Home / ڪور افيئر / اَب ڪس ڪي باري
above article banner

اَب ڪس ڪي باري

سڀ کان پهرين اهو فيصلو آيو جنهن ۾ ثابت ڪيو ويو ته عدليا مان ته ڪير به ملوث ڪونهي باقي ارسلان ۽ ملڪ رياض جيڪڏهن پاڻ ۾ ڪا ڏي وٺ ڪئي آهي ته اهو معاملو ٻن پرائيويٽ پارٽين وچ ۾ آهي تنهن ڪري اهي پاڻ ۾ ڄاڻن.

ان کان پوءِ زرداريءَ جي وڇايل سياسي شطرنج جي بادشاهه جي سسي مزي سان مروڙي کاڌي وئي. آزاد عدليا اوڳاري رهي آهي ۽ ٻيا شڪار نشاني تي آهن. چوڌري ميڊيا انصاف سان گڏ آهي. فيصلي کان پوءِ بجليءَ واري ميڊيا تي ته ڪنهن ڪا خاص ڳالهه ڪانه ڪئي پر ڪاڳر واري ميڊيا تي ان شاندار فيصلي جي کل لهي وئي. بظاهر ته وزيراعظم نڙيءَ هيٺان لهي ويو آهي پر ڇا هضم به ٿيندو؟ ان جي خبر اڳتي هلي پوندي .

 

جيئن ته اڃا ڪيتريون سسيون لهڻيون آهن تنهن ڪري ان ڳالهه جو به اندازو آهي ته تنقيد جام ٿيندي. ايڏي ساراهه جو بار اڪيلي ڪلهي تي  ڪيئن کڻبو. وزن ورهائڻ لاءِ محاذ وسيع ڪيو ويو آهي. خيرن سان هاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ انٽر ٿي آهي.جنهن ڪيس ۾ گيلانيءَ کي گهر موڪليو ويو تنهن ۾ سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو آهي ته هو (نئين) وزير اعظم سان رابطو ڪري 12 جولاءِ تائين لکيت ۾ جواب پيش ڪري ته نئون وزيراعظم سوئس اختيارين کي خط لکندو يا نه. يعني نئين وزيراعظم لاءِ ڪاتي تکي ٿيل آهي ۽ عين ممڪن آهي ته 12 جولاءِ تي ئي کيس صدقو ڪيو وڃي.


چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ صدر زرداريءَ خلاف توهين عدالت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي صدر زرداريءَ کي حڪم ڏنو آهي ته هو 5 سيپٽمبر 2012 تائين ٻن عهدن (صدارت ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمينيءَ) مان ڪنهن به هڪ تان هٿ کڻي ڇڏي. توهين عدالت جي هن معاملي جو پسمنظر اهو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ پاڪستان لائيرز فورم پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ 12 مئي 2011 تي فيصلو ٻڌائيندي ٻه عهدا رکڻ کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو هو. هاڻي توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪندڙ ڌرين جي ان موقف کي ڪورٽ ڄڻ ته قبول ڪيو آهي ته اهڙو فيصلو اچڻ کان پوءِ سال کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود صدر زرداري هڪ عهدو خالي نه ڪيو آهي ته اها توهين عدالت آهي. عدالت وڏي فياضيءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته ٿيو ته ايئن ئي آهي پر اسين “تحمل کان ڪم وٺندي مدعا عليهه کان سبب طلبي ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪورٽ جي حڪم تي عمل درآمد نه ڪرڻ لاءِ ڇا وٽس ڪي سبب به موجود هئا، جنهنڪري کيس 5 سيپٽمبر تائين جو وقت ڏجي ٿو. ”

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته 12 مئي 2011 تي ڏنل فيصلو ڄڻ ته هڪ “ڊڪليئرڊ” قانون آهي. صدر زرداريءَ سميت ڪنهن به شخص ان فيصلي کي چيلينج نه ڪيو هو تنهن ڪري خود اها حقيقت ان فيصلي فائينل هجڻ جي پاڻ مرادو تصديق ڪري ڇڏي ٿي. ان  فيصلي تي عمل در آمد ڪرڻ بائنڊنگ آهي تنهن ڪري ان تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ڪي خصوصي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت ڪونهي. فيصلوقانون وانگر پاڻ مرادو لاڳو ٿئي ٿو.

هن ججمينٽ جو اختصار ڪبو ته هيئن بيهندو:

“هي آهي آڳاٽو ڪيل هڪ فيصلو، جيڪو سٺو هو يا برو پر چيلنج نه ٿي سگهڻ جي ڪري هن قوم جي نرڙ ۾ ڪوڪي وانگر ٺوڪجي پاڻمرادو قانون جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. ۽ هي آهي صدر زرداريءَ پاران ان تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري توهين عدالت. وڌيڪ ڪيس هلائڻ جي به ضرورت ڪونهي، رڳو جوابدار کان 5 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪجي ۽ ٻن لفظن ۾ چئي ڇڏجي ته هو ڏوهي آهي.”

ارادا صاف ظاهر آهن. مڪن آهي ته هن ڀيري به خليل جبران جي “ڦٽي دا نيشن” کي فيصلي ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ زرداريءَ کي ڏوهي به قرار ڏنو وڃي پر اها ڳالهه چوڻ کان لنوايو وڃي ته هو “نااهل” به ٿي چڪو آهي يانه.پوئين ڀيري سڄي داستان ۾ تعريفون ئي تعريفون هيون پر اهو تالا کوليندڙ چاٻيءَ جهڙو جملو “آءِ لو يو” چوڻ کان شرمائجي non-verbal communication ۾ ڄڻ ته پنجابيءَ ۾ اهو چيو ويو هو ته “اگي تُسي خود سمجهدار هو جي!”

هندستان جي سپريم ڪورٽ جي هڪ اڳوڻي قابل جج جسٽس مارکنڊي ڪاٽجو پنهنجي ملڪ جي اخبار “دي هندو” ۾ آرٽيڪل لکي چيو ته “پاڪستاني سپريم ڪورٽ سڀ ليڪا اڪري وئي آهي. دنيا ۾ ڪابه عدالت وزيراعظ۾ کي عهدي تان نٿي لاهي سگهي. وزيراعظم پارليامينٽ جي اعتماد سان ڪم ڪري رهيو هوندو آهي سپريم ڪورٽ کان اعتماد جو ووٽ وٺي ڪونه اچي عهدو سنڀاليندو آهي.”

بي بي سي سان ڳالهائيندي جسٽس مارکنڊي چيو ته “ايئن ٿو لڳي ته ڪورٽ”نيتا گيري” ڪري رهي آهي ۽ميڊيا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي. اها ناانصافي آهي ته پهريان اوهين هڪڙو absurd (سمجهه کان ٻاهر) فيصلو لکي فائل ۾ رکي ڇڏيو پوءِ وري ڪنهن ڏينهن ڪنهن درخواست مٿان حڪم ٻڌايو ته ها برابر اسان جي فلاڻي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ عدالت جي توهين آهي.”

لاهور ۾ سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم گيلاني چيو ته “ڪو انڌو به ٻڌائي سگهي ٿو ته آئين جي آرٽيڪل 248 ۾ ڇا چيل آهي.” ظاهر آهي ته رڳو ڪو انڌو ئي اهو ٻڌائي سگهي ٿو. گڏجاڻي ۾ موجود ماڻهو گيلانيءَ جي ان ڳالهه تي معنيٰ خيز نموني مرڪي رهيا هئا.

سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد ايبٽ آباد عرف غازي اسامه بن لادن ڪميشن جي رپورٽ پڌري نه پئي ٿئي. هن ڪميشن جي ذمي اهو پتو لڳائڻ هو ته آمريڪا پاران پاڪستاني سرزمين جي خلاف ورزيءَ کي نه روڪي سگهڻ واري غفلت ڪنهن جي هئي ۽ غازي شيخ محمد اسامه بن لادن ڪنهن جي مدد ۽ معاونت سان ايڏا سال مزي سان ايبٽ آباد واري “بنگلي” ۾ رهي رهيو هو. جسٽس جاويد اقبال پهريان ڊسمبر 2011 ۾ رپورٽ پڌري ڪرڻ لاءِ چيو، ان کان پوءِ چار ٻيون شنوايون ڏنيون، پر هاڻي اهي سگنل اچي رهيا آهن ته ٽوپي واري سرڪار پاران جج صاحب تي پريشر آهي ته رپورٽ لکي حڪومت جي فائيل ۾ وجهي هليا وڃو، پڌري ڇو ٿا ڪيو؟ هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته جيڪي ايبٽ آباد ۾ ٿيو سو غفلت جو ٻئي نمبر تي سڀ کان وڏو واقعو هو. جيڪي بنگال ۾ ٿيو هو سو پهرئين نمبر جي شاندار ڪارڪردگي هئي. بنگال واري ڪارڪردگي جي رپورٽ کي پڌري ٿيڻ ۾ جيترا ڏينهن لڳا هئا، هن ڀيري واري رپورٽ کي پڌري ٿيڻ ۾ ان جي اڌ جيترا ڏينهن ته لڳڻ ئي گهرجن. (حمودالرحمان رپورٽ به ان ڪري پڌري ڪرڻي پئي جو پهريان اها ملڪ رياض جي وڊيو وانگر اندرئين لڏي ليڪ ڪري ڇڏي هئي.) سزائون فيصلا سڀ سويلين سرڪار لاءِ آهن. چونڊجي اچڻ ڪو گهٽ ڏوهه آهي.

نئين راجا جي اچڻ سان لوڊ شيڊنگ گهٽ ٿي يا نه پر سي اين جي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ هفتي اندر ٻه دفعا گهٽتائي ٿي آهي. هن اچڻ شرط پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ پرائيم منسٽر هائوس جا گيٽ کولرائي ڇڏيا. پنڊ دادن خان ۽ تر جي ٻين ڳوٺن مان آيل خلق ٽٽي پئي ته پوليس کي لٺيون هلائڻ کان منع ڪئي وئي ۽ وزير اعظم گهر جي ڇت تان سلام ڪرڻ آيو.

سندس سلام جي موٽ پنجاب سرڪار به سٺي ڏني آهي جن گيلاني ۽ زرداريءَ کي ڪڏهن به پروٽوڪول ڪونه ڏنو پر راجا جي کي فل پروٽوڪول مليو. نواز ليگ جا ميمبر ۽ اڳواڻ ساڻس مليا ۽ هن رڪيل معاملا اڳتي وڌائڻ لاءِ کين دعوت ڏني ته گڏجي چيف اليڪشن ڪمشر ۽ نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪجي. ارڙهين ۽ ويهين ترميم جي لحاظ کان جيڪو طريقه ڪار طئي ٿيو آهي تنهن موجب وزيراعظم ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ پاڻ ۾ صلاح ڪري نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪندا. جيڪڏهن هنن ۾ ڪو اتفاق راءِ نه ٿي سگهي ته ٻنهي ڌرين پاران ٽي ٽي نالا پارلياماني ڪميٽيءَ کي اماڻبا جيڪا نالو فائنل ڪندي.

وڏي عرصي کان اليڪشن ڪميشن جي سربراهي ايڪٽنگ اليڪشن ڪمشنر وٽ آهي ۽ ڪو مستقل همراهه مقرر ڪرڻ لاءِ قومي اسمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ وٽ معاملو رولڙي ۾ پيل رهيو آهي. اسلام آباد جي سرڪلز ۾ هلندڙ سازشي ٿيوري اها به آهي ته ايڪٽنگ همراهه ساهميءَ واري سرڪار جو خاص ماڻهو آهي ۽ ان سرڪار نواز ليگ کي نياپو ڪيو هو ته ڪنهن نالي تي متفق نه ٿجو ته جيئن پاڻ وارو همراهه ئي اليڪشن تائين ايڪٽنگ ڪندو رهي. نواز ليگ جي اکين ۾ به ڪجهه عرصو ان پروپوزل تي چمڪ پيدا ٿي هئي پر هاڻي نواز شريف به سکيو آهي ته ٽوپي توڻي ساهميءَ واري سرڪار جي ڀيٽ ۾ زرداريءَ واري سرڪار سان معاملا طئي ڪرڻ وڌيڪ ڀروسي وارو ڪم هوندو. سازشي ٿيوريءَ ۾ اهو به هو ته ڪنهن ريت نگران همراهه ڪو اهڙو ماڻهو اچي جيڪو ايڪٽنگ اليڪشن ڪمشنر سان گڏجي سبب ۽ ماحول ٺاهي، اليڪشن کي رولڙي ۾ وجهي  ڇڏي جنهن کان پوءِ ٽيڪنوڪريٽ اچي وارد ٿين. ٽيڪنوڪريٽ ڪابينا جي ٽيهن ميمبرن جي هڪ لسٽ به شهر ۾ گردش ڪندي رهي آهي، باقي نگران جو نالو مخفي رهيو آهي.

لڳي ٿو ته نواز شريف پاڻ واري پراڻي تجزئي کي صحيح ثابت ڪندي زرداريءَ سان معاملا طئي ڪرڻ جي شروعات ڪري رهيو آهي. سگنل اهڙا ملي رهيا آهن ته جلد ئي ڪمشنر توڻي نگران جو نالو فائنل ٿي ويندو.

هوڏانهن گرينڊ الائنس ٺاهڻ لاءِ پورا زور لڳائڻ ۽ ناڪام ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف جماعت اسلامي سان اتحاد ڪرڻ ڏانهن وڃي رهي آهي. ڇا هنن کي به اتحاد ڪرڻ جي ضرورت هئي؟ جماعت اسلامي ۽ “گڊ لُڪنگ جماعت اسلامي”  لاءِ هر ڪنهن جو چوڻ آهي ته هيون اڳ ئي گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيون.”

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو