Home / سياسي افيئر / ڌار صوبي جي سازش بين الاقوامي يا ديسي
above article banner

ڌار صوبي جي سازش بين الاقوامي يا ديسي

هيءَ ڪالم گهٽ، فئڪٽس شيٽ وڌيڪ آهي، هي ”فئڪٽس شيٽ“ به عجيب آهي! جيڪا ڊاڪيومينٽس ۾ ته نه ملي پر زباني طور پهتي آهي، ٻه ٽي ڏينهن اڳ پيپلزپارٽيءَ ڪراچيءَ جي هڪ اڳواڻ سان ملاقات ٿي، هن جي اڳيان مهاجر صوبي وارين سرگرمين بابت اطلاع به اچي رهيا هئا ته مهاجر صوبي تحريڪ خلاف ٻه ٽي ڏينهن اڳ لياريءَ جي چيل چوڪ کان شروع ڪيل ”محبت سنڌ“ ريليءَ تي ٿيل فائرنگ ۾ شهيد ٿيل سنڌي نياڻين ۽ جوڌن بابت تفصيل به حاصل ٿي رهيا هئا.

هو ڏاڍو جذباتي هو. سڄي ڪمري جو ماحول جذباتي هو. اوچتو پي پي جو اهو رهنما مون کي گهوري نهارڻ لڳو ۽ چيائين ته وقت اچي ويو آهي ته آئون ڪجهه اهڙيون تاريخي حقيقتون توهان جي اڳيان رکان جيڪي ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ آهن پر وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي عوام تائين اهي سڀ حقيقتون پهچايون وڃن جن جي ذريعي هنن کي معلوم ٿئي ته سنڌ خلاف ڪيتري حد تائين خطرناڪ قومي ۽ بين الاقوامي سازشون ٿينديون رهيون آهن . هن ٻڌايو ته شايد اهو 1996ع وارو سال هو. مرڪز توڙي سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هئي. مرڪز ۾ حڪومت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي هئي ۽ سنڌ ۾ وڏو وزير سيد عبدالله شاهه هو. ان دور ۾ به ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ نسلي فساد عروج تي هئا ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت خلاف پنهنجو پورو زور لڳائي رهي هئي. پ پ تي ”اصل طاقتن“ جو دٻاءُ هو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي ۾ ٺاپر آندي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم سان مفاهمت ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ محترمه بينظير ڀٽو پ پ مذاڪراتي ٽيم تشڪيل ڏني جنهن جو سربراهه پ پ رهنما پروفيسر اين ڊي خان هو ۽ ان ۾ ٻين کان علاوه آفاق شاهد به ميمبر طور شامل هو. ان ٽيم ايم ڪيو ايم جي ٽيم سان ڳالهين جا ڪجهه دور ڪيا پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو.ا ن کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪرڻ جي ذميواري سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کي ڏني. سيد عبدالله شاهه جڏهن ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم سان رابطو قائم ڪيو ته ايم ڪيو ايم قيادت پ پ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ هڪ اردو اخبار جي ايڊيٽر کي ان ڳالهه لاءِ نامزد ڪيو. ايڊيٽر صاحب جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه سان ڳالهيون ڪندو هو ته انهن ڳالهين ۾ ٽيون ڄڻو گهڻو ڪري پ پ ڪراچي جو اهو رهنما به موجود هوندو هو جنهن هي ڪٿا ٻڌائي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه سان ڳالهين دوران ايم ڪيو ايم جي نمائندن هڪ مرحلي تي اها گهر اڳيان رکي ته ايم ڪيو ايم فقط تڏهن پ پ سان ٺاهه ڪندي جڏهن سنڌ جي وڏ وزارت ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪئي ويندي. سيد عبدالله شاهه محترمه بينظير ڀٽو کان ايم ڪيو ايم جي ان مطالبي بابت ضروري بريفنگ ورتي ۽ ان کان پوءِ اردو اخبار جي ان ايڊيٽر سان ڳالهين دوران سيد عبدالله شاهه اهو چئي ايڊيٽر صاحب کي حيران ڪري ڇڏيو ته پ پ پنجاب صوبي ۾ اڪثريت ۾ آهي پر اتي به پ پ وڏ وزارت سندن اتحادي ننڍي گروپ کي ڏني آهي ۽ عارف نڪئي پنجاب جو وڏو وزير آهي. سيد عبدالله شاهه ان ايڊيٽر صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون پنهنجي قيادت سان ڳالهايو آهي ۽ انهن طرفان مليل مينڊيٽ جي روشنيءَ ۾ آئون وڏ وزارت ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اسين سنڌ جي وڏ وزارت ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جو وڏو وزير ڀلي چونڊن تائين سنڌ جو وڏو وزير رهي پر ان لاءِ پ پ جو فقط هڪ شرط آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجا سڀ هٿياربند ۽ هٿيار پوليس جي حوالي ڪري. جنهن پ پ اڳواڻ اها ڳالهه ٻڌائي تنهن چيو ته سيد عبدالله شاهه جو اهو جواب ٻڌڻ کان پوءِ اهو ايڊيٽر صاحب ڪجهه وقت ته سن ٿيو عبدالله شاهه کي تڪيندو رهيو پر بعد ۾ چيائين ته ان جو جواب توهان کي اڪيلائي ۾ ڏيندس. عبدالله شاهه چيس ته پاڻ کان سواءِ فقط هيءَ ٽيون ڄڻو هنن ڳالهين ۾ موجود آهي ته ڇا هن جي موجودگي ۾ ڳالهائڻ ايڊيٽر صاحب انتهائي سختيءَ سان چيو ته ها آئون فقط توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. جنهن دوست اها ڳالهه ٻڌائي تنهن ٻڌايو ته سيد عبدالله شاهه انهن ڏينهن دوران هڪ اهڙي پين رکندو هو جنهن جو هڪ بٽڻ دٻائڻ سان سندس ٿيندڙ سڄي ڳالهه ٻولهه ٽيپ ٿيندي هئي. بهرحال ان پ پ رهنما ٻڌايو ته سيد عبدالله شاهه کيس سي ايم هائوس جي ڪمري ۾ ڇڏي ان ايڊيٽر صاحب کي پاڻ سان گڏ ٻاهر ڇٻر تي وٺي ويو جتي ايم ڪيو ايم جي ترجماني ڪندڙ ان ايڊيٽر صاحب وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کي رازداري واري انداز ۾ ٻڌايو ته ”اسان کي سنڌ جي وڏ وزارت نه گهرجي. اسان کي ڌار ملڪ گهرجي“. اهو ٻڌي سيد عبدالله شاهه هن کي انتهائي سختي سان چيو توهان جو اهو مقصد ته فقط اسان جي لاشن تي ئي پورو ٿي سگهي ٿو. حالانڪه، ان ايڊيٽر صاحب کي سنڌ جي وڏي وزير سان گڏجي ڊنر ڪرڻي هئي پر هاڻ سنڌ جي وڏي وزير سي ايم هائوس جي اسٽاف کي اشارو ڪيو ته ان ايڊيٽر جي گاڏي موڪلي وڃي ته اها هن کي کڻي وڃي. ويندي ويندي ان ايڊيٽر صاحب اشاري طور ڌمڪي به ڏني ته آمريڪا هتي فوج به لاهي سگهي ٿو.

جنهن پ پ رهنما اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو تنهن ڪجهه وقت رڪجي وري هڪ نئون انڪشاف ڪيو ۽ چيو ته ان کان پوءِ چند ڏينهن کان پوءِ ان وقت جو صدر فاروق لغاري ڪراچي جي دوري تي آيو ۽ گورنر هائوس ۾ ان وقت جي گونر ڪمال اظفر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وڏو وزير  عبدالله شاهه، ڪجهه صوبائي وزير به موجود هئا. صدر صوبائي وزيرن توڙي انهيءَ پ پ اڳواڻ جي موجودگي ۾ پهرين ته ڪجهه پ پ وزيرن جي ڪارڪردگي جي شڪايت ڪئي پر پوءِ اوچتو هن سيد عبدالله شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون هر طرح کان تصديق ڪئي آهي ۽ ان قسم جي ضمانت به ورتي وئي آهي ته آمريڪا ڪراچي ۾ ڪنهن به صورت ۾ فوج لاهڻ نه ٿو چاهي.

پ پ جي ان اڳواڻ اهو انڪشاف ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ساهي پٽي وري هڪ نئون انڪشاف ڪيو. هن ٻڌايو ته انهن ئي ڏينهن آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير رابن رافيل پاڪستان جي دوري دوران هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ آئي ۽ گورنر هائوس ۾ گونر ڪمال اظفر، وڏي وزير سيد عبدالله شاهه، ڪجهه وزيرن، ان پ پ رهنما سان ملاقات ڪئي. ان وقت سنڌ حڪومت جا ڪجهه اعليٰ سطحي آفيسر به موجود هئا. ڳالهين دوران سنڌ جي وڏي وزير رابن رافيل کي مخاطب ٿيندي شڪايت ڪئي ته ڪراچي دهشتگرد شهر ۾ قتل ڪن ٿا ۽ هنن خلاف ايف آءِ آر به ڪاٽي وڃي ٿي پر اهي گرفتار ان ڪري ڪو نه ٿا ٿي سگهن جو اوهان جو قونصل خانو فوري طور انهن کي ويزا ڏيو ڇڏي ۽ هو آمريڪا هليا وڃن ٿا ان شڪايت تي رابن رافيل سخت ناراض ٿي ۽ احتجاج ڪندي چيو ته اوهين پاڪستاني سدائين اهڙا غلط الزام هڻندا آهيو، هن چئلينج ڪيو ته ڇا توهان وٽ ان سلسلي ۾ ثبوت آهن؟ ان پ پ رهنما ٻڌايو ته ان وقت سندس پويان سنڌ جو ان وقت جو گهرو معاملن وارو سيڪريٽري ملڪ شاهد حامد ويٺو هو. پ پ رهنما چيو ته پويان ويٺل ان آفيسر پويان سندس ڪلهي تي زور ڏنو ۽ جڏهن هن پويان نهاريو ته ان آفيسر هن کي ٽي فائيل ڏنا ۽ چيو ته توهين اهي کولي پڙهو. پ پ رهنما چيو ته جڏهن هن اهي فائيل کوليا ته هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ان ۾ 200 اهڙن دهشتگردن جا تفصيل هئا جن ۾ هنن طرفان ڪيل ڏوهه ۽ هنن خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر جا تفصيل به هئا ۽ انهن مڙني کي جاري ڪيل ويزا جا به تفصيل ڏنا هئا. اهو ڏسي ان پ پ رهنما اهي فائل سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر جي حوالي ڪيا ۽ هن به اهي فائيل پڙهي رابن رافيل جي حوالي ڪيا ۽ چيو ته توهان کي ثبوت گهربا هئا ته هي سڀ ثبوت آهن. اهي فائيل ڏسي رابن رافيل جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. هن اهو چئي ته ان جي تحقيقات ڪنداسين اٿي ۽ مڙني سان هٿ ملائڻ دوران هن سنڌ جي گهرو معاملن واري سيڪريٽري ملڪ شاهد حامد سان هٿ ملائيندي ٽوڪ طور چيو ته ”تون ته ڏاڍي محنت ٿو ڪرين“ ان دوران گورنر ڪمال اظهر رابن رافل کان فائل ورتو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري ڪارروائي ڪندي اهو فائيل توهان کي موڪليندي بعد ۾ ائين ئي ڪيو ويو. بهرحال ان پ پ رهنما چيو ته گورنر هائوس مان نڪرڻ وقت سنڌ جي وڏي وزير سنڌ حڪومت جي ان وقت جي گهرو معاملن واري سيڪريٽري ملڪ شاهد حامد کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ملڪ صاحب رافيل ته توکي ڌمڪي ڏيئي وئي آهي،“ ان پ پ رهنما ٻڌايو ته ٻن مهينن اندر پ پ حڪومت ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ ملڪ شاهد حامد کي ڪي اي ايس سي جو سربراهه بڻايو ويو ۽ هڪ ڏينهن هو جيئن آفيس اچي رهيو هو ته واٽ تي دهشتگردن هن تي گوليون وسايون ۽ هو قتل ٿي ويو.

اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ ان پ پ رهنما چيو ته هن وقت خود آمريڪا جنهن اقتصادي ۽ انتظامي صورتحال ۾ ڦاٿل آهي، تنهن نقطئه نگاهه کان سمجهجي ٿو ته ڪراچي ۾ فوج لاهڻ جي غلطي نه ڪندو. بهرحال هن چيو ته ان حوالي سان جيڪي به فئڪٽرآهن انهن مڙني جو گهرائي سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

انهن انڪشافن جي روشنيءَ ۾ هن وقت جڏهن سنڌ جي ڪجهه وڏن شهرن ۾ مهاجر صوبي تحريڪ جي سرگرمين کي ڏسجي ٿو، جڏهن آمريڪا جي شهرن مان ايم ڪيو ايم جي موجوده ۽ اڳوڻن رهنمائن طرفان هڪ نه ٻئي ڏينهن نيويارڪ ۽ ٻين شهرن مان مهاجر صوبي تحريڪ جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنسون ٿين ٿيون ته ڪن کڙا ٿا ٿين ته هي وري اوچتو مهاجر صوبي تحريڪ جون سرگرميون ايترو زور ڇو ٿي ويون آهن؟ اهو ڏس ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي ته انهن سرگرمين جو مرڪز يا سنڌ جا ڪجهه وڏا شهر آهن يا نيويارڪ يا آمريڪا جا ٻيا ڪجهه شهر آهن. انهيءَ پسمنظر دوران ڪجهه ٻيون، ڊيولپمينٽس ٿين ٿيون. مثال طور ايم ڪيو ايم طرفان قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميمي بل پيش ڪيو وڃي ٿو ته آئين جي ان شق کي ختم ڪيو وڃي جنهن مطابق نئون صوبو ٺاهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اهڙو بل واسطيدار صوبي جي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪرائڻو آهي. انهي دوران اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته سڀ کان اڳ پ پ طرفان پنجاب جا ٻه اڌ ڪري پنجاب مان ڏکڻ پنجاب جي نالي سان نئون صوبو ٺاهڻ جي تحريڪ شروع ڪئي وئي. ان تحرڪي جي قيادت نه فقط وزيراعظم گيلاني ڪئي آهي پر صدر آصف زرداري به ان جي پوئواري ڪري رهيو آهي. ان پسمنظر ۾ ڪئين سنڌين جي ذهنن ۾ اهي سوال اٿيا ته پاڪستان ۾ سڀ کان طاقتور پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ رهي آهي. جڏهن ته ان کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ”پنجاب ڄائي“ آهي. تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ اها ڳالهه ٿي برداشت ڪري ته پنجاب صوبي کي ٻه اڌ ڪيو وڃي انهيءَ ڪري اهي انديشا ظاهر ڪيا پئي ويا ته ڄاڻ سنڌ تي ڪات ڪهاڙا شروع ٿيڻ وارا آهن ۽ پوءِ جلد هڪ طرف سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ مهاجر صوبي تحريڪ جون سرگرميون شروع ٿيون، مهاجر صوبي جو نقشو ظاهر ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ کي ٻه اڌ ڏيکاريل آهي ۽ ڏکڻ سنڌ کي مهاجر صوبو ڏيکاريو ويو آهي.

هڪ طرف اها ڳالهه آهي ته ٻئي طرف سلالا پوسٽ تي آمريڪي فوج جي حملي، نيٽو فوج جي سپلائيز لاءِ رستو فراهم ڪرڻ وارن اشوز تي آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ اختلاف وڌندا وڃن. ان جي مدنظر اهي انومان وري ظاهر ٿيڻ لڳا آهن ته مهاجر صوبي جي تحريڪ جي پويان آمريڪي هٿ آهن. انهيءَ دوران اٽڪل هڪ مهينو اڳ اسلام آباد ۾ منهنجي هڪ دوست ممتاز بلوچ صحافي جنهن جو هن وقت تعلق بلوچستان سان آهن تنهن انتهائي رازداريءَ سان انڪشاف ڪيو ته هن وقت هندي سمنڊ ۾ نه انڊين نيوي موجود آهي، نه چيني نيوي موجود آهي ۽ نه روسي نيوي موجود آهي. هن دعويٰ ڪئي ته هن وقت سڄي انڊين اوشن تي، انڊونيشيا کان آفريڪا تائين آمريڪي نيوي جي بالادستي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته هن وقت هن علائقي ۾ آمريڪا جا ست بحري ٻيڙا موجود آهن هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا جڏهن چاهي ڪراچي کان بلوچستان جي سامونڊي ڪناري تائين ڪنهن وقت ڪٿي به پنهنجي فوج لاهي سگهي ٿو. هن جو اشارو خاص طور تي ڪراچيءَ ڏانهن هو.

خبر نه آهي ته مٿي ذڪر ڪيل انڪشاف ۽ انومانن ۾ ڪيتري سچائي آهي پر سنڌ جي سياسي قيادت توڙي دانشورن جو فرض آهي ته مڙني خطرن جو سمجهداريءَ سان جائزو وٺن، اٻهرائپ ۾ ڪنهن به ردعمل جي ضرورت نه آهي، ان ۾ به ڪو هرج نه آهي ته ڪنهن جي خلاف مظاهرا ڪيا وڃن يا بيان ڏنا وڃن پر سنڌ هن وقت جنهن صورتحال جو شڪار آهي تنهن جو علاج فقط مظاهرا ۽ بيان بازيون نه آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهرين سڄي ڳالهه کي سمجهجي ۽ پوءِ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهجي، ائين ڪرڻ لاءِ مظاهرا ڀلي ڪيا وڃن پر مڙني ديسي توڙي بين الاقوامي قوتن سان ڊائلاگ ضروري آهي ۽ ممڪن هجي ته ضرور ڪيا وڃن

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو