Home / ڪور افيئر / انصاف جو بول بالا
above article banner

انصاف جو بول بالا

ملڪ رياض جي پريس ڪانفرنس سندس ڪورٽ ۾ حاضريءَ کان وڌيڪ دلچسپ هئي. جيئن سندس وڪيل اڳڪٿي ڪئي هئي، هن پريس ڪانفرنس ۾ واقعي به بم ڦاڙي ڏيکاريو. اوهين ملبو پري پري تائين پکڙيل ڏسي سگهو ٿا. پر دنيا ٽي ويءَ تي هليل انٽرويو ۾ آف دي ريڪارڊ ڳالهه ٻولهه جي وڊيو ليڪ ٿيڻ

سان ايئن لڳو ته جيڪو ٻيو بم ملڪ رياض ڦاڙڻ وارو هو سو سندس هٿن ۾ ئي ڦاٽي پيو .

گذريل پندرهن ڏهاڙن ۾ سڄي دنيا قائل ٿي وئي آهي ته پاڪستان جي عدليا ۽ ميڊيا ڪيڏيون  نه آزاد آهن! آزاد عدليا جي نڪ هيٺيان ڊاڪٽر شڪيل آفريديءَ کي 33 سال سزا ٻڌائي وئي. کيس وڪيل ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويو، کيس فيئر ٽرائيل ڪونه مليو. خيبر ايجنسيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ پنهنجي انتظامي عدالت هلائي جيڪو فيصلو لکيو تنهن ۾ چيل آهي ته جوابدار پورو سال هڪ انٽيليجينس ايجنسيءَ جي تحويل ۾ رهيو. جيئن ئي جوابدار کي پوليٽيڪل ايجنٽ جي تحويل ۾ ڏنو ويو، ته ايجنٽ سندس ڪيس قبائلي وڏڙن جي ڪاميٽيءَ کي اماڻيو جنهن هڪ هفتي تائين ”انڪوائري“ ڪئي ۽ جوابدار ڏوهاري ثابت ٿيو تنهن ڪري کيس سزا ڏني وڃي ٿي. پهريان چيو ويو ته ڊاڪٽر شڪيل آفريديءَ کي غداريءَ ۽ بغاوت جي ڏوهه ۾ سزا ڏني وئي آهي پر جڏهن مغربي ملڪن هن کي ڏنل سزا تي گوڙ ڪيو ته ڪيس جي ججمينٽ ئي ڦيرائي ڏوهه اهو ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر آفريدي خيبر ايجنسيءَ ۾ منگل باغ جي مذهبي ڏوهاري گروهه جي مدد ڪندو رهيو آهي جيڪو غداري ۽ بغاوت جهڙو ڏوهه آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته ڪونه هو. پاڪستان جي ڪنهن به سرڪاري ريڪارڊ ۾ ڪٿي به اهو چيل ڪونهي ته آمريڪا پاڪستان جو دشمن ملڪ آهي تنهن ڪري اسامه کي مارڻ ۾ آمريڪا جي مدد ڪرڻ ملڪ سان غداري ۽ بغاوت آهي. رات وچ ۾ ڪهاڻي بدلجي وئي. پر ڊاڪٽر آفريديءَ جي سزا ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ڪئي وئي.

 

 

انصاف جو جنازو نڪري ويو. آزاد عدليا تماشو ڏسندي رهي. ۽ دنيا به ڏٺو ته پاڪستان ۾ جنهن آزاد عدليا جا دهل وڄي رهيا آهن تنهن تي پاڻ وارو سنڌي پهاڪو ٺهڪي اچي ٿو ته ”اڀري کان جهلينس ته جهلجي نه ۽ سڀري تي اٿارينس ته اٿي نه.“

ڪجهه به هجي، اهو ته صاف ظاهر آهي ته ملڪ رياض ۽ ارسلان وچ ۾ هلندڙ ڦڏي ۾ پاڻ سڀ عدليا سان گڏ آهيون. اسان جو اهو بيان ريڪارڊ تي رکيو وڃي (ته جيئن وقت ضرورت ڪم اچي) ته پاڻ تجزيو ڀلي ڪهڙو به ڪيون، آهيون پاڻ دل و جان سان ”آزاد“ عدليا سان گڏ.

هن معاملي ۾ سڀ کان پهرين دل جي باهه حامد سعيد ڪاظمي ڪڍي جيڪو اسپيڪر جي پروڊڪشن آرڊر تي جيل مان اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته حاجين سان ٿيل ڪرپشن واري ڪيس ۾ هو جڏهن عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف صاحب کيس چيو ته هو استعيفي ڏيئي پوءِ مقدمي کي منهن ڏئي نه ته ايئن محسوس ٿيندو ته هو انصاف تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ڪاظمي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته چيف صاحب کان اها گهر ڪئي وڃي ته هو استعيفي ڏيئي ڪيس کي منهن ڏئي نه ته محسوس اهو ٿيندو ته هو انصاف تي اثر اندار ٿي رهيو آهي. هن اهو به چيو ته سندس ڪيس ۾ شروعاتي پڇا ڳاڇا چيف صاحب پاڻ ڪئي ۽ بعد ۾ ڪيس ڊسٽرڪٽ جج کي موڪلي ڏنو. اها شروعاتي پڇا ڳاڇا اهڙي هئي جو ڊسٽرڪٽ جج ايترو دٻاءُ ۾ اچي ويو آهي جو ميرٽ موجب حق هجڻ جي باوجود سندس ضمانت منظور ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.

انصاف جو بول بالا ٿيڻو هو سو ڪاظميءَ ۽ آفريديءَ جي ڪيس ۾ ٿيو. پر ٻن ڳالهين ان بالائيءَ کي لاهي پاسي تي رکي ڇڏيو. هڪ اهو ته اڻ ڌريا قانون دان اهو چئي رهيا هئا ته چيف صاحب جيڪو ڄاڻي ٻجهي پاڻ suo motto نوٽيس ورتو سو کيس خبر هئي ته عدالت جي پروسيجر موجب هو ڪونه ٿي وٺي سگهيو. ان کان پوءِ ان بينچ کان ڌار ٿيڻ ۾ به هن وقت ورتو ۽ ان دوران ڪيس جي ڊائريڪشن جو تعين ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ ان ڪيس کي فل بينچ يا وڏي بينچ آڏو پاران ٻڌڻ لاءِ ڪيل درخواست کي رد ڪري انصاف جو بول ويتر بالا ڪيو ويو. قانوني ماهر چون ٿا ته جيئن ته چيف صاحب جي پنهنجي ذات سوالن جو نشانو بڻيل آهي تنهن ڪري سپريم ڪورٽ هن معاملي ۾ پاڻ ڪيس هلائي پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن باعزت بري ڪري ڇڏي ته ڪرڻ لاءِ ته اها ايئن ڪري سگهي ٿي پر اها ڳالهه ڦٻندي ڪانه. هن معاملي ۾ ميمو ڪميشن وانگر يا ته ڪو عدالتي ڪميشن ٺهي يا پوءِ ڪو اعلي سطحي ڪميشن اهڙو هجي جنهن ۾ عدليا جي موجوده ملازم ججن بدران ٻيا اڻ ڌرياماڻهو ميمبر هجن. اهو ڪميشن انڪوائري ڪري جيڪڏهن اهو نتيجو ڪڍي ته چيف صاحب هن معاملي ۾ ملوث ڪونهي ته پوءِ ڪنهن حد تائين ان ڪميشن جي ڳالهه کي وزن ملندو. پر suo motto نوٽيس واري بينچ تمام تيزيءَ سان ڪمال جو ڪم ڪري ڏيکاريو. چيف صاحب جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ ٻن ججن تي ٻڌل هن بينچ اهوفيصلو ڏيئي ڇڏيو ته عدالت ۽ عدالت سان وابسته ڪنهن به جج جو معاملي سان واسطو ڪونهي. رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا ٻئي جهنمي آهن سو جهنمي ملڪ رياض ۽ جهنمي ڊاڪٽر ارسلان پاڻ ۾ ڄاڻن. يعني هفتي جي ڪارروائي کان پوءِ جج صاحب ۽ چيف صاحب بيگناهه ثابت ٿي ويا. باقي ڪيس ۾ الائي ڇا بچيو هو جنهن لاءِ نيب وارن اهو مذاحيه بيان جاري ڪيو ته هاڻي هي معامل ٻن فردن جي وچ ۾ پئسن جي ڏي وٺ جو پرائيويٽ معاملو آهي ۽ نيب، نيب آرڊيننس موجب پرائيويٽ معاملن جي تفتيش نٿو ڪري سگهي.

پنجابي لطيفي جي پنچ لائين آهي ته ”انج ڦڙيدي اي لالٽين!“ سو ايئن ٿيندو آهي انصاف جو بول بالا جيئن پنهنجي ملڪ ۾ ويجهڙ ۾ ٿي گذريو آهي. پنهنجو مقدمو پاڻ هلائي پاڻ کٽڻ کان پوءِ وڏي صاحب کي جوابي وار جو موقعو تڏهن مليو جڏهن دنيا ٽي وي تي ملڪ رياض جي انٽرويو دوران آف دي ريڪارڊ ڪيل ڳالهه ٻولهه پبلڪ کي ڏيکاري ويئي. وڏي صاحب فل ڪورٽ جو اجلاس گهرايو. سامهون وڏو اسڪرين لڳرايو جنهن تي اها فوٽيج هلائي وئي. اسلام آباد جي ميڊيا کي فل ڪورٽ جي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکاري وئي ۽ رپورٽ ڪرڻ ڏني وئي. هڪ ٻئي suo motto نوٽيس تحت توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي جيڪا جاري آهي.

پاڪستان جهڙو ملڪ  جتي سڀ مال گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن اتي اڪثر پيءُ پنهنجي پٽ جي تڪڙي ترقيءَ تي سرها به ٿيندا آهن.  مشهور آهي ته ايوب خان کي جڏهن ثبوت پيش ڪيا ويا ته ڪيئن سندس پٽ گوهر ايوب ڦرلٽ ڪري ڪروڙين رپيا گڏ ڪيا آهن، ته ايوب خان جو رد عمل ڇا هو؟ ايوب خان چيو ”مون کي ته اندازو ئي ڪونه هو ته مون وارو ڇورو ايڏو ٽيلينٽيڊ آهي!.“

بحريه ٽائون جي به ڪهاڻي آهي. چون ٿا ته ايڊمرل منصورالحق جيڪي پئسا نيويءَ جي ڪانٽريڪٽس ۾ غبن ڪري ڪڍيا هئا (۽ بعد ۾ نيب سان مڪمڪو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ واپس به ڪيا هئائين) هي اهو رشوت جو مال هو جيڪو بحريه جي معني خيز نالي سان هن بزنيس ۾ لڳايو ويو. ايڊمرل ۽ ملڪ رياض ٻئي سيالڪوٽيا  آهن ۽ يار آهن. چيو وڃي ٿو ته گهڻو ڪمائڻ کان پوءِ ملڪ رياض ايڊمرل منصور کي سندس پئسا هٿ تي رکي سڄي بزنيس جو مالڪ ٿي ويهي رهيو. ملڪ جي سيڪريٽ ايجنسيءَ اليڪشن چورائڻ لاءِ يونس حبيب کان پئسا ورتا هئا. هاڻي ملڪ رياض الزم هڻي رهيو آهي ته هڪ سڳوري اداري انصاف جو بول بالا ڪرڻ لاءِ هن کان پئسا ورتا آهن.

اينڪر پرسن هڪ ٻئي تي گند اڇلائي رهيا آهن ۽ ساڳئي وقت گنگا اشنان ڪري پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪري رهيا آهن. محترمه مهر بخاري هڪ پروگرام ڪري پنهنجو پاڻ کي ستي ساوتري ثابت ڪري ڇڏيو. پلاٽن ۽ فارم هائوسن جون ڪهاڻيون هلن پيون. اسٽوڊيو ۾ آف دي ريڪارڊ ڳالهه ٻولهه پنجابيءَ ۾ ٿيندي آهي ته ڪيڏو نه مزو ايندو آهي. ” انٽرويو تي پلانٽيڊ هيگا پر نظر نئين آڻا چاهيدا!“ مهر بخاري اهو جملو چئي امر ٿي وئي.

هاڻي چون پيا ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٿيڻ گهرجي. عدليا ته پاڻ، پاڻ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. هاڻي وري ميڊيا ايئن ڪرڻ چاهي ٿي. ميڊيا جو اڳ ڄائو ٽريڊ يونين ليڊر مظهر عباس چوي ٿو ته ميڊيا جو احتساب صرف ميڊيا جا ادارا ڪري سگهن ٿا. چئبو ته ميڊيا پنهنجو ”قنون“ ٺاهيندي، ۽ ان تحت فيصلا ٻڌائيندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو