Home / افيئر / بجيٽ جو اصل مامرو
above article banner

بجيٽ جو اصل مامرو

هرسال بجيٽ جون ايئن تياريون ٿينديون آهن ڄڻ گهوٽ راجا عرف وزير خزانا جي شاديءَ جي جشن جون تياريون هجن.جنهن ۾ سرڪار سڳوري ڄڃ بڻيل هجي ۽ حزب اختلاف وارا ڪنوار جا مائٽ هجن.ڪڇ جي سومرن ۽ سمن ۾ پڙ ڄڃ جو رواج هوندو هو. جڏهن به گهوٽيتا ڪنهن ٻئي پاڙي مان ڄڃ وٺي بنا ڪنهن  لٺ ڌُڪي جي ڪنواريتن ڏانهن روانا ٿيندا هئاته ڪنواريتن وارا موچڙا،گهو ٻاٽا ۽ لٺيون کڻي ڄاڃين کي ڦري ايندا هئا ۽ ڄاڃين کي هڻي ڊڙهي رکندا هئا. انهي ڄڃ کي سولي سنڌي  ۾ چئبو آهي “پڙ ڄڃ. ايئن ئي هر سال بجيٽ جي موقعي تي اسيمبلي جي هال ۾ پڙ ڄڃ جنم وٺندي آهي. هڪڙي پاسي انگ اکر هوندا آهن ۽ ادو عشق ۾ انڌو هوندو آهي.باقي ٻيا ڄاڃي موچڙا ڪٽ کي منهن ڏيڻ ۾ پورا هوندا آهن ته حزب اختلاف وارا وري غيرت جي انڌ ۾ ورتل هوندا آهن ۽ موچڙاڪٽ  ڪندا آهن .

 


بجيٽ کان ڪافي وقت اڳ ۾ خزاني واري وزارت ۾ ڀرتي ڪيل ڪلرڪن جي هٿ ۾ اهو ڪم ڏنو ويندو آهي ته اهي بجيٽ ٺاهي وٺن.ڀرتي ٿيل ڪلرڪ ڪڙا وري ڇا ڪندا آهن جو اڳئين سال واري بجيٽ کڻي انهي ۾ ٿوري گهڻي ڦير گهير ڪري ٿورڙا انگ اکر هيٺ مٿي ڪري سائي جلد وارو ڪتاب ٺهڻ وٺندا آهن.ٻين اکرن ۾ کڻي ايئن چئون ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل سال واري بجيٽ تائين ساڳي بجيٽ جاري و ساري آهي.جهڙا ڪالهه تهڙا اڄ. رڳو انگن اکرن کي ٿورو مروٽو ڏنو ويندو آهي.پوءِ جڏهن بجيٽ پيش ڪرڻ وارو ڏينهن ايندو آهي انهي ڏينهن اوندهه ۽ گهٽ کي ٻنجو  ڏيئي چوويهه ئي ڪلاڪ سڄي ملڪ ۾ بجلي کي ڇوٽ ڇڏي ڏبو آهي ته اوندهه تي هريل ماڻهو تيز روشني ۾ انڌا ٿين ۽ گهٽ ٻوسٽ تي هريل ماڻهو جي ايئرڪنڊيشند هلائين ته ڀلي کڻي نمونيا وگهي ۽ رڳو پنکي وارا ماڻهو اڌ رنگ وگهي  مرن يا منجو ڇڏين.بجلي جي انهي جادوگري هن ئي حڪومت ۾ جنم ورتو آهي. هن ڀيري به ساڳي طرح خزاني واري وزير ڪٿي ٽي وي اسڪرين جي ذريعي ۽ ڪٿي وري ٽرانسٽر ذريعي بجيٽ ماڻهن جي مٿي ۾ هنئي . ماڻهو به اهو کيل تماشو ڏسڻ لاءِ هر سال آتا هوندا آهن انهي ٻوڏار ۾ هوندا آهن ته ڀائو وڏو الائي ڇا پيو چوي.پوءِ به ماڻهو انگن اکرن جو اهو کٽراڳ سمجهه ۾ نه اچڻ جي باوجود ٽي وي اڳيان ٻاڪو ڦاڙيو ويٺا هوندا آهن ۽ سندن ٻار وري اهو سمجهندا آهن ته شايد سندن وڏا مائٽ چريا ٿي پيا آهن يا ڪنهن جن ڀوت جي ور چڙهي ويا آهن ۽ ڪارٽون ڏسڻ جي بدران الائي ڇا ٿا پيا ڏسن.سمن جون ساريون ٻڏن يا ترن پر اسان ماڻهن کي ٻيا سڀ ڌنڌا ڇڏي بجيٽ ضرور ٻڌڻي هوندي آهي. ايئن ئي جيئن اسڪول ۾ يا ٿاڻي تي حاضري ڀرڻي هوندي آهي.وقت وڃائڻ پاڻ جو پراڻو ڌنڌو آهي.

خير.جيڪي ڪجهه به آهي پاڻ کي هتي اهو ڄاڻائڻو ته بجيٽ کي عام ماڻهو ڪيئن پرکي. ڪم تمام سولو آهي رڳو انتظار ڪرڻ جي ضرورت آهي.اڳتي هلي ڪري پاڻهي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.حڪومت وٽ اڪثريت آهي سو بجيٽ ته ضرور پاس ٿي ويندي.پر پاڻ کي رڳو جولاءِ ۽ پوءِ آگسٽ جو اوسيئڙو ڪرڻو پوندو. پوءِ وڃي پتو پوندو ته ڪيترين ويهين سئو ٿو ٿئي. في الحال ته بجيٽ گهونگهٽ ڪڍيو پئي نچي پر اڳتي هلي ڪري کيس سڀ ڪپڙا لاهڻا پئجي ويندا ۽ اسٽرپ ٽيز ڊانس ڪرڻي پئجي ويندي اڳي هر سال بجيٽ پهرين جولاءِ تي پڌري ٿي پوندي هئي پر هيل سال آگسٽ ۾ نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا.

ٻني ٻاري واري ماڻهو کي پهرين مرحلي ۾ اهو ڏسڻو پوندو ته سندس ٻني تي لڳل ٽيوب ويل ڪيترو وقت ٿو هلي.بجلي تي هلندڙ انهي ٽيوب ويل يا انجنيئر جي صلاح سان لڪ چوري ۾ لڳل لفٽ مشين ڪيترو قت ٿي هلي.جنهن  مان اها خبر پئجي ويندي ته ملڪ ۾ ڪيتري بجلي وڃي بچي آهي. ٻئي مرحلي ۾ اهو ڏسڻو آهي ته ٽريڪٽر ۾ ڪم ايندڙ ڊيزل ۽ پرزن جا اگهه  پار ڪٿي پهتل آهن. ٽئين مرحلي ۾ اهو ڏسڻو آهي ته ٻني  ۾ ڪم ايندڙ ٻيجاري، ڀاڻ ۽ جيوڙا مار دوائن تي ڪيترو خرچ اچي رهيو آهي .چوٿين مرحلي ۾ وري اها جاچ رکڻي آهي ته ٻني ٻاري تائين ڪيترو پاڻي پهچي رهيو آهي ۽ آبپاشي وارن ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن ۽ ڪيتري بجيٽ خرچ ڪئي اٿن.آخري مرحلي ۾ اهو ڏسڻو پوندو ته لٿل فصل جا اگهه پار ڪهڙا آهن.جي اها سڄي ڳڻپ ڪبي ته پاڻهي خبر پئجي ويندي ته بجيٽ ڪيتري پاڻي ۾ آهي.

ڀلا جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٻاٿون کائڻ لاءِ به زمين ناهي يا هو سِرڙيو هاري آهي ته انهي کي اهو ڏسڻو پوندو ته سندن جهوپڙي ۾ لڳل هڪ عدد بلب ۽ رکيل هڪ عدد پکي جي بنياد تي بجلي غائب هئڻ جي باوجود بجلي جو ڪيترو بل ٿو اچي.ٻئي مرحلي ۾ ٺلهو رڳو پيٽ ڀرڻ لاءِ سامان سڙو وٺبو ته انهي مان معلوم ٿي ويندو ته سندس ڪيترو پيٽ ڪٽيو ويو آهي. ٽئين مرحلي ۾ اوڌرتي گندي ڪپڙو وٺڻ مان اهو پتو پئجي ويندو ته کيس ڪيترو اگهاڙو ڪيو ويو آهي.چوٿين مرحلي ۾ بيماري سيماري جي سلسلي ۾ پهرين ڊاڪٽر وٽ ۽ پوءِ ميڊيڪل اسٽور مان گوريون دوائون وٺڻ کان پوءِ کيس اها خبر پوندي ته بجيٽ وٽائنس ڪيتري صحت کسي ورتي آهي.ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڌريون يعني ڊاڪٽر ۽ ميڊيڪل اسٽور وارو اوڌر سوڌر واري بندي نه رکندو آهي.وڏي ڳڻپ ته اها ٿيندي ته اهڙي ماڻهو ڪيترو وقت پگهر ۽ پورهيو وهايو ۽ کيس بدلي ۾ ڇا مليو؟ گهٽائي ته اهڙن ئي ماڻهن جي آهي جن لاءِ بجيٽ پيش ڪرڻ کپي ها.پر بجيٽ انهن ماڻهن لاءِ پيش ڪئي وئي آهي جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ ويهي جوا ٿا ڪن يا وري انهن گڙنگ واپارين،ڪارخانيدارن ۽ سرمائيدارن لاءِ پيش ڪئي ويندي آهي.جيڪي سڄو ملڪ ڳڙڪايو ويٺا آهن.

اچو سائين انهن ملازمن تي جيڪي سڪي پگهار تي ڪم ڪندا آهن ۽ سندن نصيب ۾ رشوت لکيل نه هوندي آهي.اهي ماڻهو جڏهن ننڍي سنڍي خريداري لاءِ ڀاڄيون وڪڻڻ واري،فروٽ جي دڪان واري  ۽ ريزڪي دڪان ۾ گهڙن ته کين اها ڳڻپ رکڻي پوندي ته مٿن اڳئين مهيني ۾ ڪيترو قرض رهيل هو ۽ هن مهيني ۾ ڪيترو قرض چڙهي ويو.سندس پگهار جيڪو  ويهه سيڪڙو وڌايو ويو انهي جو حشر ڇاٿيو 20سيڪڙو وڌايل پگهار جي خبر جي پٽي ذرذر پڙهڻ انهن ماڻهن جو مشغلو آهي.پر اصل پتو ته دڪان ۾ گهڙڻ کان پوءِ پوندو.

سچ ڪوڙ جو بار ٻڌائڻ وارن جي مٿي تي پر پاڻ کي ته اهوئي ٻڌايو ويو آهي ته ڌاڙيل،چورچڪار ۽ ڳنڍي ڇوڙ به بجيٽ دلچسپي سان ٻڌندا آهن.ڇاڪاڻ ته انهن کي به جيئڻ ڪاڻ پنهنجو پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهڻو پوندو آهي . ڌاڙيل ۽ اغوا ڪار ته سر تري تي رکي هلندا آهن.جهنگ جي ڌاڙيلن کي کپي ته اهي اها ڪٿ ڪن ته کين ڪيترا ميل جهر جهنگ ۾ ڊوڙڻو پئجي ويو.ڪيترا ڀيرا مرندي مرندي  بچي ويا.ڪيترو زخمي ٿيا ۽ ڪيترو رت ڇڏيائون.ڪيترو وقت مٽن مائٽن سان ملي نه سگهيا، ڪيترو اڃ ۽ بک ۾ رلندا رهيا،ٻئي مرحلي ۾ کين اهو پتو لڳائڻو پئجي ويندو ته ڪيترو مال پاڻي ڪمايائون.ڪيترا پئسا وچ ڪٽط ۽ سودو ڪرائڻ وارن جي حوالي ٿيا ۽ ڪيترا ڏوڪڙ ڀوتارن ۽ پوليس وارن کي ڏيڻا پئجي ويا.اهي ٻئي پاسا ڪٿڻ کان پوءِ انهن کي وڃي اها خبر پوندي ته هن سال جي بجيٽ ڪيتري پاڻي ۾ آهي.

چورن چڪارن ۽ ڳنڍي ڇوڙن کي وري اهو ڏسڻو پئجي ويندو ته پوليس ۽ ماڻهن هٿان ڪيتريون مارون کاڌائون،ڪيتري رشوت ڏنائون ۽ ڪيترو ڏنڍ ڀريائون يا وري ڪيترو عرصو لاڪ اپ ۾ رهيا.ڳنڍي ڇوڙن کي وري موبائل فونن جا اگهه معلوم ڪرڻا پوندا.پوءِ اهي ساڳيا موبائل فون ساڳين دڪانن تي ڪيتري اگهه ۾ وڪرو ڪيائون ته ٺلهو رڳو ايتري ڳڻپ مان پتو پئجي ويندو ته هن سال جي بجيٽ کين ڇا ڏنو .

سو بجيٽ جو اهو مامرو ڪو ايترو ڏکيو به ناهي جو عام ماڻهو پنهنجي تجربي جي آڌار تي ڪڇي نه سگهي. اصل ۾ بجيٽ هوندي ئي وڏن ماڻهن لاءِ آهي. سڀني کان وڌيڪ مٿان ڪٽ به انهي ڌر کي ڪرڻي پئجي ويندي آهي ته ڪمايل  ٻاهرين ملڪن جي ڪهڙين بئنڪن ۾ ڪيترو پئسو رکجي. بجيٽ کي نظر ۾ رکي پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙا پراجيڪٽ هٿ ۾ کڻجن.نوان ڪارخانا کولڻ کپن يا نه کپن.نيون شگر ملون هڻجن يا نه هڻجن. ڪهڙن ڪهڙن سياستدانن کي ڪيتري ۾ خريد ڪرڻ کپي.ڪهڙن ڪهڙن جرنلسٽن تي ۽ چئنلن تي ڪيترو داوَ لڳائجي ۽ ڪيتري حد تائين خواري کان بچي سگهجي.اهو سڀ معلوم ڪرڻ لاءِ کين بجيٽ اچڻ کان اڳ ۾ ئي بجيٽ معلوم ڪرڻي پوندي آهي.هٿ پيربه هلائڻا پوندا آهن.عقل به ويڙهائبو آهي ۽ نه چاهيندي به ٻين ملڪن جا چڪر ڪاٽڻا پئجي ويندا آهن.صرف بهانو سولو آهي ته بيمار هئاسين.ڪنن ۾ شور هو.سو ڪن ڏيکارڻ لاءِ ٻاهر هليا ويا هئا سون. هاڻي اکيون ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ پهچي ويا آهيون.باقي ته سڀ ڪجهه ڏکيو هوندو آهي.اصل ۾ بجيٽ مان ڪمائڻ واري به اها ڌر آهي باقي عام ماڻهو کي ته ٻاٿون کائڻيون پونديون آهن ۽ هر بجيٽ سان اڳيون سوجهرو به چٽ ٿيندو ويندو آهي.هن سال به اهو ئي ڪجهه ٿيڻو آهي. البت اهڙا امڪان ضرور بيٺا آهن ته جيئن ته هي سال هن حڪومت جو آخري سال آهي. تنهن ڪري سرڪار سڳوري جي پوري ڪوشش هوندي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ  لاءِ ٻارهن مهينن جو ڪٿيل خرچ ڇهن مهينن اندر خرچ ڪري ماڻهن کي ڪيئن نه ڪيئن خوش ڪجي. حڪومت کي اهو به شڪ آهي متان پوءِ  ماڻهو ووٽ نه ڏين.ڇاڪاڻ ته جي مال ٽاهه کائي پڄي وڃي ته واپس وٿاڻ تي اچي سگهي ٿو پر جي ماڻهو ٽاهه کائي وڃن ته وري وٿاڻ  (پولنگ اسٽيشن ) ڏانهن نه موٽندا آهن.جي موٽندا به آهن ته سندن ٺپو ٻئي پاسي به وهي سگهي ٿو.سو بجيٽ جو اصل مامرو اهو آهي.باقي پڙ ڄڃ جو سلسلو جاري رهندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو