Home / افيئر / پاڪستان : معاشي ڀونچال سبب پر ڏيهي سيڙپڪارن جي ڀاڄ
above article banner

پاڪستان : معاشي ڀونچال سبب پر ڏيهي سيڙپڪارن جي ڀاڄ

پاڪستان 2007  کان معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڇو ته ان وقت کان سياسي بحران سبب عدالتي بحران جنم ورتو . جڏهن ته 27 ڊسمبر تي پ پ جي چيئر پرسن بينظير ڀٽو جي المياتي شهادت سبب صورتحال اڃا به ڳنڀير ٿي وئي. اهو ئي سبب آهي جو فيبروري 2008 جي عام چونڊن کانپوءِ به ملڪ معاشي طور سنڀلجي نه سگهيو آهي.سياسي حڪومت جي سٺي گورننس نه هجڻ سبب ملڪ ۾ جتي امن امان جي صورتحال بدتر آهي اتي ملڪ جي مختلف هنڌ ن تي دهشتگردي جي واقعن ۾ پڻ واڌ آئي آهي.جڏهن ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران پڻ خراب معاشي صورتحال جو هڪ ڪارڻ آهي. ناڻي واڌ ۽ بيروزگاري به عوام لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي.قدرتي گئس جي کوٽ ،عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ، سياسي عدم استحڪام ۽ آمريڪا سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پڻ ملڪ جي معيشت جي بحران ۾ مبتلاهجڻ جا ڪجهه فيڪٽر آهن.“توانائي جو بحران ئي پاڪستان جي معيشت جي بحران جو سڀ کان وڏو سبب آهي” ٽاپ لائين سيڪيورٽي جو چيف ايگزيڪيوٽو محمد طفيل “افيئر” کي ٻڌائي ٿو . واضح رهي ته ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردڪارروايون ۽ امن امان جي خراب صورتحال پڻ خراب معيشت جو سبب آهن.


گذريل مالي سال دوران سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري Foreign Direct investment))37 ساله ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ رهي. جنهن مان پتو پوي ٿوته ملڪ معاشي طرح ڪيترو ڀونچال ۾ ورتل آهي. ”سينيئر معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد صديقي ٻڌائي ٿو . واضح رهي ته سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ملڪي معيشيت ۾ اهم ڪردارادا ڪندي آهي. ليڪن ملڪ جي لڳاتار خراب سياسي ۽ معاشي صورتحال جتي ملڪ کي ڪافي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.اتي  پرڏيهي سيڙپڪارن کي هتي سڙپڪاري جي حوالي سان پڻ ڪافي  مايوس ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هاڻي يورپي ۽ آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ بدران ٻين ايشيائي ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن .ڪيترائي اسرندڙ ملڪ پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ کين پنهنجن ملڪن ۾ سڌي سيڙپڪاري لاءِ راضي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي متبادل فائداپڻ آڇي رهيا آهن.ان سلسلي ۾ اهي لبرل معاشي پاليسيون پڻ اختيار ڪري رهيا آهن .ياد رهي ته پاڪستان ان ڏس ۾ قدم کڻندي 1988ع ۾ ئي ڊي ريگليوشين پرائيوٽاءِ ز يشن ۽ لبرلائيزيشن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو. ملڪ ۾ توانائي جو بحران 1990ع جي ڏهاڪي کان جاري آهي ۽ 1994ع جي انرجي پاليسي ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڪافي فائدا ڏنا ويا هئا ته جيئن اهي هتي پاور سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪن. ان جي نتيجي ۾ بجلي 5229 ميگاواٽ کان 19522 ميگا واٽ ٿي آهي. ليڪن نوازشريف جي گذريل حڪومت ۾ نجي پرڊيوسزP P S) )سان تڪرار سبب ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري رڪجي وئي. ان وقت کان وٺي هينئر تائين پاور جنريشن جي مد ۾ ڪو به اضا فو نه ٿيو آهي.بجلي جي وڌندڙ گهرج ۽ گهٽ سپلاءِ هجڻ سبب ان جا معيشيت تي نهايت ئي برا اثر پياآهن . ان جو وڏو سبب ايندڙ  حڪومتن طرفان بجلي جي پئداوار پار وڌائڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کڻڻ پڻ آهي.ان جو هڪ ٻيو سبب وڏي پئماني تي بجلي چوري ٿيڻ  يا پاور سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ پڻ آهي. نه وسارڻ کپي ته توانائي جو بحران ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته عالمي سطح تي  تيل جو قيمتون پڻ تيزي سان وڌي رهيون آهن .

ان ڪارڻ گئس جي گهرج ۾ اضا فو ٿي رهيو آهي. اڪثر IPPS ۽ واپڊا پنهنجا ٿرمل پاور گئس تي منتقل ڪري ڇڏيا آهن . جڏهن ته گهريلو ڪنيڪشن سياسي لاڳاپن جي بنياد تي ڏنا ويا آهن. ڪارن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي گئس تي منتقل ٿيڻ سبب پڻ گئس جي طلب ۾ واڌ آئي آهي،

گئس جي گهرج ۾ واڌ سبب صنعتن لاءِ گئس جي کوٽ پئدا ٿيڻ فطري  ڳالهه آهي. جنهن سبب ملڪ جون ڪيتريون ئي صنعتون بند هجڻ سبب صنعتي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن.بد قسمتي سان گذريل ڪيترن سالن کان پرائيوٽائيزيشن جو سلسلو بند پيو آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري گهٽجڻ جو اهو  به هڪ وڏو فيڪٽر آهي. هلندڙ مالي سال دوران حڪومت کي اها اميد هئي ته پي پي پي ايل جي پرائيوٽائيز يشن سان سيڙپڪاري کي ٽيڪ ملندي پر نون مهينن دوران اهو معاملو به اڃا وچ تي اٽڪيو پيو آهي. جنهن ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ بجاءِ گهٽتائي آئي آهي.

واضح رهي ته عالمي معاشي بحران ۽ پاڪستان ۾ امن امان جي حوالي سان ناڪاري پروپيگنڊا پڻ پرڏيهي سيڙپڪاري جا لاهه ڪڍيا آهن ۽ هاڻي پرڏيهي سيڙپڪار هن طرف لوڻو ئي نٿو هڻي.اها صورتحال نه رڳو وفاقي سطح تي آهي پر صوبائي سطح تي به مڙيوئي خير لڳو پيو آهي ۽ ڪوبه سيڙپڪار ڪنهن صوبي ۾ به وڃڻ لاءِ تيار ناهي.

پاور سيڪٽر کانپوءِ پاڪستان 2005 کان ٽيليڪميو نيڪشن سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو .ليڪن 2008 کان پوءِ ان سيڪٽر ۾ به پرڏيهي سيڙپڪاري گهٽجڻ سبب پاڪستان جي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو . پي پي پي ايل جي پرائيويٽائيزيشن نين موبائل ڪمپنين جهڙوڪ ٽيلنور، وارد ۽ چائنا موبائل کي لائسنس جاري ڪرڻ سبب 2005-8 ۾ پاڪستاني معيشيت۾ هڪ وڏو ڇال آيو

ليڪن 2010-8 ۾ مواصلات واري شعبي ۾ به زوال اچڻ شروع ٿي ويو . حڪومت PTCL جا 26 سيڪڙو شيئر اتصالات ڪمپنين کي وڪرو ڪيا جنهن  ۾ ان کي شروعاتي طور 1.4 بلين ڊالرز مليا باقي 800 ملين ڊالرز پاڪستان سرڪار سان قانوني تڪرار سبب اڄ تائين حڪومت کي ادانه ٿي سگهيا آهن.گذريل سال بجيٽ وقت حڪومت پراميد هئي ته اها رقم کين هلندڙ مالي سال دوران ملي ويندي پر اهو معاملو اڃا تائين حل نٿي سگهيو آهي. اهڙي ريت حڪومت ان لاءِ به پر اميد هئي ته پاڪ ڪام انسشاقون/جي ڊس انويسٽمنٽ ۽ لائسنس وڪري کانپوءِ کي 291 ملين ڊالر ملي سگهندا. ياد رهي ته انسٽافون 15 سالن لاٰءِ 291 ملين ڊالرز لائسنس في ادا نه ڪري سگهي هئي.عملي طرح ڪجهه ٿئي يانه پر اميدن تي جهان قائم آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو