم جان مزاري ۽ نواب شاهه جي سيد خاندان وري پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.

نواز شريف ۽  مارئي ميمڻ سنڌي قوم پرستن کي اهو چئي رهيا آهن ته هو ايندڙ سرڪار ۾ ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪندا.سنڌجي حقن بابت ماضي جهڙو موقف اختيار نه ڪندا.ميان نواز شريف تازو پنهجي سنڌ ۾ ٿيل جلسن ۾ ڪالا باغ ڊيم خلاف ڳالهايو ۽ چيو ته پنجاب جو ڀلي ورهاڱو ٿئي پر سنڌ جو  ورهاڱو نه ٿيندو.سندس چوڻ آهي سنڌڪارڊ جو ڪريڊٽ ختم ٿي ويو جيتوڻيڪ سندس لفظ سنڌ ڪارڊ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وقت نواز شريف جو سڄو ڌيان سنڌ تي آهي.هو اصل ۾ سنڌ ۾  پيپلز پارٽي کي ڪائونٽر ڪري رهيو آهي. ڇو ته پيپلز پارٽي نواز ليگ کي پنجاب ۾ڪمزور ڪري رهي آهي. سرائڪي صوبو ۽ ٻيا مامرا ان جي ڪڙي آهن .نوازشريف ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾  مهم هلائي چڪو آهي .سو عملي طرح سنڌي قوم پرستن وٽ نواز شريف جو ڪهڙيون ضمانيو ن هونديون .ڪير نه ٿو ڄاڻي . جڏهن ميان نواز شريف اهو اعلان ڪري چڪو ته جمهوري حڪومت ڊاهڻ ۾ مشرف جو ساٿ ڏيندڙن کي مسلم ليگ (ن)۾شامل نه ڪيو ويندو .پر مشرف جي ساٿين جي نواز ليگ ڌڙا ڌڙ شموليت سندس ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو.ميان نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صيح ڪرڻ کان پوءِ ارڙهين  ترميم کان اڳ آئيني ڪميٽي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) گڏجي بندرگاهه صوبن حوالي ڪرڻ جي اس ٽي  صوبن حوالي ڪرڻ ۽ ججنجي تقرير پارليامنٽ جي منظوري سان ڪرائڻ جي مخالفت ڪئي هئي ان ڪري اقتدار کان اڳ ٿيل واعدن تي اقتدار ۾ اچڻ وقت هن ملڪ ۾  عمل نه ٿيندو آهي.خبر ناهي ته نواز شريف ۽ قومپرستن وچ ۾ سنڌ جي حقن بابت ڪهڙيون ضمانتون ورتيون وينديون پر اقتدار اچڻ کان پوءِ انهن ضمانتن تي ڪير بيهندو،ميان نواز شريف ظاهر آهي ته سياسي ڇڪو کيڏي رهيو آهي .اقتدار اچڻ کان پوءِ ڏٺو ويندو ڇو ته ڀلا پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ جيڪي واعدا ڪياهئا انهن تي ڪيترو عمل ٿيو۽ جيڪڏهن اقتدار نه ٿو ملي ته سياسي طور نواز شريف لاءِ اهو فائدي مند هوندو .سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن کاو اڳ شايد مهاجر صوبي جي ڊرامي بازي کي زور وٺرايو ويندو.سڀ سياسي ڌريون سنڌ ۾ شايدر ان ڊرامي تي سياست ڪنديون .اها ڊرامي بازي اصل ۾ سنڌ اندر ايئن مڪاني نظام جي بل ۾ شهري حڪومت تي ڪنٽرول لاءِ آهي .سنڌ سرڪار جي شهري اتحادي ڌر ڪراچي ۽ حيدرآباد تي مشرف دور کان به وڌيڪ ڪنٽرول چاهي ٿي۽ پيپلز پارٽي کيس گهٽ کان گهٽ ڪنٽرول ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم مهاجر صوبي جي نالي تي پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين اتحادين سان ايندڙ منظر نامي تي ڳالهائيندي..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو