Home / افيئر / برطانيا: معاشي ڀونچال مان نڪرڻ لاءِ لامحدود فنڊ
above article banner

برطانيا: معاشي ڀونچال مان نڪرڻ لاءِ لامحدود فنڊ

برطانوي حڪومت ملڪي معيشت کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ايندڙ هڪ سال دوران  140 ارب پائونڊ ننڍي ڪارو بار، گهرن جي مالڪن ۽ بئنڪن لاءِ رکي ڇڏيا آهن.

ان منصوبي جو افتتاح برطانيا جي ناڻي واري وزير جارج اوسبرن ۽ بئنڪ آف انگلينڊ جي گورنر سرمون ڪنگ ڪيو. منصوبي تحت وسيع پئماني تي رقم بئنڪن ذريعي مهيا ڪئي ويندي.بئنڪ آف انگلينڊ بئنڪن کي اها رقم ان شرط تي مهيا ڪندي ته اهي اها رقم سڌي ريت گهٽ وياج تي ڪاروبار لاءِ مهيا  ڪندا. برطانوي حڪومت جي ذريعن مطابق برطانيا جي پنجن وڏين بئنڪن ۽ سندن ننڍن حريفن وسيلي ايندڙ 12 مهينن اندر 140 ارب پائونڊ ملڪي معيشت جي رڳن ۾ داخل ڪيا ويندا. برطانوي حڪومت طرفان اهو غير معمولي قدم ان پريشاني جي ڪري کنيو ويو آهي ته ڪٿي يورو زون جو بحران برطانيا جي معيشت تي نه اثر انداز ٿئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو