Home / افيئر / پورهت جيالي جي پاڻ کي باهه، مرز ا توتي دانهن
above article banner

پورهت جيالي جي پاڻ کي باهه، مرز ا توتي دانهن

پهرين مئي 2012 تي جڏهن سنڌ ۽ هن ملڪ سميت سڄي دنيا جا ڪروڙين پورهيت ،شڪاگو جي شهيدن جي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا هئا.تنهن ڏينهن صبح جو شاهه لطيف روڊ بدين تي انصاري پاڙي بدين جو هڪ 35 ورهين جو پورهيت عبدالرزاق انصاري پٽ سائين بخش انصاري باهه جي شعلن ۾ سڙي رهيوهو.اها باهه هن اوچتو پنهنجي ڪپڙن ۽ جسم تي پئٽرول هاري پاڻ لڳائي هئي.ان در دناڪ منظر،بدين جي صحافين ،شهرين ،اتي بيٺل بدين پوليس جي سپاهين کانسواءِ عبدالرزاق انصاري جي چئن معصوم نياڻين ارم،مهڪ،نيلم۽ صنم جن چئن ئي معصوم نياڻين جون عمريون ڏهن ورهين کان گهٽ هيون.انهن سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺو. بدين پوليس شهرين ۽ صحافين سميت ڪنهن به ماڻهو عبدالرزاق کي لڳل ڀيانڪ باهه جا ڀنڀٽ وسائڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. باهه کي وسائڻ ۽ عبدالرزاق کي بچائڻ لاءِ پنهنجي وس آهر سرٽوڙ ڪوشش وري به ايوان صحافت اڳيان بک هڙتال تي ويٺل ماڻهن ڪئي جن ڀر پاسي ۾ بروقت ڪوبه پاڻي ۽ مٽي وغيره نه هجڻ جي باوجود انساني جذبي جو بي مثال مظاهرو ڪندي عبدالرزاق کي لڳل باهه تي ضابطو آندو.ٻي حالت۾ اهو سڄو سڙي خاڪ ٿي وڃي ها .عبدالرزاق کي انتهائي نازڪ حالت ۾ علاج جي جديد هنگامي سهولتن کان محروم بدين جي سول اسپتال پهچايو ويو.جتي اهڙن نازڪ حالت وارن مريضن کي فقط فرسٽ ايڊ ڏئي حيدر آباد ۽ ڪراچي جي جديد هنگامي سهولتن وارين سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي.جن مان گهڻا مريض انهن ڏورانهين اسپتالن تائين پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن .بدين سول اسپتال جي ڊاڪٽرن بروقت ٻڌايو ته خوفناڪ باهه ۾ پورهيت عبدالرزاق جو جسم ٿرڊ ڊگري يعني 70 سيڪڙو سڙي چڪو آهي.جنهن کي بنا دير جي حيدرآباد يا ڪراچي جي اسپتال ۾ پهچايو وڃي.سندس حياتي سخت خطري ۾ آهي .پنهنجي معصوم چئن نياڻين جي اڳيان بدين شهرجي بازار ۾ سرعام پنهنجي بدن جي ڀنڀور کي ڀاهه ڏئي پنهنجو انت آڻڻ کان اڳ عبدالرازاق بدين جي صحافين کي ٻڌايو ته : مرزا شوگر ملز ڪڍڻ جو ڊيلي ويجز ملازم آهيان.منهنجي چئن مهينن کان ماهوار پگهار بند آهي منهنجون ڇهه معصوم نياڻيون ۽ هڪ ٿڃ پياڪ پٽ آهي. منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پيرسن آهن .پنهنجي سڄي ڪٽنب جو اڪيلو سهارو آهيان .پورهئي جي اجرت نه ملڻ ڪري منهنجا ٻچا لنگهڻ تي آهن.پيپلز پارٽي جو جهونو جيالو ۽ پ پ سٽي بدين جونائب صدر آهيان .هن وقت سنڌ ۽ ملڪ ۾ اسان جي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي .پنهنجي چئن مهينن جي بند ٿيل پگهار ۽ ڪنهن به کاتي ۾ ننڍي نوڪري ڌيارڻ لاءِ پيپلز پارٽي تعلقي بدين جي هاڻوڪي صدر ٽي ايم اي بدين جي ڪرتاڌرتا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خاص مشير ڊاڪٽر عزير ميمڻ جنهن وٽ بدين ضلعي جي واڳ آهي.

ان وٽ ڪيترائي ڀيرا نماڻو عرض کڻي ويس آخر ۾ تازو هن منهنجي سخت تذليل ڪري مون کي ڌڪاڏئي پنهنجي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.جيڪا ذلت هاڻ مونکان برداشت نٿي ٿئي.هن بدين جي صحافين کي اهو پڻ ٻڌايو ته مونکي ڌڪا ڏئي پنهنجي آفيس مان ٻاهر ڪڍڻ بعد آخر ۾ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ مونکي اهو پڻ چيو ته سر ڪاري نوڪري مون ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار وٽ نه پر ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي ضلعي بدين جي صدر ڊاڪٽر سڪندر منڌري وٽ آهي .تون ڊاڪٽر سڪندر منڌري خلاف احتجاج ڪري پنهنجو پاڻ کي وڃي باهه ڏي ته توکي سرڪاري نوڪري وٺي ڏيندس.مٿئين قسم جون ساڳيون ڳالهيون پورهت عبدالرزاق سول اسپتال حيدرآباد جي برنس وارڊ جي بستري تان ميڊيا وارن سان پڻ ڪيون.

بدين سول اسپتال کان حيدر آباد جي اسپتال تائين پهچائڻ لاءِ بدين جي شهرين چندو ڪري ڪجهه هزار روپيا مسڪين پورهيت جي واهر لاءِ گڏ ڪيا.ان المناڪ واقعي واري ڏينهن مرزا شگر ملز بدين جا اصل مالڪ بدين جي هن ئي تڪ مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي موجوده اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، ان جو ور ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي بدين مان چونڊيل سندن ايم پي اي پٽ حسنين مرزا پڻ اتفاق سان بدين ۾ موجود هئا.بدين جي مشهور جيالي پورهيت عبدالرزاق جي پاڻ کي باهه ڏيڻ واري ڇرڪائيندڙ خبر بدين شهر ۽ سڄي ضلعي ۾ باهه جيئان پکڙجي وئي.بدين جا شهري ۽ جيالا وڏي انگ ۾ سول اسپتال بدين ۾ پهچي ويا. جن پيپلز پارٽي بدين جي آمر ضياءُ الحق جي مارشل لائي راڄ ۾ قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا کاڌل جهوني جيالي امان الله ڪورائي جي اڳواڻي ۾ چندو گڏ ڪري پورهيت جيالي جي جان بچائڻ لاءِ کيس سول اسپتال حيدر آباد منتقل ڪرايو .جڏهن پوهيت عبدالرزاق جي جيجل امڙ حاڪم زادي کي بيهوشي۽ هن جي والد سائين بخش کي دل جو دورو پئجي ويو. جنهن کي پڻ سول اسپتال بدين ۾ داخل ڪرايو ويو .بدين جي سول اسپتال ۾ دل جي بيمار مريضن جي علاج جو پڻ ڪو به بندوبست ٿيل ناهي .واقعي بعد عبدالرزاق جي گهر ۾ قيامت صغريٰ جو منظر هو.مسڪين پورهيت جون معصوم نياڻيون جن مان چئن نياڻين پنهنجي والد کي باهه ۾ سڙڻ وارو دردناڪ منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.جيڪي پنهنجي والد جي حياتي بچائڻ لاءِ بروقت دل ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهيون هيون .واقعي بعد اهي سڀئي ڀينرون ۽ پورهيت جي وني رشيده ايتريون ته رنيون جو سندن اکين جا نير سڪي ويا.عبدالرزاق جي ڪٽنب ۾ ماتم متل هو ۽ بدين جي مسڪين انصاري فقيرن جي برادري ۾ ڪهرام مچي ويو پر واقعي جي سوڳ جي لهر بدين شهر ۽ ضلعي ۾ ڇانئجي وئي.بدين هر طرح سان نظر انداز ڪيل قربانيون ڏيندڙ جهونا پ پ جا جيالا ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ۽بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا.سندن شوگر ملز جي مزڪوره ملازم ۽ بدين جي جيالي جو پاڻ کي باهه ڏيڻ واري واقعي جو بروقت اطلاع ملڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪرڊاڪٽر فهميده مرزا واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ هن درد ناڪ واقعي جي پيرائتي تحقيقات ڪرائڻ ۽ سخت زخمي ٿيل پورهيت عبدالرزاق جو علاج ڪرائڻ کانسواءِ هن جي علاج جي خرچ ۽ سندس جي ڪٽنب جي سار سنڀال لاءِ پنهنجي طرفان فقط 25 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

 

باهه ۾ سڙي سخت زخمي ٿيل عبدالرزاق جنهن کي سول اسپتال حيدر آباد جي برنس وارڊ ۾ واقعي واري ساڳي ڏينهن تي داخل ڪيو ويو هو .اتي هن حيدرآباد جي صحافين کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڊاڪٽر فهميده مرزا طرفان ڏنل پيسن مان کيس فقط پنج هزار روپيا مليا هئا.هو رڙيون ڪري چئي رهيو هو ته باهه جي سڙيل مريض جي هن وارڊ ۾ علاج جي ڪابه سهولت ناهي.هتي سندس ڪوبه معقول علاج نه ٿي رهيو آهي .هتي سندس حياتي سخت خطري ۾ آهي. سندس ڪراچي جي ڪنهن سٺي اسپتال مان علاج ڪرائي هن جي حياتي بچائي وڃي.هوصحافين اڳيان هرهر اختياري وارن کي پنهنجي معصوم ٻچڙن جي پارت ڪري رهيو هو.خود سول اسپتال حيدرآباد جا ڊاڪٽر پڻ اهي دانهون ڪري رهيا هئا ته هن مريض جي حالت بنهه بازڪ آهي.هن جو جسم 70 سيڪڙو سڙي ويو آهي.باهه جي مريضن جي هن وارڊ ۾ علاج جون ڪي به جديد سهولتون نه آهن ان ڪري هن مريض کي جلدي ڪراچي کڻائي وڃو. عبدالرزاق پڻ دانهون ڪري رهيو هو ته هن اسپتال جي ڊاڪٽرن کيس جواب ڏئي ڇڏيو آهي.ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ مون غريب وٽ ڪي به ڏوڪڙ ناهن.سندن ئي حڪومت ۾ ڪوبه سندن واهر ڪرڻ وارو ناهي .خدارا سندس مدد ڪئي وڃي. هن جا معصوم ٻچڙا يتيم ٿي ويندا.اهڙي طرح لاڳيتو ڇهن ڏينهن تائين عبدالرزاق سول اسپتال حيدر آباد جي برنس وارڊ ۾ بنا ڪنهن معقول علاج جي تڙپندو رهيو .سنڌ ۽ ملڪ جي حڪمرانن ۽ بدين جي چونڊيل عوامي نمائندا پنهنجي ڪن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي .ڇهين ڏينهن کيس سول اسپتال حيدر آباد مان انتهائي نازڪ حالت ۾ منتقل ڪري وري به سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويوجتي پڻ بروقت هنگامي طور تي سندس قيمتي حياتي بچائڻ لاءِ علاج جاڪي به اپاءَ نه ورتا ويا. اهوئي ڪارڻ آهي ته سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ کان ٻئي ڏينهن بدين جي پورهيت جيالي عبدالرزاق جي ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو .هو پاڻ سان گڏ ڪيترائي ارمان ساهه ۾ سانڍي سنڌ ۽ هن ملڪ جي راڄ ڌڻين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي بينطير ڀٽي جي ڏنل عظيم قربانين جي بدلي ۽ صدقي تخت نشينن ۽ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل بدين جي عوامي نمائندن کي بد دعائون ڏيندي اهڙي پار ڏانهن هليو ويو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به موٽي ناهي سگهيو.پورهيت جيالي عبدالرزاق جي بنا ڪنهن خاطر خواه علاج جي لاوارثي واري حالت ۾ انتهائي اذيتناڪ انداز سان تڙپندي فوت ٿيڻ واري موت جي خبر بي بي سي سميت عالمي ميڊيا تان پڻ درد ناڪ نموني سان نشر ٿي پر اها خبر لکين بدين واسين ۽ خاص طور تي بدين جي انتهائي مسڪين ۽ پسمانده انصاري فقير برادري ۽ عبدالرزاق جي بکايل ڪٽنب تي وڄ بڻجي ڪڙڪي .

بدين ۾ ٻيهر برپا ٿيل اهو ماتم هي سٽون لکڻ تائين بدستور جاري آهي. عبدالرزاق جي موت جي خبر بدين ۾ پهچڻ شرط بدين شهر آيل ڊاڪٽر عزيزميمڻ ۽ بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن خلاف احتجاجي جلوس ڪڍياويا ۽ سخت نعريبازي بازي ڪئي وئي .

رپورٽ موجب سنڌ حڪومت ۽ بدين مان چونڊيل عوامي نمائندن پورهيت جيالي جي حياتي بچائڻ لاِ ته ڪوبه قدم نه کنيو پر سندس المناڪ موت کانپوءِ به سندس ڪنهن به قسم جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي .ڪراچي کان بدين تائين لاش پهچائڻ جو سمورو خرچ پڻ انصاري برادري ۽ بدين جي شهرين پاڻ ۾ چندو ڪري ڪجهه هزار روپيا گڏ ڪيا جنهن ئي رقم مان مظلوم پورهيت جي تدفين پڻ ڪئي وئي. مرحوم پورهيت جو 8 مئي تي ڊي سي بدين چونڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.جنهن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بدين ڪراچي روڊ تان ٽرئفڪ معطل رهي.بدين جي ان ڊي سي چونڪ تي ئي جيالي پورهيت جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سوين بدين واسين شرڪت ڪئي پر بدين مان چونڊيل پ پ جي ڪنهن به عوامي نمائندي پورهيت جيالي عبدالرزاق جي مڙهه کي ڪلهو نه ڏنو . اتفاق سان 7 مئي تي جڏهن پورهيت جيالي جي موت جي خبر بدين پهتي تڏهن ڊاڪٽر فهميده مرزا ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندن تازو چونڊيل ايم پي اي پٽ حسنين مرزا پڻ بدين ۾ موجود هئا ۽ اهي ٻئي تدفين واري ڏينهن پڻس بدين ۾ موجود هئا. سياسي اڳواڻن ۾ شهيد فاضل راهو جو پٽ اسماعيل راهو اڪيلو اڳواڻ هو جنهن ٻئي ڏينهن عبدالرزاق جي مسڪين مائٽن جي تڏي تي اچي تعزيت ڪئي.9 مئي تي سنڌ جي وڏي وزير جي مشير شرميلا فاروقي جي سيڪريٽري اعجاز قائم خاني بدين پهچي شرميلا فاروقي طرفان پورهيت عبدالرزاق جي وني کي هڪ لک روپين جو چيڪ ۽ کيس صحت کاتي ۾ نوڪري ڏيارڻ جو دلاسو ڏنو .ايئن هڪ جيالي پورهيت جي زندگي دنيا وارن ڄڻ تماشو بڻائي ڇڏي آهي .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو