Home / ڪور افيئر / بادشاهه گر ميڊيا- اڇا منهن، ڪارا منهن
above article banner

بادشاهه گر ميڊيا- اڇا منهن، ڪارا منهن

نيٺ اهو وقت به آيو، جو سڄي سماج کي ڪوڙي پروپئگنڊا جي ڄار ۾ ڦاسائي رکندڙ  اردو ميڊيا پاڻ کي پاڻ ئي وائکو ڪري پنهنجي اصل چهري جي هڪ جهلڪ ڏسندڙن لاءِ پيش ڪري ڇڏي آهي. سڄي دنيا جهان جو ميڊيا ٽرائيل ڪندڙ ميڊيا پنهنجو ٽرائيل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ارسلان گيٽ مان ڦٽل ميڊيا اسڪينڊل تي عوام جي ترجماني جي دعويدار اردو ميڊيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. ملڪ رياض جي پلانٽيڊ انٽرويو جا آف ايئر ڪلپس يوٽيوب تي اپلوڊ ٿيڻ ۽ مختلف اردو چئنلس تي نشر ٿيڻ بعد جيو ٽي وي جي اينڪرز جيڪا گپ دنيا ٽي وي جي اينڪرز مبشر لقمان ۽ مهر بخاري جي منهن تي اڇلائي، ان جي پلاند طور ڪامران خان، حامد مير توڙي سندن گروپ جا مهانڊا ڪارا ڪرڻ واسطي دنيا ٽي وي پنهنجي سموري توانائي استعمال ڪري ڇڏي. ڳالهه وڃي سپريم ڪورٽ تائين پهتي آهي. جيو گروپ موقعي جو فائدو وٺندي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ عدالت کان گذارش ڪئي وئي آهي ته “ميڊيا جو احتساب ڪرڻ واسطي عدالت پاران هڪ ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن جو مقصد صحافين، ميڊيائي ادارن جي مالڪن ۽ اينڪرز جي ملڪيتن جو حساب ڪتاب وٺڻ هجي. ان پٽيشن ۾ هڪ نقطو شد مد سان شامل آهي ته “اها ڪميشن ان ڳالهه جو به جائزو وٺي ته پ پ حڪومت جي 4 سالن دوران ڪهڙي ميڊيائي گروپ کي ڪيترا سرڪاري اشتهار جاري ڪيا ويا.” ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته جيو ۽ جنگ پاران داخل ڪرايل پٽيشن جو مقصد موقعي مان فائدو وٺي پ پ سرڪار کان کين نه ملندڙ سرڪاري اشتهارن جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ آهي.

اردو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي 10 سالن واري مختصر عمر ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ميڊيا گروپس ڄنڊاپٽ تي لهي آيا هجن، نه ته ان کان اڳ مختلف معاملن تي اهي ٻِٽ نظر آيا آهن ۽ خاص ڪري سنڌ دشمني ۾ اردو ميڊيا جي ٻڌيءَ جو مثال نٿو ملي.

-گذريل سال 13 جولاءِ تي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران مهاجرن کي “ننگي ڀوڪي” سڏڻ وارو تڪراري بيان سامهون اچڻ بعد جيو، سما ۽ ٻين اردو چئنلس هُشيون ڏئي جيڪي هنگاما ڪرايا، ان جي نتيجي ۾ ڪراچي اندر رات پيٽ ۾ 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون ساڙيون ويون. ان سموري دهشتگرديءَ کي اردو چئنلس ۽ اخبارن “عوامي ردعمل” قرار ڏنو. اردو ميڊيا جي ان ڀوائتي ڪردار کي ملڪي صحافتي تنظيمن نندڻ بدران انهن جي پٺڀرائي ڪئي.

اسان ڳچ عرصي کان اهو آواز اٿاريندا آياآهيون ته مجموعي طور اردو ميڊيا ڪراچي ۽ پنجاب جي مخصوص پارٽين جي ونگاري بڻيل آهي. سنڌ جي عوام سان ان جي دشمني  هاڻ  خطرناڪ حد تائين وڌندي وڃي. “افيئر“ جا هي ئي صفحا ۽ هڪ سنڌي چئنل تي اسان پاران ڪيل پروگرامس ان ڳالهه جي شاهدي آهن. هاڻ جڏهن اردو ميڊيا پاڻ ئي پاڻ تي آڱريون کڻڻ شروع ڪيون آهن ۽ مٿس پاڻ هرتو لڳندڙ ڪرپشن جي الزامن تي پاڻ ئي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جي اداڪاري شروع ڪئي آهي ته اردو ميڊيا جو ڪردار پهريون ڀيرو بحث هيٺ اچي ويو آهي، پر اصل مسئلو ته اڃا به پسمنظر ۾ پيل آهي. ميڊيا جي حوالي سان ڪرپشن جو اٿندڙ سوال اصل معاملو ناهي. اهو ته ڪجهه صحافين پاران سياستدانن توڙي ڪاروباري ماڻهن وچ ۾ مفادن جي تحفظ عيوض غيرقانوني ڏيتي ليتي جو معاملو آهي. اصل مسئلو ته هن ملڪ جي قومن خاص ڪري سنڌين ۽ بلوچن ڏانهن پاڻ کي قومي ميڊيا جو ليبل لڳائي ويٺل اردو ميڊيا جي رويي جو آهي.

پاڪستان اندر سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي،معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حصي پتي کي ڇڏي رڳو انهن ٻنهي صوبن جي آباديءَ تي نظر ڦيرائجي ته خبر پوندي ته ٻئي صوبا ملڪ جي آباديءَ جي مجموعي حصي جو 50 سيڪڙو حصو رکن ٿا. هاڻ ملڪ جي اڌ آباديءَ جي معاملن، مسئلن، ڏکن، سورن کي نظرانداز ڪري رڳو مخصوص شهرن ۽ علائقن جي عوام جا معاملا پيش ڪجن ۽ پوءِ دعويداري ڪجي قومي ميڊيا هجڻ جي؟!

هن ملڪ ۾ سنڌي ميڊيا جي تاريخ اردو ميڊيا کان به وڌيڪ پراڻي آهي، سنڌي ميڊيا تمام گهڻا باڪردار ۽ انتهائي ذهين صحافي، ڪالم نويس ۽ تجزئي نگار پيدا ڪيا آهن، پر توهان کي درجنين اردو چئنلس مان ڪنهن هڪ به چئنل تي ڪو هڪ به سنڌي صحافي يا تجزئي نگار تبصرو پيش ڪندي نه ملندو. اڃا تائين هو هڪ صحافي به ڪنهن اردو چئنل جو اينڪر بڻجي نه سگهيو آهي. ڇو؟ سنڌ جا صحافي پاڪستان جي سياسي صورتحال جي سُڌ ٻُڌ نٿا رکن، ڇا کين تاريخ جي ڄاڻ نه آهي؟ جو کين ايترو نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي اڪثر اردو چئنلس جا سنڌ جي مختلف شهرن جا سمورا جا سمورا رپورٽس به غيرسنڌي رکيا ٿا وڃن. اهڙي عمل خلاف به آواز اٿارڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڇا ان پاسي ڪنهن سوچيو آهي، ته سنڌي ميڊيا گروپس وٽ هڪ اردو نيوز چئنل به هجڻ گهرجي، جيڪو ڀلي سنڌ جي حقن جي ترجماني نه ئي ڪري، پر گهٽ ۾ گهٽ  حقي واجبي ڳالهه ته ڪري.

هي وقت تمام اهم آهي، جيڪو تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ آيل اردو ميڊيا کان پنهنجو ليکو چوکو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سياسي سماجي پارٽين ۽ صحافين کي خاموش تماشائي بڻجڻ بدران وک وڌائڻ گهرجي. ڇو نه سنڌ جو ڪيس به تيار ڪري هڪ ٻي پٽيشن عدالتي ايوانن تائين پهچائجي؟

سنڌين کي رڳو پراون نه پنهنجن به ڏنڀ ڏنا آهن. سنڌي ميڊيا جي “پارسائي” جو احوال به ڪنهن ٻي دفعي ضرور پيش ڪبو. آخر ۾ Rush Limbaugh جي ميڊيا بابت چيل تاريخي لفظن تي  ڳالهه کٽائبي ته “دنيا ۾ هڪ اهڙو ڪاروبار به آهي، جنهن ۾ گراهڪ هميشه غلط هوندو آهي ۽ ان ڪاروبار کي ميڊيا چئجي ٿو.”

irfanbughio@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو