Home / افيئر / ايڪتا جي گُهرج
above article banner

ايڪتا جي گُهرج

 

شڪر ٿو ادا ڪجي اسان جا نوجوان پڙهي پيا آهن.سڄو سڄو ڏينهن انٽرنيٽ تي ويٺا آهن.اخبارون، رسالا پيا ڏسن.معلومات گڏ ڪندا وتن.گفتگو جو ڍنگ اچي ويو اٿن.سٺا ڪپڙا اوڍڻ ڄاڻين.مهانگين هوٽلن ۾ ترسڻ،کاڌي کائڻ جا طريقا سمجهي چڪا.جهازن ۾ گهمندا ڦرن،دنيا ڏسندا وتن ،نوان تصور،نڪور ويچار گڏ ڪيو اچن.اهو مڙئي ڪجهه محدود وسيلن کي ڪتب آڻيندي ڪري پيا ڏيکارين.اين جي او ڪلچر جي ڦهلاءَ جو هاڪاري پاسو آهي.منفي اثر پڻ انيڪ. ٻاهرئين ڏوڪڙ تي پلجڻ جا ناڪاري پهلو ضرور ڪنهن ٻئي ڀيري ڦهلوربا.پن جا سڪا ماڻهو ۾ ڪيتري ڀاڙيائپ کي جنم ڏين ٿا. تنهن بابت لکبو.مٿاڇري سطح تي نهاربو ته سنڌ جي مڊل ڪلاس جو نهايت گهٽ حصو پر گهڻ پاسائين ڄاڻ سهيڙڻ ۾ سڦل ٿي چڪو آهي.منجهائن ڪجهه عالمي معيار جون نيوز اسٽوريز پيا تحريرڪن.هڪ اڌ همراهه ته گلوبل مقابلي جي ناول ڇا پرائڻ جي تيارين ۾ آهي .انگريزي سڌري وئي اٿن.ٻيون ٻوليون سکڻ جي نيت ٿا رکن.چيو ٿو وڃي ته موالي ڏاهپ پئدا ٿي آهي .ڪٺور تبصرا ڪندڙ کوڙ آهن.تڏهن پڻ وقت جي ڊگهي بر جي پس منظر ۾ پروڙ  جي ته مٿن الاهي تنقيد ڇسائپ جو ڏيک ڏيندي .سمئه گذرڻ سان هو سَندي ڪمزورين تي قابو پائي ويندا.ويساهه جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

مطالعو گهٽ ٿا ڪن ۽ مشاهدو سرس -سندن لاءِ ايئن پڻ سُڻجي ٿو .جُهدکي چند بنيادي اصولن ،متن جي روشني ۾ اڳتي وڌائڻ بجاءِ پئسا ڏيندڙ ڌرين ڊونرز جي پروگرام ،ايجنڊا هيٺ چرپر ڪرڻ جي محتاجيءَ ورتل آهن.لقاءُ آهي جو نظر ٿو اچي .ان سموري لڏي مان ليڊر شپ ،قيادت ۽ هيروز،نايڪ ،رول ماڊل ماڻهو اسري اچڻ جي آشا فضول آهي.جيترا وات اوتريون ڳالهيون .اولهه جي تونگر چمڪندڙ ڊينگلن وسيلي پاڻ پارن سماج ۾ ڪٽپڻي جي روش کي هٿي وٺرائي آهي. وچولي طبقي جي ڪردار جي فطري اوسر جو رستو بدلايو آهي -خبرون ٻڌجن ٿيو ن.ڪنهن حدتائين اطمينان جوڳي صورتحال اها ته سنڌ جي ساڃاهه جي پهرين ۽ آخري چنتا ڌرتي آهي.هم وطن انسانن جي سڌاري جي نالي ۾ ڏوڪڙ وٺي هڙپ ڪندا رهيا آهن.ٺيڪ،اميد سانڍڻ کپي ته ساڻيهه ساڻيهه ڪندي هو هڪ ڏيهاڙي عام سنڌي ڪڙمي ۽ ڪاسبي لاءِ به ساڳيو درد محسوس ڪندا .هاڻوڪي مرضيل ورتاءَ جو ازالو ڪرڻو پوندن.نه وسارڻ گهرجي ته وٽن وقت بنهه گهٽ آهي بيمار اَنَا کي پاسائتو رکجي ته منجهائن ڪجهه ڄڻا اهڙا ته اڀري آياآهن جن مٿان اعتبار ڪري سگهجي ٿو.سندن ڳالهه ۾ وزن آهي.رهنمائي آڇين ٿا ۽ ايئن ڪرڻ جي اهليت پڻ اٿن .ذاتي طورتي آءُ مانواري نصير ميمڻ ،مسعود لوهار ۽ ڪافي ٻين کان متاثر آهيان ،کين مارڪون ڏيڻ کپن.

عام سياسي ڪارڪنن جي لڏي ۽ اين جي او ڪلچر مان مٿي آيل انٽيليجنشيا ۾ وري به تفاوت ۽ وٿي آهي.ڪنهن حد تائين طبعي ۽ گهڻي قدر نفسياتي. هتي قومي قافلي جي انهن فردن کي ڄاڻي واڻي ڳڻپ ۾ نه ٿو آڻجي.جن وطن جي نالي ۾ بشن گيريون ڪيون. تنهن همراهه جي بات ٿي ڪجي جنهن هڙئي ڪجهه تين وال ڪري سنڌ جي ناماچاري ڪاڻ پاڻ کي پيش ڪيو، ڏولاوا ڏٺا.ڪٽبن جا ڪثنب تباهه ٿي ويا. ان طرح مٿير مڙس ٿورڙا نظر ٿا اچن پر ايترا ورلي به ڪو نه آهن، واهڻ واهڻ وسندي وسندي موجود آهن.ڌرتي کي رت جو ريج ڏيندا رهيا آهن.شهيد ته ڳڻي ڏسو! شمشير الحيدري پاران سورما،اڌ ڄمار جن بجنس پاڻي سان ماني کاڌي .ساڻيهه جو سودو نه ڪيو.عاقبت جا،پراون پئسن تي شيريٽن هوٽل جي آسائش ڀريل ڪمري ۾ شواز ريگل جون چسڪيون ڀريندڙ ڌرتي ڌڻي سمجهي ئي نه سگهندو.پت، لازم اهو ته هن کي سمجهڻي پوندي ،کيس موٽڻو پوندو،  ساڻيهه سان انوکو وچن نڀائڻو پوندس. بيشڪ سڄي دنيا گهمي ،ڏسي وائسي،پڙهي،لکي،پر کي،اصليت ڏانهن اچڻو اٿس.مشاهدو جيترو وڌندو ويندس جنم ڀوميءَ جي اهميت جو احساس اڃا سرس ٿيندو ويندس.انٽرنيشنل ٿيندي پاڻ نيشنل ٿي ويندو.سڃاڻپ جي پروڙ ۽ ان کي قائم رکڻ جي ڳڻتي ورائندس.اجازت اٿس ته موجون ماڻي.اسين هن وطن جا رهاڪو مڙئي وار ڇاتي کڻي رهيا آهيون.ويڙهاند ۾ آهيون.هو واپس ايندو ته پاڻ وٽ ڪاميار نه هوندي.سان اساڻ گڏ بيٺو ته آجيان هوندس.

بلڪل اڄو ڪي سنڌ ڏانهن نهارڪجي، ماترڀومي کي ٽوٽا ٽڪرا ڪرڻ جا نه برداشت جو ڳا شبد ٿا سڻجن.دهشتگردي  جو راڪاس پيو گجي. ڇتي کاڌل ڌارين جا ڪٽڪ آهن. جي آدم بوءِ ڪنداوتن.شهري علائقا منظم ڏوهه جي ور چڙهيل ته ٻهراڙيون ڪاٽڪو قاتلن جي چنبي ۾ آهن.وڏيري، ڀوتارجي دلالي اڳي کان اڳري.گڏيل طور،مڊل ڪلاس جي “ٽيڪجي پوڻ ”خاطر مڇلائپ ڏسڻ وٽان .رياست جون مهربانيون بي شمار،اهڙي حال ۾ خلق پاڻ ملهايو آهي.عام سنڌي ماڻهو وطن ڪاڻ ڪَرُ کڻندڙ هر للڪار آڏو سينو ساهيو آهي.مقابلو ڪيو آهي.قومي ڪارڪنن جا قافلا اٺ ئي پهر ساڻيهه جي بچاءَ لاءِ چست آهن.شاباش لهڻن .سماج جي مڙني ڀاڱن پاڻ ملهايو آهي.هيروز پئدا ٿي رهيا آهن.پوئين مهيني جي ڳالهه آهي غزاله صديقي ڪنهن کان وسرندي، ڪير چوندو ته ناريون پوئتي آهن؟ 23 مارچ جو ڏينهن لکين سنڌي ڪراچي جي بندر روڊ تي هڪڙي وک سان ڪيتريون ئي فزيڪل ۽ نفسياتي حدون اورانگهي ويا.عالمي طاقتن سان مخاطب ٿي چڪا.اسٽيٽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ جڳ جهان ڄاڻي ورتو ته اسان جو نيشنلزم يگانو آهي.جذباتي چئي کلندا هوندا، ڪي ٺٺولي هوندا.اسين پر افسوس جو شڪار نه آهيون. ماءُ جي ٿڃ ملهائڻ جي فڪر ۾ آهيون. اهنسا جي واٽ هلندي مزاحمت ۾ آهيون. شهري واگهن جي تنظيم سازي، مثالي هٿياربند ڍانچو ،سياسي پهچ، پرڏيهي رابطا سڀني وسيلن باوجود هوتنهن طرح جي اخلاقي قوت کان وانجهيل آهن.جو سڌو سنئون آڏو اچي ڌار صوبي جي ڳالهه ڪري سگهن.جيڪا نيت اٿن ساچار ڪٽڻ ڀاڙي وٺي انهن واتان پيا چورائين.مڪاري پڌري ٿي چڪي اٿن.دلاليءَ جو انت ڪونهي.مڇلائپ اسان جي صفن ۾ به ڪاهي پئي آهي.شهري لومڙ ۽ سندن سرپرست ڏوڪڙ وهائي رهيا آهن.سنڌي قومپرستيءَ جي نماڻي انداز کي رت ۾ وهنجارڻ جون تياريون آهن.ڏک ٿو ٿئي جو کوڙ  پنهنجا ان سازش جو حصو ڏسجن ٿا.اهي مامرالبت آجپي ڏانهن اسان جي وکن کي روڪي نه سگهندا.يقين اٿئون.

راوي سهنجاين جو شوقين آهي .اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ يارن جا ٺٺ ٺانگر پسي حاسد به ٿئي ٿو.وٽن نوڪريءَ جي ڪوشش پڻ ڪيائين .اهو هڪڙي فرد جو ڪيس آهي.هو ڌرتي ڄاوآهن .کانئن ڌرتي ڌڻي هئڻ جو حق ۽ اعزاز کسي نه ٿو سگهي.سنڌ جاپٽ ۽ نياڻيون دنياگهمي چڪا آهن.ڳڻپ کان ٻاهر دستاويز،ڪتاب پڙهيا هوندن،سيمينارن ۾ شريڪ ٿيا ۽ مباحثا ڪيا هوندائون .ترقيءَ جا مختلف ماڊل روبرو نهارڻ جا موقعا، نئين سج نون ماڻهن سان ملاقات،خيالن جي ڏي وٺ. ڪئي ٻوليون ،ٽيڪنيڪل محاورا،سفر،پئسي ڏوڪڙ جي لاچار کان آجا،سندن صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي وينتي ٿي ڪجي،کين منٿ آهي ته طبقي مٽائڻ جي دق کان ٿورو ٻاهر نڪري پنهنجي لوڪ ڏانهن واپس اچن.ان انداز ۾ نه جيئن هاڻ پيا گهمن- ڊونرز جي ايجنڊا تحت.سج جي روشني تي ٻرڙندڙ بتيون ۽ کٿا ورهائڻ جي ڳالهه به ٿي ڪجي.اهو مطلب جو پورهيو آهي.اسان کي سندن بي غرض پگهرکپي.ڪنهن اَستر پاڻ نڪري پون .ٻهراڙي ۾ وسندڙ مسڪين،ڪمزور،انسانن وٽ پهچن .لوڀ جي دٻاءَ کان خالي خود کي کليو ڇڏين.ڪجهه ٻڌن ۽ ڪجهه ٻڌ ائين ڏيڻ وٺڻ جي ڌنڌي کان پاڪ.ساڻيهه جي درد کي پروڙڻ جي سئي ڪن هر شيءَ لٽائي سنڌ جو ڳاٽ اوچو رکڻ خاطر پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن تلاش ڪن.ڊسڙ ۾ پرٿي هڻي هنن  جا ويچار سُڻن.ويجهڙائپ جو اهو سلسلو اڳتي هلي سورن ماري هن سنڌڙي لاءِ اوس ڪو چڱو نياپو آڻيندو.ڏاهپ جو فصل جنهن سدائين ٻاهرين ۽ مسواڙي ايجنڊا، پروگرام تي عمل ڪيو.موقعو اٿس ته وڃايل وقت جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪري سگهي.

ارپنا جي انتها ڪندڙ قومي ڪارڪنن جي پود اسان جي چوڌاري آهي.ٻيهر ٿو لکجي ته ڌنڌوڙي همراهن سان هروڀرو  وچڙڻ جي ضرورت ئي ناهي.اهي جن سچ پچ آجپي جي ڪاز کي سائو رکڻ لاءِ جان ۽ مال،حياتيون ڀيٽا طور پيش ڪيون،تن تائين جيڪڏهن هي لفظ پهچي رهيا آهن ته ليکڪ کين سلام  ٿو عرض ڪري.احترام وچان ڪنڌ ٿو جهڪائي .درخواست ٿو رکي ،سندن صلاحيتن جي هينئر جيتري اسان کي طلب آهي اڳ ڪڏهن به نه هئي.ڪهن جا اهي صاحب ٻاهرين هوا ۾ اچن، جاکوڙ کي منظم ڪن.سماج جي سڀني حصن کي پاڻ سان سلهاڙين.ظالم جي ڌرتي جي دنگ تي نگاهه آهي.پاڻ مٿان پنجوڙ ڏيهاڙي پختا ٿيندا پيا وڃن.ماتر ڀومي جو بچاءُ ۽ ڇوٽڪارو منزل آهي.جنهن طرف وڌڻو اٿئون.هو اٿي پون ۽ سرواڻي ڪن.اخلاقي طور سنڌ ۽ سنڌين جو ڪيس جيترو مضبوط آهي هن پرڳڻي واسي ڪنهن ٻئي جو شايد ته ڇا بلڪل به نه آهي.

ورري گذارش ته سنڌي سماج جي مختلف ويڙهن ۾ طبعي ۽ نفسياتي ويريون آهن جن کي اورانگهڻ جي شديد ضرورت آهي.وڏو ۽ وسيع اتحاد، ايڪو ئي پاڻ کي بچائي سگهي ٿو.هن متن ۾ معاملي جو فقط هڪ پاسو آهي .ليکڪ جنهن ڏانهن اشارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اسان جي معاشري ۾ انيڪ گروهه آهن جن وچ ۾ ايڪتا هن گهڙيءَ جي ضرورت آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو