Home / افيئر / اڪيلو آهيان
above article banner

اڪيلو آهيان

سائين منهنجا! مهرباني ڪري هيءَ ڳالهه ٿڌي دماغ سان سُڻندا. آءُ ڪڙمي ڪُڙميءَ جو پٽ. چار اکر پڙهي،ويهارو ورهيه اڳ سرڪاري نوڪري ۾ داخل ٿيس. ڳوٺ، مٽن مائٽن جا تڪرار، چوري چڪاري، ڦر ۽ اغوا- انهن مسئلن کان تنگ ٿي ڪراچي آيس. بجنس فوٽ پاٿ تي سُتس. هوريان هوريان هنڌائتو ٿيندو ويس. هوٽلن تي پٺاڻن جي هٿ پڪل دال ماني کائي پهريائين جيري ۽ پوءِ بڪين جي بيماري.سول اسپتال جي گڙدا وارڊ جا چڪر. دوائن جا ٻُڪ، ڪڏهن هڪڙي سان گڏجي فليٽ مسواڙ ورتم ته ڪنهن سانگي ٻئي ساڻ. شهر جي ڪا ڪنڊ نه ڇڏي اٿم جتي آءُ نه رهيو هجان. ڇڙي ڇانڊ ماڻهو کي ڪراچي جا شهري نه گهر ڪرايي تي ڏين ۽ نه وري پاڙي ۾ برداشت ڪن. کين هروڀرو ڏوهه نه ٿو ڏيان. پنهنجي ڳوٺ منهنجو به ته اهڙو ئي ورتاءُ هجي ها. تنهن هوندي پڻ سندن اڻ سهائپ تي ڪاوڙ روڪي به نه ٿو سگهان. ٻئي ڇوٿين مهيني ٽپڙ ڪلهي تي کڻڻ لڄ ۽ بڇڙائپ وارو ڪم ٿو لڳي.ڪجهه مڙئي اڪيلا رهندڙ مون جهڙا ٽُوٽ آهن جن جا ڪرتوت اسان کي خوار ٿاڪن. صبح سانجهيءَ مُڇون وٽيندا. بالڪنيءَ مان اوڙي پاڙي جون نياڻيون سياڻيون پيا تاڙيندا.سڀ انسان ڪميڻا ناهن. گهڻائي اشراف ماڻهن جي هجي ٿي. بئچلر پاڙيسريءَ جون اهڙيون حرڪتون ڪيئن برداشت ڪندا؟ دانهن ٿيندي ۽ اسان روڊ تي. مٿان وري شهر ۾ ڏوهاري ڪلچر جو ڦهلاءُ آسپاس ڪو واقعو ٿئي ته پوليس وارا پهريائين عورتن کان بغير، مردن جي آستاني تي تلاشي خاطر اچي پهچن. شناختي ڪارڊن جي چڪاس، پوئتي راڄ ڀاڳ جي پُڇا، منهنجي ٻروچڪي ذات سدائين هنن جي اک ۾ ڪنڊو. ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي وڃي رسيس.


پوليس جي لڏي جي باري ۾ اوهان سڀ ڄاڻو ٿا. الاهي سنڌي ان کاتي ۾ آهن. ڏوڪڙ بهرحال سڀني کي کپي ٿو. پهريائين ته پئسن جا ٿها گهرندا، ذليل ڪندا، نيٺ ٿورا ٿڪا ڏئي موٽي اچيو. ٿاڻي جو چڪر هڻڻ بعد فيلٽ جو مالڪ وري توهان کي رهڻ ڪٿان ڏيندو. اڌ مهيني جي مسواڙ تان هٿ کڻي، ڀاڙو کيسي مان ڪڍي، موڪلائڻ جو چوندو. پاڻ گهٽي ۾. وري روهي رلا،مٿي کلا.ٺٺينگ جي حياتي به ڪهڙي آهي. هڪ پاسي بيماري جو آزار ته ٻئي طرف دربدري، ويهه سال وڏو وقت آهي. ان دوران مون ٻه ڪم هي به ڪيا. ٽي چار ڀيرا ڳوٺ کان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڪو ڇوڪرو ڪوٺي –فيملي جي حساب سان گهر ڪرايي تي ورتم . اول ته خرچ وڌي ويو. مٿان ٻيا مسئلا. امڙ پوڙهي سهڪي ۽ بادي  سور جي مريض. ڪراچي جي هوا ۽ دونهين کان بيزار نينگر جيڪو ساڻ آين تنهن کي اسڪول ۾ داخلا ڏياريم، ڀاڄي ڀتي آڻڻ جو ذميوار به سو، تنهن نوجوان  محلي ۾ هٿڙي هڻڻ شروع ڪئي. سندس نانءُ چوريءَ جي ڌنڌي. ۾ آءُ پوليس وٽ. گهڻا دفعا سوچ آيم ته شادي ڪري ٻچاپيدا ڪريان. پگهار ملي ته ڏئي وٺي ڪجهه نه بچي. ڏوڪڙ گڏ ٿين ته ڪو ڍنگ جو خفو پالجي . پوئتي موڪليان ، هتي جا کاٻارا. مسواڙ. بسن جا ڪرايا، کاڌخوراڪ ، بيماري بڙي، يار دوست. مهيني جا آخري ڏهه ڏهاڙا اوڌر تي گذارو. هاڻ ته وارن ۾ چاندي آهي، چون ٿا ته همراهه پڪي عمر جو آهي، ڇوڪري ڪير ڏيندس؟ هڪ اڌڀيرو شهرمان ڪنهن فيملي دلچسپي ڏيکاري . سچ اهو ته آءُ شهري عورتن کان گهٻرائيندڙ آهيان. ڪيترائي واسطي وارا آهن جن هتان اوپرن ڪُڙمن مان وهانءَ رچا يا آهن. زالن کين انگهن تي نچايو آهي. مٽن مائٽن کان ڪٽجي رهندڙ اهي همراهه نه هيڏانهن جا رهيا نه هوڏانهن جا. سندن ٻارڙا ته ڄڻ ساهراڻي سائيڊ جي مخلوق هجن. ٻولي ،ثقافت ، رهڻي ڪهڻي- صفامٽ . وضاحت ته مون وٽ زال ذات ڪاڻ الاهي احترام آهي. اها ماءُ به آهي ته ڀيڻ ۽ ڌيءَ پڻ. نه ٿو وساري سگهان مس ش کي. گڏ آفيس ۾ نوڪري ڪندي آهي. اڌڙوٽ اچي ٿي  آهي.شادي ڪانه ڪيائين. اٺ سال پورا آءُ سندس ڳيجهو رهيس. گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيڻ . خريداري. سدائين پنهنجو پرس آخر ۾ کوليندي . منهنجي ته هڻي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. پٺاڻ نسل جي ان مائي پويان ديوانو هئس.منجهس سڀ ڪجهه نظر آيم، هوءَ مون کي پنهنجي منزل لڳي. زندگيءَ جو مقصد.ٻيهر ٿو چوان ته عورت جي هستيءَ لاءِ دل ۾ اڻکٽ مانُ اٿم. ڏٺم ته اها ذات ڏاڍي بُکي آهي. حوس آهيس جا ختم ئي نه ٿي ٿئي. خواهشن جي غلام مس ش ايئن دوستيون رکي جنب گذاريو .اٺ ورهيه ٻيا ٿيا آهن جو سندس پاسو ڇڏي ويس. ان وچ ۾ پاڻ ٽي سنگتي بدلائي چڪي آهي. اهي ته هئا آفيس جا ڇوڪرا. چون ٿا ته ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر به ڪلور ڪيا اٿائين. ٽيهر ٿو چوان ته زال ذات جي لاءِ عزت اٿم. کانئس پر ڪرڀ به لڪائي نه ٿو سگهان. مس ش کي ڊيٽنگ تي ويندو نهاري ڄري پڄري ويندو آهيان .خوش آهيان ته کيس جيون ساٿي طور گڏ رکڻ ۾ سڦل نه ٿيس. اها منهنجي تمام وڏي غلطي هجي ها. ڏسجي ته هروڀرو  مس ش کي به گهر وسائڻ جي ڪاچنتا ناهي. آزاد رهڻ ۾ خوش آهي.

مِس ش جي ئي صلاح تي ناظم آباد ۾ فليٽ بُوڪ ڪرايم. شروع ۾ وڌيڪ رقم ۽ پوءِ قسطون . جيئن تيئن ڪري چيڪ ڏيندو رهيس. پراجيڪٽ جونءِ جي رفتار سان ٺهندو ، اُڀرندو رهيو. اڃا ڪچوئي هئو ته قبضو ٿي ويس. ڪيس.عدالتون بلڊر ڏيتي ليتي ڪري ڪم کي اڳڀرو ڪندو رهيو. ساڍا ٽي سئو فليٽ، جڏهن ٺهن. پنهنجي ماڳ جا سپنا ڏسي ڏسي آءُ به تنگ ٿي ويس. آسرو لاهي ويٺس. پراجيڪت آفيس مان خط،فون اچي ته پئسا جمع ڪرايو. بلڊنگ ڄاڻ جڙي، اڳ ادا ڪيل ڏوڪڙن جي ٻڏي وڃڻ جو سوچي وسامي وڃان ۽ پوءِ چيڪ لکي کين روانو ڪريان.منهنجي وڏي ۾ وڏي بچت اها هئي. ورهيه ٿي ويا جو ڪان ڇاتيءَ کتل محسوس ڪندو هئس.هڙ ۾ ٻيو ڪجهه به نه هئم . فائيل کڻي کپائڻ وڃان ته ڪو وٺڻ لاءِ تيار نه ، ڪندي ڪندي مس وڃي ڏهاڪو بلاڪن تي عمارت کڙي ٿي. ٿڪائيندڙ انتظار دروازا دريون لڳڻ جو ڪرڻو پيو،بلڊر اضافي رقم جو مطالبو آڏو رکيو.قرض کڻي فليٽ جي چاٻي ورتم . شروعات ۾ پاڻي نه هئو، گئس ۽ بجلي چالو ٿيڻ ۾ سال کن لڳو.آءُ اتي گهاريل پهرين رات وساري نه ٿو سگهان. موت جهڙي گهاٽي ننڊ آئي. انديشو ئي نه ته ڪو اوهان کي اٿاري چوندو ته ميان ! ٽپڙ کڻ. توهان ضرورکلندا پر مون جهڙي ستايل انسان فيلٽ ۾ داخل ٿيڻ شرط نچڻ شروع ڪيو.خوشي ايتري جو ٻڌائي نه سگهڻ جيتري. پراڻي فرج اچي وئي پراڻو فرنيچر، رڌڻو تيار ڪري ورتم . جنهن ٽپهريءَ  هر شيءَ هنڌائتي ۽ ڏسڻ وٽان ٿي ته اکين ۾ ڳوڙها اچي  ويا.مرڻينگ ماءُ اهڙي حال ۾ نه هئي جو کيس هتي آڻي پنهنجو گهر ڏيکاريان. ادڙي ڪڏهوڪو پرڻائي ڏنم. ٻئي صبح، بي حيائي ڪيم.تيار ٿي نئون وڳو پهريم ۽ آفيس پهتس. بيچيني وچان اوسيئڙو ڪيم، مس ش دير ڪري آئي. سڌو وٽس ويس .حڪم واري انداز ۾ اُٿڻ جو چيو مانس، ششدر ٿي پويان لڳي. ٻاهر اچي ٽيڪسي پڪڙيم. سڌو فليٽ تي. ماڻهو نهاريندا رهيا. آءُ هاڻ پرواهه ڪرڻ وارو نه هئس. مسواڙي نه هئس جو ڪوئي گهر خالي ڪرڻ جو چوي. مس ش کي ڪارائي کان پڪڙي هر شيءَ ڏيکايم. سالن کانپوءِ منهنجي ان طرح جي حجت تي سندس حواس سالم نه هئا.ڊپ يا اهڙي  ڪنهن ٻئي احساس ورتل هئي، بيڊروم، ٽي وي لائونج، ڪچن ويندي واش رومز –مڙئي ڪنڊون ۽ پاسا گهمائي صوفا تي ويهڻ جو چيو مانس . سندس پيئڻ لاءِ ڪجهه کڻي آيس، سامت ۾ آئي ته منهنجي دانهن ٻڌائين- ڏس مائي ! مون وٽ اهو ئي ڪجهه آهي. ڪُل موڙي ، چاهين ته تون اچي رهُه. فليٽ تنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. شادي جو ڪونه ٿو چوان ،بس تون ڪسب ڇڏي ڏي. اوڇنگارون ڏيندي اٿي. هيٺ لٿي. ٽيڪسي ۾ ويهي ڪيڏانهن هلي وئي . ٻه هفتا آفيس ۾ نه آئي جيئري آهي يا نه ، اها سا جاچ ڪيم. تنهن کان پوءِ ساڻس آفيس جي معاملن کان سواءِ ڪا ڳالهه نه ڪيم.

مس ش مون کان فليٽ نه ورتو. اڪيلو رهيو پيو هيس.پاڻ پچائڻ پاڻ کائڻ جي عادت پيم. پراجيڪٽ ۾ آبادي وڌڻ شروع ٿي. ڪجهه قت بعد حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. شهري واگهه اچي رسيا. يونين تي قبضو ،دوڪانن ۽ فليٽن تي قبضو. ڀتي جي اوڳاڙي. آءُ کين ٻَوٻَو ڏيندو رهيس. چندي چاڙي گهرڻ تي اعتراض نه واريم .مطالبي تي پئسا سندن هٿ تي رکي ڇڏيندو هئس.ڳوٺ وڃڻ گهٽائي ڇڏيم. ان وچ ۾ ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي. آفيس ۽ گهر منهنجي ڪُل ڪائنات هئي. سمجهيم پئي ته سنڌي هئڻ ناتي آءُ اتي گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندس. فليٽ بهرحال پريتم هئو جنهن کان ڌار ٿيڻ جو ويچاري به نه ٿي سگهيس. سچ ته اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون هونديون آهن .جان ڏاڍي عزيز هوندي آهي.وڙهڻ آيا ته سر بچائي ڀڳس.فليٽ، سامان هر چيز سندن مُٺ ٿي وئي.الاهي سمئه پوءِ لياري ، جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ ڌڪا کائيندو رهيس. ٻه چار مهينا هتي ته ٻه چار مهينا هتي . رلي،ويهاڻو ۽ ٻه وڳا ڪپڙن جا. آفيس وڃڻ نه ڇڏيم . پگهار کانسواءِ آءُ هلي ئي نه ٿي سگهيس. ڪراچي اهڙو ماڳ آهي جتي سلام دعا به پئسن جي آهي. وک وک تي ڏوڪڙ کپن. وري گهر خريد ڪرڻ ڪاڻ نه رقم هئي ۽ نه ارادو.پنج ڇهه سال ٿي ويا آهن جو ايئن پيو هلان.

ٿورو ٽائيم بچيو آهي. نوڪريءَ تان ريٽائر مينٽ وٺي پينشن تي گذارو ڪندس. جيري ۽ بڪين جي تڪليف جون دوائون واپرايان ته ٿو پر بيماري ڏينهون ڏينهن بڇڙي ٿيندي وڃي.اسپتال وارا ٻڌائين ٿا ته رت ۾ مٺاڻ پڻ سرس ٿو پيوملي. اها هڪ نئين مصيبت هوندي. پر ڇا هاڻ ڪائي مصيبت مون لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ هوندي؟بلڪل به نه ! ڳوٺ موٽي ويندس .هٿين خالي هوندس . صفاتنهن ريت جيئن ٻه ڏهاڪا پهريائين اتان کان هيڏانهن روانو ٿيو هئس. گهر جي ڇني مَنَهن ۾ تنها گذاريندس.معلوم ٿيو آهي ته پاڙي وارن اتي پڻ قبضو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. مينهون،ٻڪريون، ٻڌڻ لڳا آهن.پريشاني ڪونه ٿو وٺان. آءُ ڪٿي به ترسي سگهان ٿو. منهنجو احوال ٻڌي اوهان مون اندر ۾ جهاتي پائڻ جي همت ساري نه سگهندا. اڪيلائي ڀوائتي ڪيفيت آهي. اهي لفظ آهن جن بعد موڪلاڻي ڪندس. ٻئي سانگي ڪنهن جاءِ گڏ باسين . پنهنجو خيال رکندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو