Home / پروفائيل / پهرين ورسي جي موقعي تي منهنجي دنيا، طارق کان پوءِ
above article banner

پهرين ورسي جي موقعي تي منهنجي دنيا، طارق کان پوءِ

لکڻ جو ڪڏهن سوچيو ئي نه هو، نه ئي طارق ان طرف ڌيان ڏياريو هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن ادب دوست ڪنهن ادبي پروگرام ۾ طارق تي ڳالهائڻ لاءِ يا ڪنهن رسالي ۾ لکڻ لاءِ چيو هو . ان جي مون کي به ڪڏهن ضرورت  محسوس نه ٿي هئي . ڇو ته مان طبيعتن تمام گهڻي خاموش ، گهٽ ڳالهائو ۽ ماڻهن جي ميڙ کان پري رهڻ واري آهيان . ان ڪري مان جيڪو به ۽ جيترو به ڳالهايو طارق سان ڳالهايو ، جيڪو ۽ جيئن سوچيم طارق کي ٻڌايم ۽ جيڪو چاهيم طارق کان گهريم . پنهنجو هر ڏک سک طارق سان ئي ونڊيم . اسان ٻنهي هڪٻي سان وڏي فراخدليءَ سان پنهنجي ماضيءَ کي شيئر ڪيو ، پنهنجي حال ۾ خوش ۽ مست رهياسين ۽ مستقبل لاءِ منصوبه ٺاهي عمل ڪندا رهياسين . منهنجي دنيا طارق کان شروع ٿيندي هئي ۽ طارق تي ئي اچي بيهندي هئي . ان کان اڳيان نه مون سوچيو ۽ نه ئي ان کان اڳيان وڌڻ چاهيو .

11جون 2011ع کانپوءِ جڏهن مون کي طارق تي لکڻ لاءِ چيو ويو ته مون سوچيو : ڪيئن لکان ۽ ڇا لکان ؟ جيڪو مان لکنديس اهو ته سڀ پڙهندا . اهو سوچي گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي ۽ مان انڪار ڪري ڇڏيو . پر پوءِ نصير مرزا ۽ اسحاق سميجو جي بار بار چوڻ تي سوچڻ شروع ڪيم ۽ همت ڪري قلم هٿ ۾ کنيم ته سارنگا ۽ امرتا لاءِ ڪجهه يادون لکي ورتم . لکڻ کانپوءِ وري فيصلو ڪيم ته هاڻي  نه لکنديس . ڇو ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ اهو به منهنجي لاءِ طارق تي لکڻ . پر هينئر وري همسفر گاڏهي جو اصرار هو ته مان “افيئر” لاءِ به لکان ۽ هڪ دفعو وري سوچڻ شروع ڪيم.

طارق سان گهاريل 26 سالن جي عرصي تي پکڙيل منهنجي زندگي هڪ خوبصورت باغ جيان آهي جنهن ۾ خوشيءَ ۾ سرشار بيشمار رنگين پوپٽ آهن . جتي ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن ۾  اسان جي ٽهڪن جون پينگهون ٻڌل آهن . اسان جي مستين ۽ شرارتن جون قسمين قسمين گلن جو ٻاريون ٺهيل آهن . ڪٿي ڪٿي پريشانين ، تڪليفن ۽ حادثن جا ٿوهر به آهن ۽ انهن جي وچ ۾ محبتن ۽ چاهتن جون نديون ۽ آبشار به آهن . 1987ع ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ کانپوءِ مسلسل لائيف سيونگ دوائون کائڻ ۽ ڊاڪٽر جي ڏنل لائيف لائين ڪراس ڪرڻ کانپوءِ طارق اڪثر پنهنجي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو . هونئن ته مان طارق جي هر ڳالهه پوري ڌيان سان ٻڌندي هيس پر اها ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندي هيس، ڇو ته مان طارق بنا زندگيءَ جو تصور ڪرڻ نه چاهيندي هيس . اهو ڄاڻيندي به ته هن فاني دنيا مان هڪ ڏينهن اسان کي هليو وڃڻو آهي . موت اٽل آهي. پوءِ به الائي ڇو  مان ان حقيقت کان لنوائيندي هيس . پر طارق به نه مڙندو هو بار بار مون کي  ان حقيقيت ۽ سچائيءَ جي ياد گيري ڪرائيندو رهندو هو . شايد هو مون کي ان لاءِ ذهني طور مضبوط ڪرڻ چاهيندو هو ۽ مان هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي طارق جي صحت ۽ زندگيءَ جي دعائن سان گڏ روز الله جا شڪرانا به ادا ڪندي هيس جنهن مون کي طارق جي روپ ۾ انمول تحفو عطا ڪيو .اهڙو تحفو جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ هزارين خوشين جا رنگ ڀريا ڇڏيا .طارق منهنجي لاءِ الله جي طرفان مليل هڪ نعمت هئي ۽ هڪ امانت به

1970ع ۾ پهريون ڀيرو مون کي پنهنجي  زندگيءَ جو مقصد سمجهه ۾ آيو هو، جڏهن منهنجو بابا هن دنيا مان رخصت ٿيو هو تڏهن پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي سمجهيو هيم ۽ پوءِ پنهنجيون ذميواريون سنڀالي همت سان اڳتي وڌي هيس ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جون راهون طئي ڪندي جڏهن اچي طارق سان مليس تڏهن هڪ ڀيرو وري ڄڻ زندگيءَ کي هڪ نئون مقصد ملي ويو ۽ مون سان ملي طارق کي به نئين زندگي ملي هئي . پوءِ مان ۽ طارق قدم سان قدم ملائي جڏهن اڳتي وڌياسين  ته  الله بيشمار نعمتن ۽ دوستن سان نوازيندو ويو . اهڙو ڇا هو جيڪو مون کي نه مليو هجي سڀ ڪجهه ته مليو هو طارق جي روپ ۾ . اهو طارق جيڪو ڄامشوري جي ڇڙواڳ هوائن ۾ رهندو هو . يونيورسٽي توڙي حيدرآباد جي روڊن رستن تي آواره گردي ڪندو هو . اهو طارق جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته هو غيرذميوار ، لاپرواه ۽ ڇوڪرين سان فلرٽ ڪندڙ غيرسنجيده ماڻهو آهي . پر مان  طارق کي هن جي ناول ” رهجي ويل منظر“ ۾ ڏٺو هو . جيڪو ذميوار ، حساس ، سنجيده ۽ پيار ڪرڻ وارو هڪ سچو ۽ کرو ماڻهو هو . هن جي شخصيت جو مڪمل عڪس هن جي ناول جي هر جملي ، هر منظر ۾ صاف ۽ چٽو نظر آيو هو . طارق مون کي به تڏهن ئي مليو هو جڏهن هو پنهجي شرٽ جا مٿيان بٽڻ بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو هو ۽ مان هن جي شخصيت جي سحر ۾ هن شعر جيان پريم جي درياهه ۾ ٻڏي پار ٿي ويس .

خُسرو دريا پريم ڪا

اُلٽي وهان کي دهار

جو اُترا سو ڊوب گيا

جو     ڊوبا    سو    پار

رهجي ويل منظر ۾ هونئن ته هر جملو ، هر پيراگراف گهري معنائن سان ڀريل آهي پر مون کي ان ناول ۾ لکيل هي جملا جنهن ۾ پُنهون چئي ٿو:

” مون کي اداس ۽ فرسٽريٽڊ ڇوڪريون

فوٽ پاٿ تي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾

وڪامجندڙ قيمتي ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن.“

ٽي هنڌ چئي ٿو :

”آئون جيڪڏهن دنيا جو امير ترين ماڻهو هجان ها

ته هڪ محل ٺهرايان ها

جنهن ۾ ساري جڳ جون فرسٽريٽد ڇوڪريون

پنهنجي مرضيءَ سان جيون گهارين ها .“

مون اهي جملا بار بار پڙهيا ها .هر بار انهن جملن جي سچائيءَ کي ، گهرائيءَ کي شدت سان محسوس ڪيو هو . اها ليکڪ جي سچيءَ دل سان ڪيل خواهش هئي . جيڪو هن جي اندر جو آواز هو. مون اهو محل ته طارق جي اندر ۾ جڙيل ڏٺو ۽ اها منهنجي خوشنصيبي ته ان محل ۾ باقاعده داخل ٿيڻ واري پهرين اداس ۽ فرسٽريٽد ڇوڪري مان بڻجي ويس . ۽ سچ پچ ته مان ان محل ۾ واقعي پنهنجي مرضيءَ سان جيون گهاريو . ڪا بندش نه هئي، ڪو ڊپ نه هو . اهڙي زندگيءَ جي خواهش ته هر ڇوڪري ڪندي آهي پر حقيقت ۾ اهڙي زندگي گذارڻ جو موقعو مون کي مليو اهو به طارق سان . طارق منهنجي ننڍي ۾ ننڍي خواهش کي ايئن پورو ڪيو جيئن ماءُ پنهنجي اولاد جي خواهش کي پورو ڪندي آهي . منهنجي زبان مان نڪتل هر ڳالهه کي طارق مانُ ڏيندو هو . ان وقت هو نه سوچيندو هو ته مون جيڪو چيو آهي اهو ٿيڻ جهڙو آهي يا نه . بس ڪري ڇڏيندو هو .

86-1985 جو زمانو هو  . هڪ ڏينهن مون طارق کي چيو : ” دل ٿي چئي سائيڪل هلايان .“ طارق هڪدم گهر ۾ پيل سائيڪل ٺهرائي ۽ هاءِ وي تي اچي مون کي هلائڻ لاءِ ڏنائين ۽ مان به ٻارن وانگربنا سوچڻ جي سائيڪل تي چڙهي يونيورسٽي اسٽيشن واري گهر کان پنهنجي امي جي گهر جيڪو ماروي هاسٽل جي پٺيان هو،  تائين اچي ويس ۽ طارق پنڌ پنڌ هلندو رهيو . بس پوءِ ته اسان جون مليل جليل مستيون ۽ شرارتون هونديون هيون . ڳچيءَ ۾ ڪئمرا ۽ يونيورسٽيءَ جا رستا ۽ اسان ٻئي ڪڏهن ڪنهن وڻ تي چڙهي ته ڪڏهن اسٽيشن جي پليٽفارم تي ۽ ريل جي پٽڙين تان هلندي هڪ ٻي جا فوٽو ڪڍندا هئاسين . برسات ۾ ڄامشوري جي پهاڙين تي چڙهي اتان وهندڙ پاڻيءَ ۾  ڀڄندا هئاسين . هاءِ وي تان گذرندڙ ٽرڪ کي هٿ ڏيئي لفٽ وٺي حيدرآباد اچڻ ۽ وڃڻ جو مزو وٺندا هئاسين . حيدرآباد جي مشهور گهٽين جي ڪارنرز تي بيٺل ٺيلن تان حليم  ، گول گپا ، ڇولا ، پڪوڙا ، برياني ، سيخ ڪباب ، ٻوٽيون وٺي کائيندا هئاسين ۽ واپسيءَ ۾ ريڊيو حيدرآباد تي نصير مرزا سان ملي پوءِ گهر موٽندا هئاسين .صبح جو نڪرندا هئاسين ته رات جو گهر موٽندا هئاسين . گهر وارن جي به ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي نه ئي سماج جو ڪو ڊپ .جڏهن دل چوندي هئي هاءِ وي تان بس ۾ چڙهي ڪراچي هليا ويندا هئاسين ڪڏهن ڪيهر شوڪت جي فليٽ تي ،ڪڏهن ڪيلاش جي گهر ، ڪڏهن ٽي وي تي بيدل مسرور جي آفيس ۾ ته ڪڏهن سميع بلوچ وٽ . کائي پي ،موج مستيون ڪري گهر موٽندا هئاسين ته گهر جي ڪنهن به فرد جي منهن ۾ ڪاوڙ جو هڪ به گهنج نه هوندو هو . نه اکين ۾ ڪا چڙ هوندي هئي، نه ئي زبان تي ڪو سوال بلڪه اسان کي ڏسندي ئي سڀني جي چهرن تي خوشيءَ جا رنگ لهي ايندا هئا . آئي ۽ اديون صدقي صدقي وينديون هيون . اهو ڪو سپنو نه حقيقت هئي .۽ گهر وارن لاءِ به اها ڳالهه غيريقيني هئي ته اهو طارق جيڪو مهينن جا مهينا گهر کان گم هوندو هو . اوچتو ظاهر ٿيندو هو  ۽ ويٺي ويٺي گم ٿي ويندو هو . اڄ اهو طارق مون سان گڏ روز گهر ۾ آ هي .

اوچتو نظر لڳي وئي شايد ، طارق بيمار ٿي پيو . منهنجي زبان مان نڪتل هر ڳالهه کي حقيقت جو روپ ڏيڻ وارو طارق ڊائلاسز مشين ۾ پيڙهجڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي ان بيماريءَ مون کي طارق لاءِ بڙ جو وڻ بڻائي ڇڏيو . مون پنهنجي پاڻ سان عهد ڪيو ته مان طارق لاءِ جيئنديس ۽ ان جي هر خواهش جو احترام ڪنديس . طارق  جي اندر ۾ جڙيل محل جنهن جي مان مالڪياڻي بڻجي وئي هيس ان جو دروازو هميشه کليل رکنديس .  ڪنهن کي به محل ۾ اندر اچڻ کان نه روڪينديس . ڇو ته  طارق کي انهن مهربانن جي دعائن سان انهن جي بي لوث  پيار  سان نئين زندگي ملي هئي . مون انهن ڏٺل اڻ ڏٺل چهرن تي طارق لاءِ جيڪو پيار ، جيڪا عقيدت ۽ خلوص ڏٺو هو  اهو طارق کان ڪنهن به قيمت پري ڪرڻ نه پئي چاهيو . ۽ پوءِ اهو محل سدائين آباد رهيو . مون ڏٺو اڪثر دوست به جڏهن ڪنهن پريشاني ۽ ڪنهن ڊپريشن جو شڪار ٿيندا هئا ته طارق سان رابطو ڪندا هئا ۽ طارق هنن کي نه رڳو ڌيان سان ٻڌندو هو بلڪه هنن کي مسئلي جو حل به ڳولهي ڏيندو هو . ڪجهه دوست اهڙا به هئا جيڪي روز گهر اچي طارق سان ڪچهري ڪري يا يونيورسٽي جي رستن تي واڪ ڪري پنهنجو ڊپريشن ختم ڪندا هئا . اُداس ڇوڪريون توڙي عورتون به هونديون هيون جيڪي پڻ طارق سان رابطي ۾ هونديون هيون . طارق سان ملڻ به اينديون هيون . ۽ مان هنن سان پوري طرح واقف هوندي هيس اڄ به آهيان . انهن سڀني لاءِ منهنجي دل ۾ احترام آهي . مان ته انهن جو به احترام ڪيان ٿي جيڪي طارق سان اختلاف رکن ٿا . جيڪي طارق تي ڪاوڙيل رهن ٿا . پر منهنجي دل مان هميشه انهن دعائون ئي نڪرنديون آهن .

طارق جون خواهشون پوريون ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو . هن وقت هو مون سان گڏ نه هوندي به گڏ آهي . مون کي هر وقت پنهنجي آسپاس هن جي هجڻ جو احساس ٿيندو آهي . ويندي ويندي مون کي نه رڳو  هڪ نئون مقصد بلڪه وڏيون ذميواريون به ڏيئي ويو آهي . هڪ وڏي ذميواري ٻارن جي جن کي طارق جي خواهش مطابق هنن کي منزل تائين پهچائڻ  ۽ هڪ مقصد طارق جا ڪتاب شايع ڪرائڻ آهي جنهن جو اڪثر هو اظهار ڪندو هو . هن وقت انهن ٻنهي ذميوارين کي کڻي پنهنجي زندگيءَ جي سفر کي اڳتي وڌايو آهي . جنهن ۾ طارق جي دوستن خاص ڪري نصير مرزا ، انعام شيخ ، اسحاق سميجو ۽ سميع بلوچ جي ساٿ سان طارق جو مواد گڏ ڪري نوان ڪتاب ڇپائڻ آهي . ان سلسلي ۾ ٻه ڪتاب“ ڪالم ڪهاڻي” ۽“ لفظن جو ناراض نسل” ڇپجي ويا آهن . اڄ به منهنجي سوچ جو محور  طارق آهي .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو