Home / افيئر / ٻوڏ جو خطرو: حفاظتي بندن جو ڪم رولڙي ۾
above article banner

ٻوڏ جو خطرو: حفاظتي بندن جو ڪم رولڙي ۾

 

 

نيشنل ڊزاسٽرمئنجمنٽ اٿارٽي طرفان ملڪ ۾ هلندڙ سال جي سانوڻي واري مند ۾ شديد قسم جي برساتن جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ صوبائي حڪومتن کي به حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اهي وقتائتا قدم کڻي اڳواٽ ئي بندوبست ڪن.ان وارننگ کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ ڳڻتي واري لهر پئدا ٿيل آهي ڇو ته سنڌي ماڻهو اڳ ئي ٻه ٻوڏون ڀوڳي چڪا آهنانهن افتن لکين ماڻهو بي گهرڪين ۽ سوين جانيون به ضايع ڪيون.هاڻي سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته آخر حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟،صدر پاڪستان آصف علي زرداري به اڳ۾ حڪم ڏئي چڪو آهي ته بندن جو ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪيواوڃن،ڇا اهو ڪم مڪمل ٿي سگهيو آهي؟

ڪجهه ڏينهن اڳ اين ڊي ايم اي جي طرفان برساتن سبب دريائي وهڪرن ۾ واڌ سبب 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو ۽ وارننگ ڏني هئي ته ان حوالي سان وقتائتا اپاءُ ورتا وڃن پر سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري انهن سمورين وارننگن کي رد ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سانوڻي واري مند ۾ ڪابه ٻوڏ اچڻ جو خدشو ڪونهي ۽ اين ڊي ايم اي کي به چيو آهي ته اهڙي قسم جا بيان نه ڏنا وڃن،هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا ڪنهن آفت اچڻ کان اڳواٽ آگاهي ڏيڻ غلط آهي؟،اين ڊي ايم اي جي اهڙي وارننگ جي ٻي ڏينهن کان سنڌ ۾ شديد برساتون پوڻ شروع ٿي ويون آهن.سنڌ جي آبپاشي کاتي کي گهرجي ته اهو وقت سر پنهنجي تياري مڪمل ڪري ڇڏي ڇو ته مصيبت به پڇي نه ايندي آهي،بندن جو جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو هو ان ۾ لانگ ٽرم ۽ شارٽ ٽرم پروگرام هو جنهن مان شارٽ ٽرم پاڻي ماهر ادريس راجپوت جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويو هو جيڪو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ لانگ ٽرم وارو ڪم جي ٿري (G-3)ڪمپني جي نگراني ۾ شروع ڪيو ويو آهي جيڪو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي .خدشو آهي ته اهو ڪم وقت مڪمل ٿي به سگهندو يا الاهي نه؟.ٻي طرف افيئر طرفان پاڻي ماهر ادريس راجپوت سان رابطو ڪيو ويو ته ان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته واقعي ڪجهه بندن تي ڪم هلندڙ آهي جيڪو به 30 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ هن اها ڳالهه به ڪئي ته ايندڙ سال ڀلي 12 لک ڪيوسڪ پاڻي به اچي ته به بندن کي ڪجهه به نه ٿيندو،اهي تمام مضبوط آهن

وفاقي فلڊ ڪميشن ڏانهن اماڻيل بندن واري رٿائن جو ڇا ٿيو : سنڌ حڪومت طرفان 89 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان قائم ٿيندڙ بندن وارين 35 رٿائون جو مسودو منظور ڪري وفاق حوالي ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن کان مليل رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ارسا جي هڪ اهم گڏجاڻي سنڌ جي آبپاشيءَ واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجي جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ سيڪريٽري آبپاشيءَ بابر آفندي سميت آبپاشيءَ جي ماهرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ 35 رٿائن تي تفصيلي بحث بعد انهن کي منظور ڪري فنڊنگ جي لاءِ وفاقي فلڊ ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي جيڪا وڌيڪ نظرثاني بعد انهن کي منظور ڪندي.ذريعن موجب ماهرن ان ڳالهه تي اعتراض واريو ته انهن 35 رٿائن لاءِ فنڊ ڪٿان ايندا؟ جنهن تي آبپاشيءَ کاتي اهو موقف اختيار ڪيو ته ان لاءِ وفاق سان ڳالهايو ويندو ته گذريل 15 سالن کان ڪم نه ٿيڻ سبب بند ن جي حالت خراب آهي ان کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرائڻ لاءِ فنڊ ڏنا وڃن نه ته وفاق وٽ تنهن هوندي به وسيلا نه آهن ته پوءِ انهن کي عالمي مالياتي اداري ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڏي وٺي وڃبو ڇو ته بندن جي نگراني ڪرڻ مرڪزي سرڪار جو ڪم آهي.ذريعن موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي طرفان 89 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 35 رٿائون وفاقي فلڊ ڪميشن ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن جيڪي منظوري بعد ئي ڪم ڪرائي سگهبو ۽ آهي بندن جي پچنگ،مٽي جي ڀراءُ سميت ٻيون رٿائون شامل آهن جنهن بابت افيئر کي پتو پيو آهي ته اهي رٿائون وفاقي فلڊ ڪميشن پنهنجي ايجنڊا تي ئي نه آنديون آهن جيڪي رولڙي جو شڪار آهن ۽ مٿان وري اين ڊي ايم اي وارن به وارننگون جاري ڪيون آهن جيڪڏهن اهي رٿائون منظور نه ٿيون ٿين ۽ جن بندن تي ڪم هلندڙ آهي اهو مڪمل نٿو ٿئي تيستائين ته سنڌ جي ايندڙ ٻوڏ تائين صورتحال ڏاڍي خراب ٿيندي ۽ وارننگ ڏيندڙ ادارن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن صوبائي حڪومتن سٺي نموني بندوبست نه ڪيا ته ايندڙ سال سنڌ ۾ وڏيون برساتون پوڻ سان گڏ وڏو پاڻي جو ريلو به اچي سگهي ٿو جنهن کي اوچتو منهن ڏيڻ ڪنهنجي به وس نه هوندو .ٻي طرف سنڌ جي آبپاشيءَ واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجي به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اسان دريائي بندن سان لاڳاپيل 35 رٿائون منظور ڪري فنڊنگ لاءِ وفاقي فلڊ ڪميشن حوالي ڪيون آهن جن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان به ڳالهيون هلندڙ آهن ته اها انهن لاءِ فنڊ فراهم ڪري جيڪو قرض مليو به ته ان جي واپسيءَ مرڪزي سرڪار ئي ڪندي جنهن سان سنڌ حڪومت جو ڪوبه تعلق نه هوندو.هن چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌوءِ درياءَ جي بندن تي ڪم نه ڪرايو ويو جنهن سبب بندن ۾ گهارا پيا.هن چيو ته ايل بي او ڊي کي بحال ڪري ان جي گنجائش وڌائي ويندي ۽ ان جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪبو،اسان ميرپورخاص،سانگهڙ،ٽنڊوالهيار ۽ ٻين ضلعن ۾ قائم ڊرينز کي بحال ڪنداسين جيڪي نگراني نه ڪرڻ سبب لٽجي ويون آهن ۽ ان ۾ وڻڪاريءَ ٿي وئي آهي جن کي صاف ڪيو ويندو جيئن اوچتو ڪا آفت اچڻ جي صورت ۾ اضافي پاڻي کي ان ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي. قاصي احمد-آمري پل درياهي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻبي!

2010ع جي ٻوڏ ۾ خيرپور-لاڙڪاڻو پل ۽ مورو دادو پل پاڻي جي تيزي سان نيڪالي ۾ رڪاوٽ بڻيل هيون جنهن سبب موجوده حڪومت جي اهم انتظامي عهدن تي ويٺلن ان تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا هئا ته انهن پلن جي ڪري سنڌوءَ دريا جي وهڪري ۾ رڪاوٽ وڌي جنهن سبب پاڻي جو پريشر بئراج ۽ بندن تي پيو ۽ هاڻي وري حڪمران پارٽي جي ڪجهه ايم پي ايز کي قاضي احمد-آمري پل تي اعتراض آهي ته اها مستقبل ۾ سنڌوءَ جي پاڻي وهڪري ۾ رڪاوٽ وجهندي ۽ ان پاڻي وهڪري جو پريشر اسان جي علائقن ڏانهن هوندو.

پرڏيهي ماهرن بجاءِ مقامي ڪمپني کان ڪنهن جي چوڻ تي اسٽڊي ڪرائي وئي ؟ صدر طرفان رٿابندي کاتي کان جواب طلب ڪيو ويوآهي ۽ صدر آصف علي زرداري ايوان صدر اسلام آباد ۾ آبپاشي کاتي،رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي،اين ايڇ اي چيئرمين ۽ چيف سيڪريٽري کي بريفنگ جي لاءِ انتظاميه کي طلب ڪري ورتو هو پر اهو تڪرار اڃا حل نه ٿي سگهيو آهي.ذريعن کان افيئر کي مليل ان بريفنگ واري ڪاپي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قاضي احمد –آمري پل تي ڪل 4 ارب 19 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي ۽ هن وقت تائين 78 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي.ذريعن موجب آبپاشي کاتي جي تيار ڪيل پلان ۾ اهو اعتراض ڪيو ويو آهي ته قاضي احمد-آمري پل بابت جيڪا رٿابندي ڪئي وئي آهي اها مستقبل ۾ سنڌوءَ درياءَ جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي ۽ اهڙي اعتراض بعد صدر آصف علي زرداري طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سڪرنڊ ۽ سن واري پل جي ڊزائين تبديل ڪري قاضي احمد – آمري پل ۾ ڇو تبديل ڪئي وئي آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن اهي ٻڌايا وڃن؟.آبپاشي کاتي اهو به ٻڌايو ته 2010ع واري ٻوڏ ۾ خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۽ مورو –دادو پل ئي وڏي رڪاوٽ بڻيون هيون جنهن تي صدر رٿابندي ۽ ترقي ۽ آبپاشي کاتي کي حڪم ڏنو ته اوهان ان حوالي سان مستقل رٿابندي ڪريو جئين نقصانن کان بچي سگهجي.ذريعن موجب پ پ جي ڄام تماچي انڙ ۽ غلام قادر چانڊيي جي سخت احتجاج ڪيو هو ته جيڪڏهن ان پل جو ڪم وڌيڪ جاري رهيو ته پوءِ مستقبل ۾ ايندڙ ٻوڏ جي خطري کان محفوظ نٿو رهي سگهجي.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر اهڙي ناقص رٿابندي ڇو ٿي ڪئي وڃي جنهن سان سنڌ کي نقصان ٿئي ۽ چونڊيل نمائندا به تڏهن ڪٿي هئا جڏهن ان رٿا جي ڊزائين تيار ڪئي پئي وئي،ان وقت اعتراض ڇو نه ڪيو ويو جو هاڻي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ کان پوءِانهن کي جاڳ ٿي آهي.

31ارب جون رٿائون منظور،لنگن تي قبضابرقرار!

آبپاشيءَ کاتي طرفان ڊگهي ۽ مختصر عرصي لاءِ دريائي ٻوڏن کان بچاءُ بابت 31 ارب رپين جو پلان 2012ع تيار ڪري سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري اعلي فورم پي ڊي ڊبليو پي ڏانهن منظوري لاءِ اماڻيو ويو آهي جنهن اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي جنهن تي ٽڪي جو به عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهي پئسا جيڪي منظور ڪيا ويا آهن سي فائيلن ۾ ئي پيل آهن ڇو ته آبپاشي کاتي طرفان اڃا تائين قدرتي ڍورن،لنگهن ۽ بندن تان قبضا ئي ختم نه ڪرايا آهن انهن جي صورتحال به ساڳي آهي ته قانون منظور ٿي ويو آهي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.ذريعن کان “افيئر” کي مليل دستاويزي رپورٽ موجب لانگ ٽرم پلان 22 ارب 80 ڪروڙ ۽ شارٽ ٽرم پلان 8 ارب 90 ڪروڙن جو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کاري پاڻي جي ڊرين جي آر ڊي 127 کان 159 تائين مرمت ۽ بحاليءَ جنهن جي لاڳت 80 ڪروڙ،ڊي پي او ڊي جي آر ڊي 127 کان 5 تائين بحالي جنهن جي لاڳت 27 ڪروڙ 40 لک،پراڻ کان شڪور ڍنڍ،شهدادپور ۾ قائم سهڻي،ٽنڊوالهيار، ٽنڊو غلام علي بهائي خان ڍنڍن جي بحالي جنهن جي لاڳت 3 ارب 70 ڪروڙ،ڪي پي او ڊي جي آر ڊي 159 جي بحاليءَ جنهن جي لاڳت 5 ڪروڙ 10 لک،ايل بي او ڊي برانچ،ڪي پي او ڊي ڊرين ۽ ٻين جي بحالي ءَ جنهن جي لاڳت 31 ڪروڙ 50 لک، ميرپورخاص ڪمپوننٽ ڊرين جي بحالي جنهن جي لاڳت 10 ڪروڙ، پوڪيٽ ڊرين کان هرال تائين ۽ ڍورو نارو ۽ فقير محمد ڊرين جي بحالي جنهن جي لاڳت ڏيڊ ڪروڙ،سرفراز/ڊگڙي ڍورو ۽ ان جي اڳيان باءِ پاس جو قيام به شامل آهي جنهن جي لاڳت ساڍا 15 ڪروڙ،سانگهڙ ڊرين جي بحالي جنهن جي لاڳت 5 ڪروڙ،نوابشاهه ڊرين جي بحاليءَ جنهن جي لاڳت 5 ڪروڙ،ڦيليليءَ گوني ڊرينيج سسٽم جنهن جي لاڳت 15 ڪروڙ،ڪارو گونگڙو جي بحالي جنهن جي لاڳت 2 ڪروڙ 40 لک،اڪرم واهه ۽ ڦليلي واهه جي بحاليءَ جنهن جي لاڳت 5 ڪروڙ،14 رٿائن جي ڊزائين ۽ نگراني لاءِ جنهن جي لاڳت 11 ڪروڙ 90 لک،مزدوريءَ تي ايندڙ خرچ جنهن جي لاڳت 6 ڪروڙ،ڪنهن جي مدد سان شروع ٿيندڙ ڪم جنهن جي لاڳت 11 ڪروڙ،روهڙي ڪئنال سسٽم(نصير ڊويزن)15 ڪروڙ،نارا ڪئنال سسٽم(ڄامڙو،مٺڙائو ۽ ٿر ڊويزن)جنهن جي لاڳت 30 ڪروڙ،اڪرم ۽ ڦليلي ڪئنال سسٽم جنهن جي لاڳت 20 ڪروڙ،سکر بئراج ريجن جي ساڄي پاسيءَ ۾ برساتن سبب نقصانن جي بحاليءَ جنهن جي لاڳت 20 ڪروڙ رپيا آهي،ڪئنالن جي ڊزائين ۽ نگراني لاءِ 10 ڪروڙ 90 لک ۽ مزدوري ڏيڻ لاءِ ساڍا 5 ڪروڙ رپيا ۽ ٻيون رٿائون به شامل آهن.آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي رٿائن جي پلان ۾ جيڪي مختصر پلان آهي اهو 2 سالن ۾ مڪمل ٿيندو جيڪو ايندڙ 20 سالن تائين بچاءُ ڪري سگهندو.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو