Home / افيئر / پ ٽ الف چو نڊون : لٺ ۽ چٺ
above article banner

پ ٽ الف چو نڊون : لٺ ۽ چٺ

پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جون مرڪزي چونڊون ٿي چڪيون آهن. هي چونڊون سنڌ جي لڳ ڀڳ هڪ لک استادن جا مرڪزي اڳواڻ چونڊڻ لاءِ ٿيون، پر گذريل 6 سالن ۾ هن تنظيم اندر جيڪو وهيو ۽ واپريو ، ان ئي ڪلچر هي ليک لکڻ تي مجبور ڪيو آهي.استاد پيشي جي ترجماني ڪندڙ پ ٽ الف جون 20  مئي تي ٿيل چونڊون 6 سالن کان پٿيون ،پر هن کان اڳ 12 مارچ 2006 ع تي آخري ڀيرو چونڊون ٿيون هيو ن ۽  رفيق جروارجي اڳواڻي ۾ چونڊيل باڊي 2 سالن جي بدران 6 سالن تائين ڪم ڪندي رهي.ان سڄي عرصي ۾ اڳيون چونڊون هارائيندڙ انتظار ڇلگري گروپ مسلسل ڪوششون ڪيون .ته ڪنهن به طور تي چونڊون ڪرايون وڃن پرهرڀيري ٽال مٽول کان ڪم ورتو ويو. ان سلسلي ۾ حيدر آباد ،ٽنڊو محمد خان  ۽ خيرپور ۾ مختلف گڏ جاڻيون ڪوٺايون ويون پر سڀ ناڪام ثابت ٿيون. آخري گڏجاڻي گذريل سال ٿيندڙ واعدي هيٺ پ ٽ الف جي نئين قيادت لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو.جيڪو نيٺ 20 مئي تي تڪميل تي پهتو ۽ پ ٽ الف جي يونٽ سطح کان تعلقي ، ضلعي ۽ ڊويزن جون چونڊون ٿيڻ کان پوءِ 20 مئي تي مرڪزي چونڊون ٿيڻ کان پوءِ چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿي ويو.هيءَ ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته پ ٽ الف جون چونڊون جون 2011 ع ۾ شروع ٿيون جيڪو يونٽ بعد ان جي مدد سان ضلعا ،پوءِ ڊويزنون ۽ آخر۾ مرڪزي چونڊون ڪرائڻ تائين هڪ سال جو عرصو مڪمل ٿي چڪو آهي. هي پ ٽ الف جون چونڊون پورو هڪ سال هلن ٿيون. جنهن سبب  اسڪولن ۾ پڙهائي سخت متاثر ٿئي ٿي ۽ اڪثر استاد پنهنجي پنهنجي حمايتي اميد وارن جي ورڪ ڪرڻ  سبب اسڪولن مان غائب رهن ٿا.تعجب ان ڳالهه جو آهي ته گورنمينٽ ڪڏهن به ان معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو نه ته پ ٽ الف جي چونڊ مرحلي کي مختصر به ڪري سگهي ٿي. هي سڀ چونڊون هڪ بيلٽ پيپر هيٺ هڪ ڏينهن ۾ به ڪرائي تعليم تي ٿيندڙ منفي اثرن کي روڪي سگهجي ٿو پر ان ڏس ۾ نه ته استاد تنظيمن ۽ نه ته وري حڪومت  ڪا ڪوشش ڪئي آهي.هونئن ته پاڻ  قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون چڱي ريت ڏٺيون آهن ۽ ذاتي طور تي انهن چونڊن جو گهرائي سان مشاهدو به ڪيو آهي .جنهن سبب انهن چونڊن جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي . ووٽ وٺڻ لاءِ ورڪ ڪرڻ ۽ ووٽرن کي ووٽ لاءِ قائل ڪرڻ جو هنن چونڊن ۾ الڳ ۽ نرالو ڪلچر آهي.مطلب ته ووٽ وٺڻ لاءِ هر حيلو ۽ وسيلو هلائبو،جنهن مان ووٽ ملڻ جي اميد يقين ۾ تبديل ٿئي .ان ۾ لٺ ۽ چٺ ٻئي طريقا استعمال ٿين ٿا. ايئن استاد تنظيمن چونڊن ۾ به انهن چونڊن جي ڪلچر جو سڌو سنئون اثر قبول ڪيو آهي.پرائمري استادن کان ووٽ وٺڻ لاءِ پ ٽ الف جي چونڊن ۾ به اهي سڀ حيلا ۽ وسيلا استعمال ٿين ٿا.جيڪي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊن وقت استعمال ٿين ٿا.ووٽرن کي لالچ ۽ لوڀ ،دڙڪا دهمان، ڪٿي سفارشون ته ڪٿي منٿ ميڙ ،ڪٿي چٺيون ڪم اينديون آهن،ڪٿي وري زور زبردستي ۽ ڪٿي پئسو هلائڻو پيو ته اهو به هلائبو،اهي سڀ حربا پ ٽ الف جي گذريل چونڊن ۾ مشاهدي هيٺ رهيا. پڙهندڙ به ان سوچ ۾ ضرور هوندا ته آخر سنڌ اسيمبلي ۽ مرڪزي اسيمبلي جي ميمبر پاران چونڊ مهم دوران خرچ ڪرڻ ۽ ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿي جو هن لاءِ سياست “خدمت خلق”نه پر هڪ پيشو آهي . آمدني جو وسيلو آهي پر پرائمري استادن جا نمائندا چونڊ عمل ۾ ايڏي دلچسپي ڇو ٿا وٺن ۽ ايڏي پيماني تي پئسا خرچ ڪرڻ پٺيان ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.حقيقت ۾  مرڪزي چونڊن ۾ ته جيڪو ٻيڻو  طاقت ۽ وسيلن جو استعمال ٿئي ٿو اها ڳالهه اچرج ۾ وجهيو ڇڏي .چونڊن ۾ مرڪزي عهدي تي بيٺل هڪ اميدوار مطابق سندن چونڊن ۾ ايندڙ خرچ لکن ۾ آهي .جڏهن ته ايڏو خرچ ڪندڙ ٻيو ڪير نه پر پرائمري استاد هجي ته ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي.

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سڀئي استاد تنظيمون مالي ڪرپشن سبب بدنام آهن. پر پ ٽ الف ان معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنام رهي آهي . مختلف وقتن تي نه رڳو ميڊيا يا ٻيا حلقا پر خود استاد اڳواڻ هڪٻئي تي لکين رپين جي ڪرپشن جا الزام هڻندارهيا آهن ۽ انهن جي ڪرپشن جون اهڙيون ڪهاڻيون ڪنهن کان لڪل هرگز نه آهن . اهو ئي سبب آهي جو استاد تنظيمون پنهنجي بنيادي مقصد تان هٽي ٽريڊ يونين طرز تي هاڻي اهڙيونCBOs ٿي چڪيو ن آهن. جن جااڳواڻ بارگيننگ جا گر استعمال ڪري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪري رهيا آهن. هن وقت استاد تنظيمن جا مرڪزي عهديدار ته هاڻي لکن ۾ کيڏن ٿا. جڏهن ته استاد برادري پنهنجن مسئلن جي انبار هيٺ ڏينهون ڏينهن مشڪلاتن ۾ وڃي ٿي گهلبي .جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته پ ٽ الف وري ان ڪرپشن واري معاملي ۾ باقي استادتنظيمن کان اڃا چار قدم اڳڀري آهي.ان ڪري اچو ته ان ڳالهه جا پيرا ٿا کڻون ته استادن جي هن تنظيم۾ ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت ڪرپشن ٿي رهي آهي ۽ تنظيمي اڳواڻن ۾ Motvation Source ڇا آهي . جنهن سبب هو ننهن چوٽيءَ جو زور ۽ هڪ جواري وانگر الهه تلهه داءُ تي لڳائي به چونڊن جو بار کڻڻ چاهين ٿا.

1: مالي  ڪرپشن : تنظيم جي اندر ڪرپشن کي اولين ترجيح حاصل آهي .تعلقي جي اڳواڻن کان ويندي ضلعي ،ڊويزن ۽ مرڪزي عهديدارن تائين سڀئي اڳواڻ مختلف طريقن سان پئسي ڪمائڻ واري ڪرت ۾ رڌل آهن. جيڪي هيٺين ريت مختلف وسيلن مان ڪرپشن ڪن ٿا. الف: استادن کان پئسا وٺي سندن ڪم ڪرائڻ ،:مثال طور استادن جي من پسند بدلي ڪرائڻ،جي پي فنڊ جون رهتون منظور ڪرائڻ ،سورس بوڪ اپ ڊيٽ ڪرائي ڏيڻ ،انڪريمينٽون لڳرائڻ سميت سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ خزاني آفيس ۾ پيل مختلف ڪم ڪرائڻ لاءِ پئسا وٺي سندن ڪم ڪرائين ٿا.

2: ڪمن ۾ آفيس جي ڪلارڪن سان گڏ پ ٽ الف جا تعلقي ،ضلعي ،ڊويزن ۽ مرڪزي اڳوڻ برابر جا شريڪ آهن.رٽائرٿيندڙ استادن کي پينشن ۽ ٻيامالي فائدا ڏيارڻ ،عام حالتن ۾ پ ٽ الف اڳوڻ اهڙا ڪيس ٻول يا ٺيڪي تي کڻن ٿا، يعني هڪ

3:ب رٽائرٿيندڙ  استاد کي ڊاڪيومينٽس ٺهرائي ڏيڻ کان ويندي هن جي پينشن جي پي فنڊ سميت ٻيا معاملا حل ڪرائڻ لاءِ يونين اڳواڻ پيش پيش هجن ٿا ۽ تعلقي سطع تي هر سال رٽائر ٿيندڙ چند استاد کين لکن ۾ مالي فائدا ڏئي وڃن ٿا.ڪن حالتن ۾ ته جي پي فنڊ جي رقم وڌائي منظور ڪرائڻ لاءِ ففٽي ففٽي فارمولا هيٺ هڪ استاد ئي لکن جو فائدو ڏيو وڃي.

ت : تنظيمي فيون : پ ٽ الف جي آئين مطابق هر استاد پ ٽ الف جو ميمبر ٿئي ٿو ۽ کيس 10 رپيا في مهينو جي حساب سان  في ادا ڪرڻي پوي ٿي.جيڪا رقم سالياني 120 رپيا ٿيندي پر هي في سال ۾ هڪ دفعو يا عام حالتن ۾ هر ٻن سالن کان پوءِ چونڊون ٿيڻ وقت ادا ڪيون وڃن ٿيون .هن سال متفقه طور تي في استاد سالياني في 100 رپيامقرر ڪئي وئي آهي.اها به آئيني گهرج آهي ته جيڪو استاد في ادا ڪندو  اهو ووٽ ڏيڻ لاءِ اهل هوندو .ان ڪري هن سال ٿيندڙ چونڊن ۾ 87 هزار  پرائمري استاد ووٽ ڏيڻ لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آهن. جن سالياني في پڻ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .اهڙي ريت 100 رپيا في استاد جي حساب هن سال ۾ 87 لک رپيا في جي مد ۾ ادا ٿي چڪا آهن .هي ايڏي وڏي رقم ئي اصل ۾ ڪرپشن جو وڏو وسيلو بڻيل آهي. اوهان اندازو لڳايو ته هڪ اهڙي تنظيم جنهن ۾ نه ته ڪو خرچ ڪرڻ جو سسٽم آهي نه ئي تنظيم جو ڪنهن به سطح تي تعلقي کان ويندي مرڪز تائين ڪو تنظيمي آفيشل بئنڪ اڪائونٽ آهي ۽ نه ئي وري ڪو طريقيڪار آهي . ان ڪري پرائمري استاد جي فلاح ۽ اصلاح بدران ايڏي وڏي رقم تنظيمي اڳواڻن جي کيسن ۾ وڃي رهي آهي.ان کان پوءِ تنطيمي معاملا هلائڻ لاءِ هڪ خصوصي فنڊ پڻ آهي جنهن هيٺ هر تنظيمي عهديدار کي ساليانو100 رپيا جمع ڪرائڻا هوندا آهن. جڏهن ته پ ٽ الف جا سنڌ ۾ 159 يونٽ آهن ۽ هريونٽ ۾ 9 عهديدار آهن جڏهن ته هن سال گذريل 6 سالن جافنڊ وصول ڪياويا . جيڪارقم لڳ ڀڳ 9 لک رپيا جمع ٿي. ۽ ان جو حساب ڪتاب نه ته زمين تي ملي ٿو ۽ نه ئي وري ڪا غذن ۾ ! حالت اها آهي ته هڪ لک ميمبرن تي مشتمل ايڏي تنظيم وٽ مرڪزي بئنڪ اڪائونٽ ئي ڪونهي ته پوءِ حساب ڪتاب وري ڇا جو؟ پرائمري استاد جي چندي جي ايڏي رقم مان افسوس ته اهو آهي  ته ڪڏهن ڪنهن غريب استاد کي بيماري واري حالت ۾ زندگي جو هڪ ڏينهن وڌائڻ ۾ به ڪم نه اچي سگهيا .

ٽ- هنگامي فنڊ : استادن جي حقن لاءِ وقتن به وقتن هلندڙ نام نهاد تحريڪ جي آڙ ۾ لکن ۾ چندا وصول ٿين ٿا،جيڪي به تنظيمي اڳواڻن ۾ مالِ غنيمت جيان ونڊ ورڇ ٿين ٿا.يعني ذاتي مشاهدي ۾ آيل هڪ مثال ڏيندو هلان ته غالبن 7_2006  ۾ سنڌ ۾ 3500 ڪانٽريڪٽي استادن کي  پڪو ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلائي وئي هئي ۽ مرڪز پاران ڪراچي ۾ بک هڙتال ڪئمپ به قائم ڪئي وئي هئي. اهڙي تحريڪ دوران 3500 ڪانٽريڪٽي استادن مان هر هڪ تي ٻه ٻه هزار في رکي وئي ۽ ڪافي استادن ته پنج هزار رپيا پڻ ادا ڪيا. ايئن لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ  روپين جي رقم ڪٿي ۽ ڪيڏانهن وئي .ان جو ڪو کُر پتو ئي نه لڳو. ايئن هنگامي فنڊ به مالي ڪرپشن جو هڪ وڏو وسيلو بڻيل آ هي.

4: تنظيم جي وسيلن جو غلط ۽ ذاتي استعمال :  پ ٽ الف وٽ هن وقت جيڪي پنهنجا وسيلا آهن انهن ۾ ڪلهوڙا ڪالوني حيدر آباد ۾ مرڪزي آفيس جي بلڊنگ، هڪ 800 سي سي ڪار ۽ ڪراچي ۾ هڪ عدد فليٽ به آهن ،جنهن فليٽ جي قيمت 35 لک رپيا ٻڌائي وڃي ٿي.“افيئر” پاران حاصل ڪيل معلومات مطابق ڪراچي ۾ موجو د فليٽ موجود ه باڊي جي هڪ مرڪزي عهديدار وٽ آهي ۽ سا ڳي ريت ڪار پڻ ذاتي ڪمن ڪارين ۾ استعمال ٿي رهي آهي.اها پڻ معلومات حاصل ٿي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ذاتي ڪمن واسطي اچڻ باوجود تنظيمي اڳواڻ مهانگن هوٽلن ۾ رهن ٿا. جيڪو خرچ تنظيم جي ڳچي ۾ پيل آهي . اهڙي ريت تنظيم جي سهولت کي غلط  طرح سان استعمال ڪرڻ واري  خيال کي ترجيح ڏني وئي.

4: ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ : پ ٽ الف جا اڳواڻ تنظيمي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي ضلعي ،مرڪزي يا تعلقي سطح تي آفيسرن ۽ سياستدانن سان لاڳاپا بهتر ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪن ٿا .نه رڳو  ايترو پر آفيسرن ۽ سياستدانن ۽ انهن جي ڇاڙتن سان گڏجي تعليم کاتي ۾  ٿيندڙ ڀرتيون ڪرائي حصو پتي وصول ڪن ٿا.قانوني ۽ غير قانوني  ڀرتيون ڪرائي ڳريون رقمون وصول ڪن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل سهولت  ۽ ٻيا ڪيترائي سبب آهن . جنهن سبب پ ٽ الف جا عهديدار چونڊون کٽي استاد برادري کي پٺي ڏئي صرف پنهنجا ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ جُنبي وڃن ٿا. اهوئي سبب هو جو 2006 ۾ کٽي آيل چونڊن بعد پ ٽ الف جي ضلعي ،ڊويزن ۽ مرڪزي عهديدارن کي عيش عشرت جو اهڙو ته سڪو لڳو جو هن پنهنجي 2 ساله مدي کي اقتدار سمجهندي ان کي اينڊڙ 6 سالن تائين ڊيگهه ڏني ۽ آئين جو انحراف ڪيو. بهرحال هاڻي جڏهن چونڊون ٿي گذريون آهن تڏهن هڪ اميد ڀري التجا ضرور ڪبي ته ايندڙ نئين چونڊيل باڊي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي استادن جي مفادن لاءِ ڪم ڪندي . ڏٺو وڃي ته پ ٽ الف  وٽ وسيلن جي کوٽ ناهي ان ڪري هي تنظيم انهي پليٽ فارم جو فائدو وٺندي استادن جي رهبر ي ،بهتري ۽ اصلاح لاءِ هڪ مثالي تنظيم بڻجي سگهي ٿي. مثال طور هن وقت سنڌ ۾ پرائمري تعليم تي سڀ کا ووڌيڪ تنقيد ٿي رهي آهي .ان سلسلي ۾ پ ٽ الف تعلقي ،ضلعي ،ڊويزن ۽ مرڪزي  سطح تي استادن جيMotivation لاءِ اجلاس ،تربيتي ورڪشاپ ۽ تعليمي سيمينار ڪرائي سگهجن ٿا.جڏهن ته غريب پرائمري استادن جي مالي مدد لاءِ هڪ الڳ فنڊ قائم ڪري سگهجي ٿو .جنهن مان نه رڳو ضرورتمند ۽ ايمرجنسي  هيٺ ايندڙ استادن جي مالي مدد ڪري سگهجي ٿي پر غريب پرائمري استادن جي اولاد جي نالي سان اسڪالرشپ ڏئي سگهجن ٿيون.بهر حال پ ٽ الف جو اميج بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ باصلاحيت ۽ بهتر قيادت جو هجڻ لازمي آهي نه ته ٻي صورت ۾ پ ٽ الف هڪ سنڍ عورت جيان لڳي رهي آهي جنهن مان ڪا حاصلات جي اميد رکڻ اجائي هوندي.  ان ڏس ۾ اها به حقيقت آهي ته پنهنجي ان حسرت ته پ ٽ الف جي قيادت باصلاحيت ۽ ايماندار هجي .ان ۾ سنڌ جي اڪثريتي  استادن جي خواهش به آهي .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو