Home / ڪور افيئر / ڪمون شهيد: ڇا وهيو ڇا واپريو
above article banner

ڪمون شهيد: ڇا وهيو ڇا واپريو

گذريل پندرنهن سالن  ۾ هي ٻيون ڀيرو آهي جو رپورٽنگ لاءِ ڪمون شهيد وڃڻ ٿيو.ڪمون سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي اهو هنڌ آهي جيڪو ننگن جي تحفظ لاءِ جهيڙيند ي زندرگي قربان ڪندڙ ڪمون چاچڙ جي  نانءَ سان مشهوري رکي ٿو .هن  هنڌ کي مزاحمتي حيثيت حاصل آهي. 10 آگسٽ 1998ع تي سنڌ جي ماڻهن سنڌ لاءِ خطرناڪ منصوبي ڪالاباغ ڊيم خلاف محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي اڳواڻي ۾ هن ئي هنڌ تي ڌرڻو هنيو هو.جنهن جي دٻاءَ ۾ اچي تنهن وقت جي ويراعظم ميان محمد نواز شريف ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي تان هٿ کنيو هو .

 

10 آگسٽ وارو احتجاج جيئن ته سنڌ جي زندگي ۽ موت سان سلهاڙيل منصوبي خلاف هو. تنهنڪري ان ۾ سنڌ جي سمورن قومپرستن ۽ سياسي سماجي ڌرين به شرڪت ڪئي هئي.ان ڏينهن سخت اُ ٻَ ۽ گرمي َسبب  ڪيترائي ماڻهو بي هوش به ٿيا هئا.موتمار گرمي باوجود سنڌ جا لکن جي تعداد ۾ ماڻهو عظيم مقصد خاطر گڏ ٿيا هئا.جڏهن ته 10 آگسٽ 1998ع جي ڀيٽ ۾ 12 مئي 2012 يعني هلندڙ مهيني ساڳي ئي هنڌ ٿيل جلسي جي ايجنڊا  ۾ به فرق آهي .ڪالاباغ جهڙي مسئلي تي سنڌ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ رڻ جيان ٻريل هئي ته ان ڏينهن  فضا۾ به هوا جو دٻاءَ گهٽ هئڻ سبب اٻ گهٽ ۽ بوسٽ گهٽ پر 12 مئي تي موسم به معتدل هئي ته مزاج به. ٻارهن مئي وارو احتجاج بقول پ پ اڳواڻن جي پنجاب جي سياسي اڳواڻ نواز شريف کي سنڌ مان پيغام ڏيڻ هو ته سنڌجو عوام ان سياسي جماعت جي جمهوري سيٽ اپ خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪندو، جنهن پارٽي ءَ جون پاڙون ته چئني صوبن ، گلگت _بلتستان،آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ کتل آهن پر ان جو ڳڙهه سنڌ کي ئي سمجهيو وڃي ٿو.سو ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو هيءُ  عام جلسو هڪ وفاقي جماعت طرفان پنهنجي ڳڙهه مان ويهي اهڙي جماعت جي اڳواڻ کي خبردارڪرڻو.جيڪو پ پ اڳواڻن جي بقول هو سينٽرل پنجاب جوليڊر آهي. 12 مئي وارو ڌرڻو نج پ پ جوشو هو ۽ان جي ايجنڊا به سندن لفظن ۾ جمهوريت ۽ جمهوري سرشتي  خلاف ۽ عوامي مينڊيٽ سان آيل حڪومت خلاف نا ڪاري پرو پيگنڊا جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻو هو.بظاهر ته هي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن مان پيپلز پارٽي طرفان عوامي طاقت جو مظاهروهو.پر ان ۾ سنڌ جي ٻين علائقن مان به وزير، مشير چونڊيل نمائندا،۽ اڳواڻ به شريڪ ٿيا.جلسي ۾ موجوده صحافين ۽ تجزئي نگارن موجب پيپلز پارٽي توقع جي ابتڙ ڪمون شهيد ۾ طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.جنهن جو ٽاسڪ پارٽي اڳواڻن کي پارٽي قيادت طرفان مليل هو.سياسي تجزئي نگار سمجهن ٿاته ملڪ ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪو جلسن جي سياست ۽ انهن ۾ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو جيڪو واءُ گهليو آهي ،هي جلسو به ان جي هڪ ڪڙي هو .ايندڙ اليڪشن ويجهي آهي تنهن ڪري اقتدار ي توڙي اقتدار کان ٻاهر ويٺل سياسي ڌرين جي ننهن چوٽيءَ جي ڪوشش آهي ته عوام سان رابطي ۾ رهڻ ۽ مخالف سياسي جماعتن تي الزامن جي بوڇاڙ ذريعي عوام ۾ پنهنجي لاءِ همدردي وڌائيn . جيڪا جماعت اقتدار ۾ هوندي آهي تنهن جون اميدون ۽ توقعات به تمام گهڻيون هونديون آهن.جن تي سئو ديڪڙو پورو لهي نه سگهڻ سبب ان جو گراف ڪرڻ فطري عمل آهي .سوچيو وڃي ٿو ته پنجاب ۾ نواز ليگ اهو ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهي آهي تنهنڪري اها وفاقي حڪومت ۾ نه هئڻ جو فائدو وٺندي. وفاقي سرڪار خلاف ميدان ۾ لٿل آهي ۽ وزيراعظم کي سخت تنقيد جونشانو بڻايو پيو وڃي .سنڌ ۽ وفاق ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل چئن سالن کان اقتدار ۾ آهي ۽ لازمي آهي ته ٻين اقتداري   جماعتن وانگر هي جماعت به 100 سيڪڙوDeliver ڪري نه سگهي هوندي .گورننس ۽ ترقياتي رٿائن ۾ شفافيت جا معاملا به وقتن به وقتن اٿندا رهيا آهن.اهڙي صورتحال ۾  سمجهيو  پئي يو  ته ڇا پ پ اقتدار ۾ رهندي ايڏي پئماني تي متحرڪ نموني وارا پر جوش جلسا ڪري سگهندي  ؟ جهڙا جلساملڪ ۾ ٿي رهيا آهن تنهن جو جواب 12 مئي تي ڪمون شهيد وٽ واضح نموني سامهون اچي ويو آهي. ڳڙهي خدابخش پ پ جو آهي جتي جڏهن شهيد ڀٽي کان ويندي محترمه شهيد تائين جي سالگرهن ۽ ورسين جا ميڙاڪا ٿين ٿا ته اتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ مان جيالا ۽  ڀٽو خاندان سان شهادتن سبب روحاني عقيدت رکندڙ ماڻهو وڏي تعداد ۾ پهچن ٿا.ڳڙهي خدابخش کان ٻاهر پيپلز پارٽي لاءِ ڪمون شهيد تي ڪوٺايل عوامي اجتماع ايندڙ اليڪشن کان اڳ ڪارڪنن کي موبلائيز ڪرڻ جو ٽيسٽ ڪيس ۽ عوامي همدردي جو پيمانو ماپڻ جو ڏينهن هو.جنهن ۾ اها ڪامياب نظر آئي. ڪمون شهيد واري جلسي جي ڪوريج لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا جا عيوضي سوير سان ئي پنهنجي D S N G S گاڏين سميت پهتل هئا.مئي جو مهينو هئڻ سبب گرمي ته هئي پر اهڙي ماڻهو مارگرمي نه هئي جهڙي 10 آگسٽ 98ع  تي هئي . منجهند تائين صحافي ۽ اتي پهتل ڪجهه سياسي  ڪارڪنن جي Trace gameجاري رهي ته جلسي ۾ ماڻهو ڪيترا ايندا . منجهند جو ٽين وڳي تائين ته پورا پنا ماڻهو جلسي ۾ پهتا هئا پر ٽن  پهرن کان پوءِ وزيرن ،چونڊيل نمائندن ، ۽ اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ وڏن قافلن پهچڻ شروع ٿي ويو .هي جلسو جيئن ته کليل آسمان هيٺ ٿيو.تنهنڪري اسٽيج به روڊ تي ٺاهي وئي هئي. اسٽيج جي اتر پاسي يعني پنجاب واري پٺ ۽ ڏکڻ پاسي اڳ هو ايئن اسٽيج تان بيهي يا اسٽيج جي ڀر ۾ کاٻي پاسي ميڊيائي ماڻهن لاءِ رکيل ڪنٽينر تي بيهي جڏهن ته سامهون روڊ طرف يعني ڏکڻ ڏانهن نهارٿي ڪئي ته رڳو ماڻهو ئي ماڻهو نظر اچي رهي هئا. اهو ئي سبب آهي جو تقرير دوران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي کي چوڻو پيوته سائين قائم علي شاهه ڪٿان دوربنين جو بندوبست ڪر ي ڏيو ڇا ڪاڻ ته نظر کٽي ٿي وڃي ماڻهو نه ٿا کٽن . هن جلسي کي خطاب دوران سنڌ جي وڏي وزير ميڊيا کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڏسو هي ڏهه لکن کان وڏو ميڙاڪوآهي .هن چيو ته ميان نواز شريف هي ته رڳو لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن جو مجموعو آهي جيڪڏ هن جمهوريت خلاف سازشون ختم نه ٿيون ۽ سنڌ جي 5 ڪروڙ ماڻهن لاهور ڏانهن مارچ شروع ڪيو ته تخت لاهور کي ڊاهي ڇڏيندا. ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هي جلسو حڪمت عملي ۽ پلاننگ سان ڪيل هو. جيڪو سج جي روشني ۾ شروع ٿيو ۽ سج لڙي کان اڳ ختم ٿيو ته جيئن ڪيميرا جي اک هن هيڏي مجموعي کي سانڍي ملڪ جي باقي حصن جي ناظرين جي نظرن تائين به پهچائي سگهي. جلسي جي ڪوريج لاءِ ٻين حصن کان ڪجهه آيل صحافين کي اهي سرگوشيون ڪندي به ٻڌو ويو ته يار پ پ تمام وڏو جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.“ ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا آج ڀي ڀٽو زنده هي”تي عورتون ، مرد ۽ ٻار نچندا ۽ جهومندا رهيا پر اسٽيج تي بيٺل سمورا اڳواڻ به تاڙيون وڃائيندا ۽ جهومندا رهيا.

 

وفاقي وزير سيد خورشيد ساهه هي جلسو آرگنائيز ڪرڻ ۾  سرگرم ۽ پيش پيش نظر آيو .سندس اڳواڻي ۾ هڪ تمام وڏي قافلي جلسي ۾ شرڪت ڪئي. هو پنڊال جي وچ ۾ لڳل وڏا جهنڊا هٽرائيندو رهيوته جيئن ڪيميرا جي اک پري پري تائين وڃي ۽ پ پ طرفان هي ڀر پور عوامي قوت جو مظاهرو هر ڪنهن کي نظر اچي . هن جلسي ۾ سيد خورشيد احمد شاهه ڪو خطاب نه ڪيو .پ پ  ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم شهاب الدين جلسي ۾ خصوصي شرڪت ڪئي . جنهن چيو ته هو هيڏو وڏو ميڙاڪو ڪوٺائڻ تي سنڌ جي پ پ اڳوڻن کي مبارڪ ڏئي ٿو.اسٽيج تي بيٺل جلسي جا منتظر سيد خورشيد احمد شاهه ا،سلام الدين شيخ، ڄام مهتاب ڏهر،ڄام سيف الله ڌاريجو،توڙي نثار احمد کهڙو ۽ اياز سومرو ٻهڪندا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندي نظر اچي رهيا هئا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو