Home / ڪور افيئر / نيٺ سنڌ نيشنل فرنٽ ،مسلم ليگ (ن ) ۾ ضم ٿي وئي
above article banner

نيٺ سنڌ نيشنل فرنٽ ،مسلم ليگ (ن ) ۾ ضم ٿي وئي

ذلفي ڀٽو پنهنجي سئوٽ ممتاز علي ڀٽي کي پنهنجو ٽئلنٽيڊ ڪزن سڏيندو هو.سو هي ٻئي نه رڳوذهين سئوٽ پر سٺا يار ۽ ٽئلنٽيڊ سياستدان به رهيا.ڀٽو صاحب جڏهن 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو ته ممتاز ڀٽو انهن بنيادي ماڻهن ۾ شامل هوجيڪي پيپلز پارٽي جا بنيادي ميمبر بڻيا.
32 سالن جي ڦوهه جواني ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيل ڀٽي صاحب جي هن  ٽئلنٽيڊ ڪزن پنهنجي 23 سالن جe ڪنفيڊرل نظام جي پرچار وارو پورهيو مسلم ليگ (ن) ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ (ن) بظاهر ته وفاقي جماعت آهي پر ان جون پاڙون پنجاب ۾ آهن.جنهن تي سنڌ جي ٻين قومپرستن جيان ممتاز علي ڀٽو به سنڌ جا حق ڦٻائڻ بابت تحفظات ۽ خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي.1960ع جي پڇاڙي ۽ 1970ع جي ابتدائي ڏهاڪي ۾ شاندار سياسي ڪيريئر رکندڙ ممتاز علي ڀٽي جي سياسي ڪيريئر لاءِ ضيائي آمريت ۽ ان کانپوءِ آيل جمهوري دور لاهن چاڙهن وارا رهيا.
28نومبر 1933ع تي نواب نبي بخش خان ڀٽي جي نوابي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ممتاز علي ڀٽو ابتدائي تعليم سينٽ جارجز ڪاليج مسوري انڊيا ۽ لارسن ڪاليج مري مان حا صل ڪئي. هن  لنڪسن اِن مان انڊر گريجوئيٽ ۽ بئريسٽري جي ڊگري ماڻي ۽ 1959 ع ڌاري برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ءَ مان ماسٽرز ڪئي.هن 5 مارچ 1965ع تي عام چونڊن ۾ 32 سالن جي ڪمرم چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ايم اين اي ٿيو.70ع جي عام چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ممتاز علي ڀٽي ترتيبوار محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله کي شڪست ڏئي قومي اسيمبلي ءَ جي ميمبري ماڻي.
ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي وزارت عظميٰ جون واڳون سنڀاليون ته سندس ٽئلنٽينڊ ڪزن وري 24 ڊسمبر 1971ع تي سنڌ جو گورنر ۽ بعد ۾ پهرين مئي 1972ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻيو.هي اهو دور هو جڏهن هن سنڌي کي سنڌ ۾ قومي ٻولي بنائڻ جو اعلان ڪيو.جنهن تان سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا.نتيجي ۾ سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو معاملو جيئن جو تيئن رهجي ويو ۽ ان تي عمل نه ٿيو.هو 7 مارچ 1977 ع وارين چونڊن ۾ به ايم اين اي چونڊيو ۽ وفاقي وزير بڻيو.1977 ع ۾ ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي پ پ سنڌ جو صدر   نامزد ڪيو .ضياآمريت ۾ هو ڳچ عرصو لنڊن ۾ جلاوطن رهيو.جنهن دوران هن سنڌي ،بلوچ ،پشتون فرنٽ جو بنياد به وڌو.جنهن ذريعي ڪنفينڊرل نظام تحت پاڪستان لاءِ نئين آئيني فريم ورڪ جي ڳالهه ڪئي.هن 13 مارچ 1986ع ۾ سنڌ  نيشنل فرنٽ جو بنياد وڌو .جنهن جو مرڪزي نڪتو ملڪ کي ڪنفيڊرل نظام تحت هلائڻ هو.1993ع وارين عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.هن ئي دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو به لاڙ ڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويوهو
سو ممتاز علي ڀٽي ،شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت بعد محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قيادت ۾ قائم پ پ ۾ ڀٽي صاحب جي دور جي جيتري اهميت نه ملڻ يا نئين قيادت سان ايدجسٽ نه ٿي سگهڻ ڪري نئون سياسي جهان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو. مختلف لاهن چاڙهن مان گذرندي هن 13 مارچ 1986ع تي سنڌ نيشنل فرنٽ نالي جيڪا تنظيم ٺاهي هئي تنهن کي ٺيڪ 24 سالن کانپوِ 9 مئي 2012 تي رتيديري ۾ ڪوٺايل هڪ جلسي ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ ضم ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي کان الڳ ٿي هن پنهنجي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جدوجهد به ڪئي ۽ پارليا ماني سياست ۾ به حصو وٺندو رهيو. جنهن ۾ کيس ڪا جوڳي موٽ نه ملي. اهو ئي سبب آهي جو هو وقتن به وقتن سنڌ جي ماڻهن کي ميار ڏيندو رهيو ته هو جيستائين پنهنجن ۽ پراون جي پروڙ نه ڪندا پنهنجي خير خواه يا قوم پرستن کي چونڊ ن ۾ ڪامياب ڪري اسيمبلي ۾ نه موڪيندا تيستائين سندن قسمت ۾ ڪاتبديلي نه ايندي.
بهرحال هڪ زبردست سياسي ڪيريئررکندڙممتاز علي ڀٽي جي نواز ليگ ۾ پارٽي سميت شامل /ضم ٿي وڃڻ بابت سنڌ جي سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته مسلم ليگ (ن) کي جيئن ته سنڌ ۾ ڪومضبوط ۽ مربوط تنظيمي ڍانچو يا بنياد درڪارهو.جيڪو سنڌ نيشنل فرنٽ جي تنظيمي نيٽ ورڪ ملڻ سان کيس ملي ويندو. نه رڳو ايترو پر خود ميان نواز شريف کي به سنڌ ۾ ڪنهن اهڙي قدآور شخصيت جي ضرورت هئي جيڪاپ پ ياٻين سياسي قوتن سان مد مقابل ٿي ڪري سگهي. جيڪا کيس ممتاز علي ڀٽي جي صورت ۾  ملي وئي آهي. جيتري قدر ممتاز علي ڀٽي جي سياسي مستقبل جو سوال آهي ته ان بابت ايئن چئي سگهجي ٿو ته کيس هڪ اهڙي جماعت ملي آهي جنهن جي ملڪ گير حيثيت آهي .اڳ ۾ پنهنجي پارٽي  جي پليٽ فارم تان هو يا سندس پٽ امير بخش ڀٽو جڏهن چونڊن ۾ حصو وٺندا هئا ته ٿي سگهي ٿو ته ووٽرن جي ذهن ۾ اهو خيال لهي ته هي ڪنهن به وڏي پارٽي جو حصو ناهن. سوڀاراٿيندا تڏهن به ووٽرن کي ڪجهه نه ورندو . پر هاڻوڪين حالتن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ووٽرسوچي ته جنهن پارٽي جي اميدوارجي حيثيت ۾ هو چونڊ وڙهي رهيا آهن تنهنجو اقتداري مستقبل آهي ۽ اهڙي صورت حال ۾ کين ووٽرن جون ڪجهه همدرديون حاصل ٿي وڃن .سنڌ نيشنل فرنٽ جي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ سان جتي ممتاز علي ڀٽي لاءِ اقتداري ڪاريڊورز جي راهه هموار ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي اتي نواز ليگ کي به اهڙو تنظيمي اسٽرڪچر مليو آهي. جنهن جي بنيادتي اها سنڌ ۾ تنظيم کي مضبوط ڪري سگهي ٿي .ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ڳڙهي خدابخش ڀٽي واري قبرستان سبب سنڌ ۾ اليڪشني اڪثريت توڙي اقتداري اُٺُ پيپلز پارٽي ڏانهن جهڪيل رهيو آهي.پ پ جي مضبوط ڳڙهه ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ (ن)کي اڃا سخت محنت ڪرڻي پوندي .


الطاف پير زاد و

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو