Home / سياسي افيئر / نيٽو سپلاءِ ۽ ٿرلر ڊرامي جي آخري قسط
above article banner

نيٽو سپلاءِ ۽ ٿرلر ڊرامي جي آخري قسط

حڪومت ۽ ملڪ جي پنجاب جي محبوب ادارن وچ ۾جيڪو ٿرلرهمسفر ڊرامو هلي رهيو آهي، لڳي ٿو ته ان جي آخري قسط گهڻي پري ڪانه آهي.آخري قسط کان اڳ هڪ نئون موڙ اچڻ وارو آهي ۽ سرڪار جا خيرخواهه ۽ ملڪ جا لبرل خيالن وارا ماڻهو دعا ڪري رهيا آهن ته شال اهو موڙ ئي هجي، مروٽو نه هجي. صدر آصف زرداري جو آمريڪا جو دوروسڀ کان وڏي آزمائش آهي جنهن دوران کيس شڪاگو ۾ ناٽو جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو آهي.  سڀ کان وڏي بي يقيني اها پيدا ڪئي وئي ته پاڪستان هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو يانه.

 

پهريان ته پالتو طوطو (اردو اليڪٽرانڪ ميڊيا) لشڪري لڏي پاران جرئت وارو موقف رکڻ تي شاباس ڏيندي رهي ۽ بار بار اهو چيو ويو ته مڙس ماڻهو ته مڙس ماڻهو آهن پر ملڪ جي واڳ صفا چٽ قسم جي غير محب وطن سياستدانن وٽ آهي جن ملڪ جو پٽڪو ڌوڙ ڪرائي ڇڏيو آهي. مڙس ماڻهن جو موقف اهو هو ته پاڪستان جيئن بون ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو هو تيئن ناٽو جي شڪاگو واري اجلاس ۾ به نه وڃي. چيو ويو ته جيستائين آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽن تي ڪيل حملي جي معافي نٿو وٺي تيستائين ناٽو رستو به نه کوليو وڃي.

ياد رهي ته هن کان اڳ معافي واري ڳالهه مڙس ماڻهن پنهنجي محب وطن پارٽين وسيلي پارليامينٽ مان منظور ٿيل ڪاڳر ۾ به شرط طور وجهرائي ڇڏي هئي. ٻين لفظن ۾ هنن صدر زرداريءَ تي هڪ ٿي نه سگهڻ جهڙو ڪم رکيو ته جيڪڏهن هو چاهي ٿو ته ملڪ ۾ معيشت بحال ٿئي، لوڊ شيڊنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ڏوڪڙ هٿيڪا ٿين ۽ حڪومت تان گار جو سوسٽ لهي، ته هو دنيا جي واحد سپر پاور کان معافي نامو لکرائي هنن جي حضور ۾ پيش ڪري.ان کان پوءِ هي ناٽو جو ڦاٽڪ پاڻهي کولي ڇڏيندا.


پر هنن سان اهڙو ڌڪ ٿيو آهي جو مڙس ماڻهو ۽ سندن طوطا ٻوڏار ۾ هليا ويا آهن. ٿيو هيئن جو پرڏيهي پاليسيءَجي مالڪن حڪومت کي چيو ته اها آمريڪي معافي واري ڳالهه مان ڪنهن به ريت هٿ نه ڪڍي. هنن جو خيال هو ته ايئن آمريڪا کان پگهار به وڌرائي ۽ پ پ سرڪار کي آمريڪين جي نظرن ۾ به ڪيرائي ڇڏبو ته ڪا صفا چٽ قسم جي سرڪار آهي. پر هنن کي اندازو نه هو ته ناٽو جي رستي روڪ کي گهڻو وقت گذرڻ ڪري ڳالهه ايتري گوڙ کان چڙهي وئي آهي جو هاڻي پريشر وجهي آمريڪا کي جهڪائڻ وارو مرحلو گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي. ويچاري پ پ سرڪار حڪم جي بجا آوري ۾ غيرت منديءَ واري موقف جي رسي مان هٿ ڪونه ڪڍيا جيڪو تاڻجي تاڻجي هاڻي ٽٽڻ وارو آهي.

شڪاگو ڪانفرنس جون تياريون شروع ٿيڻ سان پاڪستان مان اطلاع اچڻ لڳا ته پاڪستان ان ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارو غيرتمندانه فيصلو ڪرڻ وارو آهي، ته ناٽو جي سربراهه اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ناٽو جا رستا نه کوليا ويا ته پاڪستان کي دعوت ئي ڪانه ڏني ويندي. يعني ناٽو وارن ته اسان جي مڙس ماڻهو لڏي کي اهو تڪلف ڪرڻ جي به گنجائش ڪانه ڏني ته احتجاج ڪن ۽ دنيا ڏسي ته مار، شڪاگو ڪانفرنس ۾ پاڪستان لاءِ رکيل ڪرسي خالي پئي آهي.

ناٽو سربراهه جي بيان کي پاڪستاني ميڊيا گلم هيٺيان ڏيئي ڇڏيو. بظاهر غيرتي پروگرام جاري رهيا پر ”اندر خاني“ ۾ هاڻي اها پريشاني پلجڻ لڳي ته آمريڪا ته هاڻي صفا ٿو هٿان وڃي. پهريان اهو فيصلو هو ته ڪونه وڃبو، هاڻي اها اڻ تڻ هئي ته ڪنهن ريت دعوت نامو حاصل ڪجي. وڏي ڌر کي ڪاوڙائي ته هلي ئي ڪونه سگهبو، پر ان جي ڪاڄ۾ شريڪ ٿي ميارون ڏجن ۽ ڪنهن ريت تعلق ٽٽڻ کان بچائجي.

فوري طور اهڙا سگنل ڏنا ويا ته پاڪستان ان معاملي تي ڳالهين لاءِ سنجيده آهي. نيٺ آمريڪي انتظاميه هڪ اعلي سطحي فوجي وفد موڪليو جنهن ذري گهٽ پورو هفتو اسلام آباد ۾ گذاريو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستاني ميڊيا ۾ ان ڳالهه ڦاٽ کاڌو ته پاڪستان ننڍي سائز جي معافيءَ تي راضي ٿي ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن رڳو ڪو چئن تارن وارو آمريڪي جنرل ئي معافي وٺي ڇڏي ته ڳالهه ٺهي ويندي. ان دوران صدر زرداريءَ تي بار وڌو ويو جنهن وڏي مشڪل سان شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پنهنجو پاڻ کي  دعوت ڏياري ۽ نيٺ آمريڪا روانو ٿيو بلڪه همراهن پاڻ کيس جهاز ۾ چاڙهي روانو ڪيو.

محب وطن ميڊيا چوڻ شروع ڪيو ته صدر زرداري پرڏيهي پاليسيءَ جي مالڪن جي منظوريءَ کان سواءِ ته ان ڪانفرنس ۾ وڃي نٿو سگهي ۽ اهي جيئن ته وڏا مڙس ماڻهو آهن، سي اهڙو ڪمزوريءَ وارو ڪم ڪٿي ٿا ڪري سگهن. ضرور ڪو مسئلو ٿيو آهي. ضرور اهڙو غيرت کان خالي ڪم غير محب وطن ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آيل آصف زرداري ئي ڪري سگهي ٿو. صدر صاحب جو جهاز روانو ڪري مڙس ماڻهن واپس اچي جيڪو ڪم ڪيو سو عجب جهڙو آهي.

جڏهن آمريڪي ترجمان پاران چيو ويو ته هڪ اعلي سطحي آمريڪي فوجي وفد اسلام آباد ۾ موجود آهي۽ ناٽو جا رستا کولڻ جي باري ۾ پاڪستان سان ڳالهين ۾ نتيجو ڏياريندڙ پيش رفت ٿي آهي، ته اسان جي لشڪري لڏي وضاحت ڪئي ته وفد برابر آيل هو ۽ ان سان ڳالهيون به ٿيون پر ناٽو جو رستو کولڻ جي باري ۾ ته ڪا ڳالهه ڪانه ٿي آهي.

اهڙي وقت تي اهو بيان ڏيئي هڪ ته هنن ”بي دعوت محفل ۾ آيل“ صدر زرداريءَ کي ٻين مهمانن اڳيان منهن ڏيکارڻ جهڙو ڪونه ڇڏيو. پنهنجو صدر ڪانفرنس ۾ اماڻي هنن آمريڪا ۽ ناٽو سان مائٽي ٽٽڻ کان به ڪنهن ريت بچائي، ناٽو سربراهه جي بيان جيڪو هنن تي نفسياتي پريشر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هنن اهو به محسوس ڪرايو ته اسان جي ٺٺئي کي به پرواهه ناهي ۽ اسان اڃا پنهنجي فيصلي تي قائم آهيون. وڏي ڳالهه ته هنن پنهنجي محب وطن قوم جي ماڻهن ڏانهن به اهو نياپو موڪليو ته پاڻ اهڙا ئي مڙس ماڻهو آهيون جهڙو اوهان اسان کي سمجهو ٿا.

ان شام طوطي جون ٻوليون ئي ٻيون هيون. چي صدر زرداريءَ جي انڊيا واري دوري وقت اسان جي مڙس ماڻهن کيس ”مينڊيٽ“ ڏنو هو، ان ڪري هو اتي وڃي ڪيترائي فيصلا ڪري آيو. هن ڀيري مڙس ماڻهن پاران ڪو مينڊيٽ ڪونه ڏنو ويو آهي تنهن ڪري زرداري اتي وڃي ڪهڙو فيصلو ڪندو؟ جيڪڏهن هن انهن سان ڪو فيصلو ڪيو به ته ڇا ان تي عمل ڪرائي سگهندو. ڪيترن جو چوڻ هو ته جي زرداري ناٽو جا رستا کولڻ جو فيصلو ٻڌائي آيو ته اهو سندس ذاتي فيصلو هوندو ۽ اهو محمد خان جوڻيجي پاران جنيوا معاهدي تي صحيح ڪرڻ جهڙو فيصلو هوندو. معني ته پاڻ اسلام آباد واپس هوندو ته ڪرسيءَ تي ڪونه هوندو.

سو هي هئي اها ڪپڙي جي تاڪئي وانگر کلندڙ نئين صورتحال جنهن ۾ سمجهيو اهو پيو وڃي ته سال جي آخر تائين جيسين وڃي اهو خير خوبيءَ سان پورو ٿئي، همسفر ڊرامي جي آخري قسط کان اڳ ڌرين ۾ هڪڙو وڏو جنگاڻ اڃا ٿيڻو آهي.

مڙس ماڻهو وڏا ڪاريگر آهن. هڪ پاسي غصو کنيو پيا هلن. اندر ۾ ڊپ ۽ اڻ تڻ ته آمريڪا جهڙو گراهڪ ڀڄائي بلڪه ڪاوڙائي هو هلي سگهندا. ڊبل رويي ۾ به هنن جو ڪو ثاني ڪونهي. سڀنيءَ کي ياد هوندو ته ڪيري لوگر بل مهل ڪيڏي ڪاوڙ ڪڍيائون. پريس ۾ اچي چيائون ته اسان کي قبول ڪونهي، پر اهو بيان ڏيڻ جي ٺيڪ ڏهين ڏينهن هنن جي سربراهه جنرل پيٽرياس کي عرضداشت موڪلي هئي ته ڪجهه وڌيڪ گن شپ هيلي ڪاپٽر موڪليو ته وڏي مهرباني ٿيندي. ظاهر آهي آمريڪا جا ڊالر به کپن جن کان سواءِ هتي هلي ڪونه سگهبو. بندوقون ۽ هوائي جهاز به کپن جو پاڙي پاسي ۾ ڏاڍو مڙس ٿي هلڻ تان به هٿ ڪونه کڻبو.

مون اڳ به لکيو هو ۽ اها ڳالهه پڌري ٿئي پئي ته آمريڪا جي باري ۾ همراهن جا اندازا ۽ ليکا ايڏا صحيح ڪونه پيا ٿين، تنهن ڪري روزانو جي نفسياتي پريشر واري راند ۾ ڪٿي ڪنهن حرڪت جو اهڙو نتيجو نڪري سگهي ٿو جيڪو هنن سوچيو به ڪونه هوندو. تازو Future of Pakistan پروجيڪٽ ۾ آمريڪي دانشورن جيڪي تجزيا ڪيا آهن، سي ڏاڍا ڳڻتيءَ وارا آهن. مثال طور هنن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مالڪ ٿي ويٺل لڏي کي ان جو ڪو به اندازو ڪونهي، ته جيڪڏهن انهن پنهنجي پاليسين جو رخ ٺيڪ نه ڪيو ته پوءِ صورتحال هنن جي هٿن مان نڪري سگهي ٿي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته هنن جهادي پالي، اسامائن کي پناهون ڏئي سڄي دنيا جي نظرن ۾ اها شهرت ڪمائي آهي ته هي جهاد ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي. ٻيو ته ممبئي تي ٿيل حملي کانپوءِ انڊيا وارن جي ڊپلوميسي دنيا کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، جنهن بعد دنيا ۾ ڪير به هنن همراهن جي ان موقف کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ته ڪو انڊيا اڳرائي ڪندڙ ملڪ آهي، جيڪو ڪشمير تي قبضو ڪيو ويٺو آهي. اساما واري ڪامياب آمريڪي ڇاپي کانپوءِ ممبئي حملي جهڙي نوعيت جو ڪو به واقعو ٿيو اهو پاڪستان کي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن جهادي ڌرين آمريڪا سان هاڻي ڪو ننڍڙو نائين يارنهن به ڪيو ته ڳالهه ڊرون حملن کان چڙهي ويندي.

تجزئي نگارن جو چوڻ هو ته ڪجهه شين جي باري ۾ هاڻي همراهن جي اک کُلي آهي. مثال طور ايڏا جهادي پالڻ جي نتيجي ۾ رياست اندر پاور جا هڪ کان وڌيڪ سينٽر قائم ٿي پيا آهن ۽ انهن جي ميزباني ڪندڙن جو پاور گهٽيو آهي. خبر ناهي ته سندن اک کلي آهي يا نه پر ٿورو فرق ضرور نظر اچي ٿو. مثال طور هنن حافظ سعيد کي رات وچ ۾ فائيٽر منجهان هڪ تقريرون ڪندڙ عالمِ دين بڻائي ڇڏيو آهي. يا هنن تازو ئي زرداري کي دهلي ۾ ٿيل مانجهاندي دوران وڏا فيصلا ڪري اچڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي.

پر پوءِ سڌارو اچي سگهي ٿو يا نه ان جو پتو ان مان پوندو ته هو پاڻ به ڪي ڏکيا فيصلا ڪن ٿا يا اُهي رڳو زرداري لاءِ ڇڏي ٿا ڏين ته اهو تنقيد جو نشانو بڻجي. ڏکيا فيصلا ڪرڻ جي شروعات معافي جي مطالبي تان هٿ کڻڻ سان ٿيندي. هونئن به اليڪشن واري سال آمريڪي صدر هاڻي ڪا معافي ڪو نه وٺندو، جو هو هڪڙي معافي افعانستان کان وٺي هن سال جي معافين واري ڪوٽا اڳ ئي پوري چڪو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو