Home / افيئر / ڏڪار سڪار
above article banner

ڏڪار سڪار

ڳالهه ايتري به منجهيل ناهي جو سمجهه ۾ ئي نه اچي ، رڳو ڪامن سينس درڪار آهي،جيڪو شايد ايترو ڪامن به ناهي. باقي هوا۾ڦوڪون ڏيڻ وارا به ڪيئي ويا آهن.خبر هجي نه هجي مڙئي اونڌي  ڳالهه  ڪري خلقت خدا جي کي منجهائي پٽ ڪرڻو آهي .باقي ايندڙ  وسڪاري جي مند ۾ ڇا ٿو ٿئي.انهي کي سمجهڻ  لاءِ پهرين اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته برف ڪيئن ٿي ڳري ،هينئن ڪريو جو ڪنهن ڪنجي وٽي ۾ يا ڪوپر جي گلاس ۾ پاڻي وجهي فريزر ۾ رکي ڇڏيو ته برف ٺهي.برف ٺهي وڃڻ کان پوءِ اهو ٿانءُ ڪڍي انهي کي تاءُ ڏيو، پر ڪيترو به تاءُ ڏيڻ کان پوءِ به ٿانءُ جي ڪنارين وٽان برف ڪانه ڳرندي جو باقي برف ڦهڪو ڪري اچي هيٺ ڪري پر جي ساڳي گهڙهي ٿانءَ کي اونڌو ڪري  مٿان پاڻي اوتيندو ئو ته بنا ڪنهن دير جي برف جو ڏينو اچي هيٺ ڪرندو  مٿي جبلن ۾ جيڪا برف ڳري ٿي انهي کي به گرمي جي بدران مينهن جا ڦڙا ڳاريندا آهن .ڦڙن پوڻ سان پهرين برف ۾ سيرون پونديون آهن.پوءِ اهي وڌي ڌار بڻجي وينديون آهن.ڌارن پوڻ کان پوءِ برف جا حصا پاڻ ۾ ٽڪرائجي هيٺ لڙهندا آهن ۽ پاڻي  جي شڪل اختيار ڪري درياهن ۾ اچي پوندا آهن.پاڻي هيٺاهين ڏانهن  وهڻ شروع ڪندو آهي.


سنڌي ۾ چوندا آهن ته “ ڇپن مٿان رپون پيون آهن” انهي حساب سان اسان گليشئرن کي رپون چئي سگهون ٿا.اهي رپون ڪي مٿانهيون ته ڪي هيٺاهيون هونديون آهن. انهن رپن جي حقيقت ڪجهه هن ريت آهي ته جي ڪو ماڻهو هوائي جهاز ۾ چڙهي اسلام آباد کان سڌو بيجنگ يا اهو ٽوڪيو ڏانهن ويندو ته قراقرم جي برفاني چوٽين مٿان گذرندي  دري مان ڏسندو ته کيس اهي رپون ڏسڻ ۾ اينديون جيڪي هوائي جهاز جي اڏام کان به مٿانهيون هونديون آهن.انهي کان پوءِ دري تان نظر هٽائي سامهون لڳل مشين ڏانهن ڏسندو ته ان مشين جي اسڪرين تي هوائي جهاز کان ٻاهر وارو ٽيمپريچر نظرايندو.جيڪو ڪاٽو 30 سي سي يا اڃا به وڌي ڪري35 ڪاٽو سي سي نظر ايندو .جنهن جو مطلب اهو وڃي بيهندو ته رپون (گليشئر) ڪاٽو 40 سي سي کان وڌيڪ ٿڌ ۾ ترتائين ٻڏل هونديون آهن.سو انهن رپن جي ڳرڻ جون ٻه صورتون ٿي سگهن ٿيون. هڪ اها ته جڏهن اتان جو ٽيمپريچر ڪاٽو سي سي کان ٽپي واڌو هڪ سي سي ٿئي پر ڪجهه سالن تائين  ناممڪن ڏسڻ ۾ پيو اچي. ٻي صورت اها آهي ته انهن رپن جي مٿان مينهن ڦڙا وسن ۽ رپن ۾ سيرون ۽ ڏار وجهن. پر اهو به نا ممڪن آهي ڇاڪاڻ ته انهن هنڌن تي جيڪي به مينهن ڦڙا ڪرندا ته اهي رپن جي چوٽين تائين پهچندي سخت ٿڌ هئڻ جي ڪري برف جي پوڻين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.ٻين اکرن ۾ ايئن کڻي چئون ته رپن واري هنڌ تي برف مٿان برف ڪرندي ويندي آهي. ۽ وڌيڪ ٿڌ ٿيندي ويندي  آهي. انگريزي جي مشهور ليکڪ ۽ انڊو پاڪ جي ايٽمي ڌماڪن تي تحقيق ڪندڙ مشهور ۽ واکاڻيل ليکڪا ميتاو گهو ش (Amitav ghosh) جو لکڻ آهي ته انهن رپن کي صرف بم هڻي ڳاري سگهجي ٿو ۽ اهڙي چريائي ڪير به ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙن هنڌن تي ڊيوٽي ڏيندڙ (سياچن تي) ماڻهو ءَ جو ٽن مهينن کان پوءِ عقل چرخ ٿي ويندو  آهي.جنهن کان عقل موڪلائي وڃي ته اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.خدا نه ڪري جي ايئن ٿو ٿئي ته لڳ ڀڳ سڄي دنيا ۾ هالي ووڊ جي مشهور فلم  2012 ع جا ڏيک جنم وٺي سگهن ٿا ۽ پوءِ ڪک به ڪون بچندو .انهيِءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪاڙهپور (Globl Warming) ڏينهون ڏينهن وڏي رهيو آهي پر اهو ڪاڙهپور اڃاتائين انهيءَ منزل تي نه پهتو آهي جو ايندڙ ڪجهه سئو سالن تائين اهي رپون ڳرڻ شروع ڪن. ايئن برابر آهي ته مندن ۾ جيڪا تبديلي اچي رهي آهي ۽ ماحولياتي ڦيٽهاڙو پئدا ٿيو آهي انهي جو هڪ ڪارڻ ڪاڙهپو به آهي پر ٻيابه ڪيئي ڪارڻ آهن.جيڪي ٻئي ڀيري بيان ڪري سگهبا.رپن ڳرڻ ۾ڪيئي. سال کپن ،تيستائين شايد ٽئڪنالاجي به ايتري وڌي وڃي جيڪا اهڙي صورتحال پئدا ٿيڻ نه ڏئي.

بهرحال موسمياتي ماهر جيڪي اڳڪٿيون ڪندا آهن انهن جو رپن سان واسطو ناهي پر ڇپن سان واسطو آهي.هاڻي اچون انهي ڳالهه تي ته برف جون ڇپون ڇا آهن ۽ ڪيئن وجود ۾ اچن ٿيون؟.اصل ۾ سياري جي مند ۾ مٿانهن علائقن ۾ جيڪا برف پوندي آهي ۽ گڏ ٿيندي ويندي آهي.انهن کي ئي ڇپون چيو ويندو آهي.جنهن سان سياري ۾ برف گهٽ ڪرندي آهي ته موسميات جي ماهرن کي سيارو پورو ٿيڻ کان پوءِ ايتري کڙڪ پئجي ويندي آهي ته وسڪاري جي مند ۾ جيڪو مينهن پوندو ،انهي مينهن ۾ ڳرڻ لاءِ ايتري برف ئي ڪانه هوندي جيڪا ڳري درياهن ۾ ڪا ٻوڏ آڻي سگهي .البت ايترو سو ضروري آهي ته جي وسڪاري جي مند ۾ ڳرو ميهن ٿو پوي يا ائين کڻي چئون ته اڀ ٿو ڦاٽي ته پوءِ ته درياهن ۾ به چاڙهه اچي سگهي ٿو. ٻوڏ جي صورتحال پئدا ٿي سگهي ٿي.پر جي ساڳيو ڳرو مينهن درياهن کان پرڀرو ٿو وسي ته انهي پٽ ۾ ٻوڏ آڻي سگهي ٿو.ايئن جيئن پروڪي وسڪاري ۾ سنڌ جو ڏکڻ وارو حصو ٻوڏ جي رهڙي ۾ اچي ويو هو. اڃا تائين اتي ماڻهو رت پيا روئن .ٻئي پاسي وري اها به حقيقت موجود آهي ته جي سياري جي مند ۾ مٿين علائقن ۾ برف گهڻي به پوي ٿي ۽ ڳچ عرصي تائين به پوي ٿي ته پوءِ موسميات جي ماهرن کي سياري جي پڇاڙي کان پوءِ پتو پئجي ويندو آهي ته جي برف جي ڇپن مٿان ٿورو به مينهن پيو پوءِ اهو مينهن برف جي ڇپن کي ڳاري  ٻڙڌڪ مچائي سگهي ٿو .ظاهر آهي ته برف ڳرڻ جي ڪري درياهن ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿو ۽ درياهه ٻوڙ  ٻوڙان ڪري سگهن ٿا.هن گذريل سياري ۾ تمام گهڻي برف پئي آهي ۽ ڳچ عرصي لاءِ پوندي رهي آهي.ڪٿي ڪٿي ته اڃا به ٿوري گهڻي برف ڪڏهن ڪڏهن پوندي رهي ٿي .اهائي ڳالهه ڳڻي موسميات جي ماهرن هينئر ئي حڪومت کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. انهي چتاءُ ۾ هنن ٻوڏ جي بدران “سيلاب ” جو لفظ ڪتب آندو آهي. جنهن جو مطلب ئي اهو ٿو ٿئي ته درياهن ۾ چاڙهه ايندو.باقي موسمياتي ماهرن کي ڳري مينهن پوڻ جو اندازو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پوندو آهي

.سرڪار سڳوري کي آڱرين تي نچائيندڙ ۽ پنهنجو پيٽ سائو ڪندڙ آبپاشي جا ماهر ڪيڏابه هٿ ناٽ ڪن ته درياهه جون ٻنڌيون پڪيون ڪري ڇڏيون اٿن .تنهن ڪري درياهه ڦاٽ ڪون کائيندو.پر انهن ماڻهن تي عوام ڪيئن اعتبار ڪري جن کي روهڙي واهه ئي جهل نٿو ڏيئي۽ هڻي راڄ ٻوڙي ڇڏيائين. اڃا به روهڙي واهه مان خطرو بيٺو آهي،.جن کي  واهه ئي جهل نٿو ڏيئي اهي همراهه وري درياهه کي ڪيئن ڪنارن اندر قابو ڪري سگهندا؟ درياهه کي جيڪي ٻنڌيون ڏنيون اٿن انهن کان هر ڪو واقف آهي پر اڃا به ڪامن سينس جي اها ڳالهه آهي ته درياهه  چاڙهه کائي يا نه کائي پر ٻنڌيون ته سو ليون ٻڌو .هلو سائين مڃيو سين ته ڀلا هن سال نه ئي سهي پر ايندڙ سال يا انهي کان پوءِ به ايندڙ سال ۾ درياهه چاڙهه کائي سگهي ٿو.انهي جو ته ڪجهه نه ڪجهه بلو ڪيو وڃي.ٻئي پاسي خود حڪومت جي ارڪانن مان لڳي ٿو ته کين ڇڪي تاڻي پنج سال پورا ڪرڻا آهن. پوءِ قاضي ڄاڻي ته قيام ڄاڻي .هنن کي پنهنجي ملڪ جو فڪر گهٽ آهي ۽ پنهنجي حڪومت جو فڪر وڌيڪ آهي .پنهجو پيٽ سائوهجي پوءِ سنڌ ڄاڻي ته سنڌ جي قيام ڄاڻي. مسئلو حل ڪرڻ جي بدران پنهنجا لاٺڙيا گاٺڙيا پئدا ڪجن جيڪي سندن ثناخواني ۾ اڀ مٿي تي کڻن .باقي انتظام جو حال اهو آهي جو. هڪڙي پاسي درياهه جي چاڙهه جي ڪري ماڻهو مال ،مڏيون ۽ ٻنيون ٻوڙ ٻوڙان جي ور چڙهيل هجن ته ٻئي پاسي ماڻهو پاڻي لپ لاءِ به واجهائيندا هجن. ڪٿي ڍور سڃا ته ڪٿي چور سڃا.انگريزن جيڪو آبپاشي جو نظام ٺاهي ڏنو انهي جي عمر ختم ٿي چڪي آهي پر اسان انهي سسٽم کي برقرار رکي نه سگهيا سين.واهن ۽ شاخن جي صفائي جو ڪم واڳن جي ور چڙهي ويو. ڪچي تي قبضا ٿي ويا ۽ پاڻي جا قدرتي لنگهه بند ٿي ويا جو انهن مٿان به ڳوٺ آباد ٿي ويا،فارم ٺهي ويا،ڀرايون ٿي ويون ۽ ٻنيون پوکجي ويون. مطلب ته آبپاشي جو پورو نظام هيٺ مٿي ٿي چڪو آهي. ٻاهرين بئريج سسٽم ٺاهي ڏنو.اسان پنهنجي گهرکي باهه ڏيئي ڇڏي .اهڙي حالت ۾ درياهه ۾ ٿورو وڌيڪ ۽ مناسب سطح تي چاڙهه آيو ته به نقصان ٿيندو. اها هڪ اهڙي ميار آهي جو ڪنهن هڪ حڪومت کي  ڏئي نٿي سگهجي. سڀ رڍون ڪاريون آهن .پبلڪ کي به آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي.جنهن کان جيتري پڳي آهي انهي اوتري ڪري ڏيکاري آهي .لالچ ملڪ کي ڀيلي ڇڏيو آهي.جيڪو وس وارو آهي اهو مال ڪمائڻ ۾ پورو آهي .اهو گوڙ ڪرڻ جي بدران چپ چٽي رهيو آهي.

اچو سائين مينهن واري ٻوڏ تي، انهي سلسلي ۾ ٻه ٿيوريون پاتيون وڃن ٿيون. هڪ ٿيوري اها آهي ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي ڦيٽهاڙي جي ڪري مندون ۽ مينهن هيٺ مٿي ٿي ويا آهن.توازن نه هئڻ جي ڪري ڪڏهن گهاٽا مينهن پوندا ته ڪڏهن صفا اُڀ ۾  پيو هوندو.انهي جو مثال هن سال ۾ ئي ملي وڃي ٿو .وسڪاري جي اصلي مند آهي جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر، پر هيل سال ۾ مئي ۾ ئي مينهن پيا آهن. جون اڃا باقي رهي ٿو. ظاهر آهي ته اها ٿيوري دل سان لڳي ٿي.ٻي ٿيوري لوڪ سائنس (Folk science) تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ ڏڪارسڪارجا ڏها (Double Figres) ٿيندا آهن.مثلا جيڪڏهن پندرهن ويهه سالن ۾ مينهن نه پيا ۽ ڏڪار آيا ته وري ايندڙ ويهن ٽيهن سالن ۾ گهاٽا مينهن پوندا ،سڪار به ايندو، ٻوڏون به اينديون.انهي حساب سان 2005 ع کان وٺي گها ٽا مينهن پوندا اچن. ڪٿي سڪار ته ڪٿي وري ٻوڏ.اهو سڀ ڪجهه اسان ۽ توهان جي اڳيان ٿي گذريو آهي .اهو ڏهو (Double Figures) ڪيستائين هلڻو آهي. انهي جو اندازو لڳائڻ ته في الحال ڏکيو آهي پر پوءِ به چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ سالن ۾ مينهن به ڪٿي نه ڪٿي ٻوڏ آڻي سگهي ٿو .ڪي مينهن اڳاٽا ته ڪي پا ڇا ٽا.

انهن ٻن ٿيورين کي متضاد چئي نٿو سگهجي پر ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهي ٻئي ٿيوريون هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.موسميات جا ماهر مينهن پوڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳواٽ ته اڳڪٿي ڪري سگهن ٿا پر گهڻو وقت اڳ ۾ ڪجهه به چئي نٿا سگهن.هينئر به هنن درياهه واري چاڙهه جي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.اها به گذريل سياري کي نظر۾ رکندي باقي اڳ ۾ ڏڪار،سڪاريا ٻوڏ جي باري ۾ معلومات ڏئي سگهن ٿا.لوڪ سائنس جي حساب سان ته سڪارن ۽ ٻوڏن جو ڏهو هلي پيو.البت ماحوليات جا ڄاڻو مندن کي غير متوازن ڃاڻائين ٿا ته ٿي سگهي ٿو هن سال گهاٽو مينهن پوي، پوءِ سڪار ٿئي يا کڻي ٻوڏ اچي،ياوري تمام گهٽ مينهن وسي.مينهن واري ٻوڏ اچي يا درياهه جي چاڙهه واري ٻوڏ اچي،يا وري مورڳو ڏڪار ڪن ڪڍي .ٽنهي صورتن ۾ منهن ته سرڪار کي ڏيڻو آهي.ڇاڪاڻ ته عوام ته ووٽ ڏئي پنهنجا هٿ آجا ڪري چڪو آهي.انهي ڪري ٽنهي صورتن ۾ جي ڪوبه نقصان ٿيو ته سرڪار جي بلي ۾ ليکبو، جنهن ۾ ٽئي ڌريون اچي وڃن ٿيون .پهرين ذميواري برسراقتدار حڪمرانن جي ٽولي تي اچي ٿي ته اهي وٺ وٺان ڪري سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو بچاءُ ڪن.سياسي سگهه گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي ،ٻئي پاسي ذميواري اسلام آباد يا ڪراچي ۾ ويٺل خزاني کاتي جي بيورو ڪريسي جي آهي .ذاتي تجربي توڙي فيلڊ ريسرچ جي حساب سان آئون سورهن جا ويهه آنا پڪ سان چئي سگهان ٿو ته گهڻا مامرا اتي ئي اٽڪن ٿا. ٿيئي ڇا ٿو جو جن رٿائن تي سرڪار پئسا منظور ٿي ڪري اهي پئسا خزاني کاتي وارن جي ٺاهيل ڪاڪ محل ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ ٿڪائيندڙ ريڊ ٽيپ ازم جي ور چڙهي وڃن ٿا.پراجيڪٽ تي ۽ عمل ڪندڙ سرزمين تي موجود ڪامورا آڏن ڦڏن سوالن ۽ اعتراضن جا جواب ڏيڻ ۾ ۽ سيڪريٽريٽ جي چڪرن ۾ ڦاٿل هوندا آهن.اها وٺ وٺان ۽ ڀڄ ڀڄان ايستائين هلندي رهي ٿي جو منظور ڪيل پئسا تڏهن وڃي رليز ٿين ٿاجڏهن ايندڙ بجيٽ ۾ اڃا مس وڃي مهينو بچندو آهي.تڏهن مٿان وري اهو نادري حڪم ايندو آهي ته اهي سڀ جا سڀ پئسا هڪ مهيني اندر رٿائن تي خرچ ڪيا وڃن. نه ته ٻي صورت ۾ بچيل پئسا لئپس (Lapse) ٿي ويندا.هڪ مهيني اندر ڪروڙن جون رٿائون ڪيئن پوريون ٿينديون ؟ انهي کي هر ڪو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو .تازو ڪيترين ئي رٿائن جا اربين روپيا به انهي ڪري خرچ ٿيڻ کان بچي ويا ۽ (Lapse) ٿي ويا،سرزمين تي موجود آبپاشي جي ڪامورن کي هڪ مهيني اندر منظور ٿيل پئسا خرچ ڪرڻ لاءِ ڪري هڪڙو ته تڙ تڪڙ ۾ ڪم ڪرڻو ٿو پوي ۽ ٻيو وري انڌيون، منڊيون، ڪوڙيون رسيدون گڏ ڪري رهيل مال پاڻي پنهنجي کيسي جي حوالي ڪرڻو ٿو پوي.ايئن انهن ڪامورن جي به عيد ٿيو وڃي.ايئن انهن ٽنهي ڌرين جي سرڪڻ ڦاهي وڃيو عوام جي ڳچي ۾ پوي.جيستائين انهي مَنڊ مان جند نه ڇٽندي تيستائين ماڻهو ٻڏندا به رهندا لڙهندا به رهندا ۽ اُڃ جو شڪار به ٿيندا رهندا ۽ خود حڪومت جا به پير اکڙندا رهندا.اهڙين حڪومتن کان ڀينگ ڀلي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو