Home / ڪور افيئر / چونڊن لاءِ سياسي ونجهه وٽي جي شروعات
above article banner

چونڊن لاءِ سياسي ونجهه وٽي جي شروعات

چونداآهن ته ڪن زمانن جو پاڻي ان هيٺان لنگهي ويو پر پل  اتي ئي بيٺي آهي. گيلاني زرداري سرڪار اها پل آهي جنهن هيٺيان ڪيئي ”رود ڪوهيون“ گذري وڃي سمنڊ سان گڏيون. هي سرڪار تازي ڄائي هئي ته ماڻهن چوڻ شروع ڪيو هو ته ان جا کير وارا ڏند ئي ڪونه ايندا ته پوري ٿي ويندي پر اها وڏو وقت ڪڍي وئي آهي. هن سنگل


باڊي سرڪار پنجن بجيٽن جون پڃريون کڻي پري اڇلايون آهن ۽ لياقت علي جي

وزارت جو رڪارڊ ٽوڙي رکيو آهي جيڪو چونڊاڻو اتر پرديش مان هو ۽ وزير اعظم اچي هتي ٿيو. هتان سرڪار ڊوڙندي اچي

جيڪي ماڻهو صدر زرداريءَ کي سياست جي ڪاري جادوءَ جو ماهر سمجهن ٿا سي وري اها جبل جي ٻوٽي کڻي آيا آهن ته صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه مان هن ٻه فائدا ورتا آهن. هڪ اهو ته هن سرائيڪي عوام جي حمايت وصول ڪري تخت لاهور جا پرزا ڍرا ڪيا آهن ٻيو اهو ته هن اها مرلي هاسيڪار وڄائي ئي ان لاءِ آهي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي ڏر ۾ جيڪو سنڌ ورهائڻ جو ڪارو نانگ لڪل هو سو ٻاهر اچي وڃي. جيستائين اهو ٻاهر نه اچي، ان جو ڪو بندوبست تيستائين ممڪن ئي ڪونه هو. خبر ناهي ته اهو تجزيو ڪيترو درست آهي پر اها ڳالهه ضرور درست آهي ته هاڻي نانگ ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ وٽ ان کي چٿڻ لاءِ ڪو لٺ ڌُڪو به ڪونهي.

مطالبا زور وٺندا پيا وڃن ته پنج سال پورا ٿيا، پيپلز پارٽي به هاڻي کل مٽائي. مطلب اهو ته گيلاني سرڪار ڏاڍو بور ڪيو آهي تنهن ڪري هاڻي اها هلڻي ڏيکاري ۽ زرداري اڳ ــ وقتين چونڊن جو اعلان ڪري. اهڙو مطالبو هاڻي سرڪار اندر به سرٻاٽ ڪري رهيو آهي. پر بظاهر اهي ئي خبرون پيون ٿين ته حڪومت جي گاڏي وڃي نئين سال جي ٻئي مهيني ۾ بريڪ هڻندي. تڪڙين چونڊن جو مطالبو ڪندڙن ۾ ڪجهه سرڪار جا سڄڻ به شامل آهن، جن جو چوڻ اهو آهي ته هينئر سان اليڪشن جو اعلان ڪرڻ سان مخالف وڃي ڪم کي لڳندا ۽ ٻيا واندا واندا جيڪي ووٽ ڏيڻ ته ڪونه اچن پر لوڊ شيڊنگ تي ڏنڊا کنيو پيا احتجاج ڪن سي به ڪنهن پاسي ٿيندا جو روڊن رستن جي چارج سياسي پارٽيون سنڀالي وٺنديون. اشوءَ جي اوجهه ۾ هٿ وجهي ان جا آنڊا ڪڍندڙ ميڊيا وارن کي به مجبوري ٿيندي ته اهي چونڊن تي فوڪس رکن. ايئن ڇڪي تاڻي سرڪار جي نوڪري وقت کا مڙيوئي چار پنج مهينا اڳ پوري ٿيندي پر هي جيڪا برداشت کان ٻاهر ڏکي صورتحال آهي تنهن مان اها ٻاهر اچي ويندي.

جيڪي ماڻهو صدر زرداريءَ جي سياست ۽ طبيعت کان واقف آهن تن جو چوڻ آهي ته اليڪشن اڳواٽ ڪرائڻ ۾ برابر ڪو نقصان ڪونهي، پر صدر زرداري اهڙو فيصلو ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي ڪندو ته ايئن ڪرڻ جا فائدا ڪهڙا آهن. سڀ کان وڏو فائدو هڪ ئي ٿي سگهي ٿو جنهن جي جيڪڏهن هن کي پڪ ٿئي ته هو اليڪشن جو اعلان ڪري سگهي ٿو. اهو اهو ته جيڪڏهن هينئر اليڪشن ڪرائجي ته ڇا پيپلز پارٽي کٽي ايندي؟ ان سوال کي اڃا ٻئي نموني رکڻ جي ضرورت آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي بهترين ڪاميابيءَ لاءِ مناسب ترين وقت ڇا اهو ئي آهي؟ پارٽيءَ جي پاپولرٽيءَ جا پساهه پورا آهن. ڏيئي وٺي جيڪا طاقت ان وٽ آهي سا گاڏيءَ تي ڦڙڪندڙ سائو جهنڊو آهي. سو سرڪار ۾ رهندي اها ڪو جڳاڙ ڪري وٺي ته ٺيڪ، باقي هن وقت مختلف علائقن جا ماڻهو ان لاءِ جيڪي نيڪ خواهشون رکن ٿا تن کي ڏسندي جي اها بنا پاور جي ايئن ئي مٿي اگهاڙي ووٽ وٺڻ وئي ته ڪير چانهن جي صلاح به ڪونه هڻندس. نمبر گيم جا حساب پيا هنيا وڃن ته هيتريون ڪي هيتريون سيٽون ملندس. اهو به ليکو ٿئي پيو ته جيڪڏهن اتحادين سان گڏجي اليڪشن جي ميدان ۾ لٿي ته ڇا ملندس ۽ جي اڪيلي سر آئي ته ڇا هڙ حاصل ٿيندس. اندريان جيڪي خبرون اچن پيون سي اهي آهن ته سرڪاري پارٽي هڪ وڏو اليڪشني اتحاد ٺاهي ميدان ۾ لهڻ چاهي ٿي. ان جا ٻه سبب آهن، هڪ اهو ته ناقص ڪارڪردگيءَ جي ڪري ٿيندڙ تنقيد جام سارين پارٽين ۾ ورهائجي ويندي، ۽ سيٽ ايدجسٽمينٽ جهڙا بندوبست ڪري مخالفن سان چڱي ونجهه وٽي ڪري سگهجي ٿي. ٻيو فائدو اهو آهي ته صدر زرداريءَ جا ٻه نظريا، ”کپي، کپي“ ۽ ”مفاهمت“ اڳتي وڌندا ۽ سرڪار پنهنجي اتحادين سوڌو ٻيهر پاور ۾ اچي ويندي. اهي خبرون ليڪ ٿيڻ شرط هاڻي مخالفن کي ”گرينڊ الائنس“ ٺاهي اليڪشن وڙهڻ جو خيال آيو آهي. ڳالهيون ٿين پيون. خبرون آهن ته عمران خان ۽ ميان نواز شريف کي ان مقصد سان گڏ ويهارڻ لاءِ ٽياڪڙ ميدان ۾ لٿل آهن. جماعت اسلامي سڀ کان وڌيڪ ڪوشش ڪري رهي آهي ته پهريان فائر فائٽر وارو ڪم ڪندي ٻنهي پاسي لڳل باهه وسائجي، پوءِ ٻنهيءَ کي گڏ ويهارجي.

پر مخالفن واري پاسي به اهو ئي حساب ڪتاب ڪيو پيو وڃي ته وقت کان اڳ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا فائدا ٿيندا. بلڪه اڃا وڌيڪ فوڪس سان اهو ليکو ڪيو پيو وڃي ته اسان کي ڇا ملندو ۽ زرداريءَ جي مخالفت ۾ ڀائيوار ٻي پارٽي ڪيترو اسڪور ڪندي. ان ليکي ۾ جيڪڏهن اها ڳالهه ڪليئر ٿي وئي ته سواءِ گڏجي اليڪشن وڙهڻ جي ڪو چارو ڪونهي ته پوءِ ان تي سوچي سگهن ٿا. پر هن وقت ان ڳالهه جي صفا لکا ڪونه پيا ڏين ته ڪو اهي گڏجي به سگهن ٿا. باقي گرينڊ الائنس ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اپوزيشن ۾ رهندي به نواز ليگ ڪو گرينڊ الائنس ڪونه جوڙي سگهي ته اليڪشن وقت ته هونئن به هر ڪنهن کي نفسانفسي لڳل هوندي آهي ۽ جڏهن اها به پڪ هجي ته پاور ٻي پارٽي وٽ آهي ته پوءِ ته الائنس لاءِ سوچڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هونئن به مفاهمت صدر زرداريءَ جو اهڙو پالتو آڪٽوپس آهي جنهن جون پنجويهه ٻانهون آهن. ان جي هر ٻانهن ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ کي ڳٿڙ مان جهليو ويٺي آهي.سو پارٽيون آهن ڪٿي جن سان نواز ليگ يا عمران ليگ ڪو گرينڊ الائنس جوڙين؟

گيلاني سرڪار هي گرم ترين مهينا ڪڍي به سگهي ٿي جن ۾ هر ماڻهو ان تي تتل آهي. عدالت کان ٿيندي پارليامينٽ جي بجيٽ سيشن تائين مخالفن جيئن ان کي ورائي کنيو آهي ۽ جيئن ميڊيا ان ڪم ۾ لگائي بجهائي ڪرڻ واري ماسيءَ وارو ڪم ڪيو آهي تنهن کي ڏسندي صاف نظر اچر ٿو ته جي سرڪار هروڀرو پنهنجو مدو پورو ڪرڻ واري بهادري ڪئي ته ميڊيا ۽ رستن تي بيٺل لاٺڙيا ايندڙ ڇهن مهينن ۾ سرڪار جو سرگس ڪڍي ڇڏيندا.

سڄڻپو ڪندڙ ماڻهن جو ان ڪري اهو مشورو آهي ته سرڪار بنا دير جي گهنڊڻي وڄائي ڇڏي جو گهڻي ڊيگهه نقصان ۾ ويندي. پر ساڳيا ماڻهو ان خواهش جو به اظهار ڪري رهيا آهن ته هڪ ٻئي اداري جي چيف کي به پاڻمرادو جان ڇڏڻ گهرجي جو ان جي نوڪري ٻليءَ  جي ستن ڄمارن وانگر پئي ٿي هلي. هن ڊڪٽيٽرشپ کاڌي، ڪجهه مهينن کان پوءِ پنج ورهين واري سولين سرڪار کائي ويندو ۽ نئين چونڊجي ايندڙ سرڪار جا پرزا ڍرا ڪري پوءِ گهر روانو ٿيندو.  جيڪي ماڻهو تبديلي چاهين ٿا سي هر پاسي کان تبديلي چاهين ٿا. رڳو گيلاني سرڪار جي وڃڻ سان هن بور فلم ۾ پاڻمرادو ڪو دلچسپ موڙ ڪونه پيدا ٿي پوندو.

ٽوپي واري سرڪار  في الحال زرداريءَ سان گڏ آهي. ڊاڪٽر شڪيل آفريديءَ جي سزا جي ڪري امداد ۾ 33 ملين ڊالر ڪٽوتي ٿي آهي. اهو کوٽ کاتو سولين فنڊز جا آنڊا ڪڍي پورو ڪري ويندو. سوال آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر شڪيل آفريديءَ جي سزا گهٽ ڪجي، ته ڇا گهٽ ڪيل پئسن ۾ ڪجهه واڌ ٿيندي؟ پنهنجي اڳڪٿي اها آهي ته ڊاڪٽر شڪيل کي جلدئي اپيل ۾ آزاد ڪري چوندا  ته هن منگل باغ سان گڏجي جمرود مان ٻڪري چوري ڪئي هئي جنهن جو ڪيس ثابت ڪونه ٿيو. ٽوپي واري سرڪار کي به پئسا کپن ۽ ٻيو دنيا ۾ جيڪا تنقيد ٿي آهي تنهن به کين رويو بدلائڻ تي مجبور ڪيو آهي.ماڻهو چون ٿا ته دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرمنل جو ڏس پتو ڏيڻ تي هن ملڪ جي سرڪار ڪنهن بي گناهه سولين کي 33 سال سزا ٻڌائي ٿي ته پوءِ سرڪار ڪيئن ٿي چوي ته اها دهشت گردن جي پاٿاريدار ڪانه آهي.

انصاف کاتي بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران وڏي بڙ بڙ ڪئي پر ان کي پتو لڳي ويو آهي ته ايف سي جي آءِ جي کي ڪورٽ ۾ طلب  ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ وزيراعظم کي طلب ڪرڻ آسان ڪم آهي. جسٽس کوسي خليل جبران جي ٽئين درجي جي لکيت کي جيئن استعمال ڪيو ته قومي ميڊيا ان جي ٽائٽل Pity the Nation! جو ترجمو ”قابل رحم آهي اها اها قوم“ ڪري وڏي رعايت ڏني. هي قوم کي لعنت ملامت ڪرڻ واريون ڳالهيون هيون ۽ ٽائٽل جو درست ترجمو ”اهڙي قوم کي حيف هجي!“ بيهي ٿو. هاڻي اوهين پاڻ ڏسو ته اصل ۽ ترجمي ۾ زمين آسمان جو فرق رکيو ويو آهي. ڇا به هجي، اسلام آباد ۾ اسان جي سنڌي دوستن Pity the Nation!کي سنڌيءَ ۾ ”ڦٽي دا نيشن!“ چئي ان جي اصل مفهوم تان پردو کڻي ڇڏيو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو