Home / افيئر / بلوچستان، جتي ڊپ جو راڄ آهي
above article banner

بلوچستان، جتي ڊپ جو راڄ آهي

بلوچستان ۾ آئي ڏينهن ڌماڪا ٿيڻ ، ماڻهن جو مارجڻ ۽ سياسي ڪارڪنن جا چچريل لاش ملڻ هاڻي هڪ روٽين ٿي ويو آهي. پر ان صورتحال سبب جيڪا نفسياتي طور ڊپ جي ڪيفيت پئدا ٿي آهي ،ان هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. ڇو ته اها ڊپ جي ڪيفيت ئي آهي جنهن ڪارڻ بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ماڻهو روڊ، رستن ،بازارن ۽ عام جاين تي سفر ڪندي يا هلندي هڪ اهڙي اڻڄاتل خوف ۾ مبتلا هجن ٿا جو انهن شهر اندر پنهنجي چرپر بنهه محدود ڪري ڇڏي آهي.ان ڪارڻ هن شهر جي معاشي ڪار وهنوار کان ويندي سماجي سياسي وهنوار به سخت متاثر ٿيو آهي. ايئن جيڪڏهن ڪو اجنبي ماڻهو هن شهر ۾ گهڙي ٿو ته کيس واٽ ويندي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ماڻهو مشڪوڪ نظرن سان ڏسن ٿا.

تنهن ڏنهن ڪوئيٽا ۾ “بلوچستان جي ترقي  وڌيڪ اختيارن سان ممڪن آهي؟” جي سري هيٺ هڪ گول ميزڪانفرنس منعقد ڪئي وئي هئي.ان موقعي تي بلوچستان سان واڳيل سياسي ۽ سماجي ڌرين جو اهو خيال هو ته جيستائين بلوچستان کي چچريل لاش موڪلڻ، ماڻهو مارڻ ۽ سياسي  ڪارڪن گم ڪرڻ جو سلسلو ترڪ نٿو ڪيو وڃي تيستائين ڪا به ترقي ڪنهن ڪم جي نه هوندي. ڇو ته جيستائين ماڻهن جو اعتماد بحال نٿو ٿئي تيستائين ماڻهو اهڙي نام نهاد ترقي طرف ڌيان به نه ڏيندا. آغاز حقوق بلوچستان ، اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18 هين ترميم تحت صوبن کي مليل خودمختياري بابت پڻ ڪيترائي سوال اٿاريا ويا. مقررن جو خيال هو ته وفاق صوبن جا وسيلا هڙپ ڪيو ويٺو آهي ۽ انهن جي جڏهن پنهنجي وسيلن تي ئي مالڪي ناهي ته پوءِ نالي ۾ نهال خودمختياري ڪهڙي ڪم جي؟ هڪ اڌ مقرر ته اهو به خيال ظاهر ڪيو ته ماڻهن کي مصروف رکڻ لاءِ آغاز حقوق بلوچستان جو ڊرامو رچايو ويو آهي. 62 سالن ۾ وفاق جي نالي ۾ پنجاب سڀ ڪجهه هڙپ ڪري چڪو آهي ۽ اڄ انهن کي حقن ڏيڻ جي شروعات ڪرڻ جو خيال آيو آهي.“ جيستائين صوبن کي مڪمل خودمختياري ۽ کين سندن پنهنجن وسيلن جي مالڪيءَ جو  اختيار نه ڏنو ويندو تيستائين ترقي ءَ جو خواب هوا ۾ تير هڻڻ برابر آهي.نصير ميمڻ چئي رهيو هو.“ بلوچستان سميت سمورن صوبن سان ٻه اکيائي جو سلسلو ختم ڪرڻ ئي انصاف جي تقاضا آهي” هن وڌيڪ چيو.


ذڪر هيٺ آيل ڪانفرنس ۾ مون سميت سنڌ مان علي حسن چانڊيو،فياض نائچ،۽ ادريس بختيار شرڪت ڪئي.جڏ هن ته بلوچ اڳواڻ سينيٽر مالڪ بلوچ ۽ حاصل بزنجو پڻ ان ۾ شريڪ هئا. ان موقعي تي اهو پڙاڏو به ٻڌڻ ۾ آيو ته جيئن طاقتور قوتون بلوچستان کي هڪ ٻيو بنگال ٺاهڻ ڏانهن ڌڪي رهيون آهن، ايئن سنڌ کي هڪ ٻيو بلوچستان ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ڇو ته اتي به سياسي ڪارڪنن جا پروڻ ٿيل لاش ملڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ سياسي ڪارڪنن کي لاپتا ڪري ٽارچر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ساڳي ريت بلوچستان جي گوادر ميگا پراجيڪٽ وانگر سنڌ ۾ ذوالفقار آباد ٺاهي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اهي سازشي ٿيوريز جيستائين ختم نه ٿينديون تيستائين ڌرتي ڌڻي اختيار ڌڻين جي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نه ڪندا،ان ڪري اختيار ڌڻين کي پنهنجو Mindset تبديل ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انهن 1940ع جي قرارداد تحت ملڪ ٺاهيندڙ قومن سان به ڌوڪو ڪيو. حالانڪه ان قرارداد تحت هي هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ صوبا خود مختيار رياستون پر قومن کي هڪ قوم ٺاهڻ لاءِ لٺ جو سهارو ورتو ويو، جنهن جا منفي نتيجا اڄ اسان جي اڳيان آهن. ان ڪري اهڙا تجربا هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن.

ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪوئيٽا جي سيرينا هوٽل کان شهر ڏانهن نڪرندي منهنجو دوستن سان اسرار هو ته مون کي بلوچستان اسيمبلي جي گيٽ وٽ وٺي هلو. انهن پڇيو ته ڇو؟ مون وراڻيو اهو اتي ٻڌائبو. اتي پهچي مون چيو ٺيڪ آهي. دراصل مونکي ڪافي وقت اڳ حيدرآباد جي هڪ دوست جنهن جو ڪوئيٽا گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي تنهن ٻڌايو هو ته ڪوئيٽا ۾ بلوچ مزاحمت ڪارن جي ڊپ کان بلوچستان اسيمبلي تان پاڪستان جو جهنڊو لاهي ڦٽو ڪيو ويوآهي،- پر ان وقت اهو جهنڊو اتي موجود هو، پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جهنڊي جي حفاظت لاءِ ٻاهر مورچابند هٿيار بند ۽ بڪتر بند گاڏين ۾ ايف سي وارا موجود هئا.باقي سڄي ڪوئيٽا شهر ۾ ڪٿي به پاڪستاني جهنڊو ولهرائيدي نظر نه آيو ! ڊپ ۽ حساسيت جي ڪيفيت اها هئي جو هڪ اهم دوست فون ڪري ٻڌايو ته جنهن هوٽل ۾ توهان جي رهائش آهي ، ان جو هر ڪمرو آبزرويشن هيٺ آهي. اتي کليل ڪچهري کان پرهيز ڪجو.ڳالهه ته ڪبير بلڊنگ ۾ ويهندڙ ان صحافي دوست جي به پتي جي هئي، جنهن ۾ هن ٻڌايو پئي ته بلوچستان ۾ ڪا هڪ حڪومت ناهي، بلڪه هتي هڪ ئي وقت ڇهه ست حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن.ايف سي، سگهارا ادارا، رئيساڻي ،مزاحمتڪار، سردار ۽ ڪي ڏوهاري مافيائون شامل آهن.

ڪچهري دوران اهو به انڪشاف ٿيو ته بلوچستان واحد صوبو آهي، جنهن جا سڀ ايم پي اي وزير آهن ۽ وزير توڙي صلاحڪارن مان گهڻا تڻا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي اغوائن، گاڏين جي چورين۽ ٻين ڌنڌن خفن ۾ ملوث آهن.اسان لاءِ اها خبر به ڪنهن انڪشاف کان گهٽ ڪانه هئي ته ٻين صوبن ۾ ايم پي ايز کي 40-50 لک ترقياتي بجيٽ  ملندڙ آهي پر هتي هر وزيرکي 29 ڪروڙ جي بجيٽ مليل آهي پر اهي ڏوڪڙ ڪٿي به حقيقي معنيٰ ۾ خرچ ٿيڻ بدران وزيرن جي کيسي ۾ هليا وڃن ٿا ۽ ڪم رڳو ڪاڳرن ۾ ٿئي ٿو. ان جو واضح اظهارمجموعي طرح بلوچستان جي ٻهراڙين جي پسماندگي ۽ ڪويئٽا جا روڊ پڻ هئا.صوبائي راڄڌاني هجڻ باوجود روڊ رستا ٽٽل ڦٽل هئا ۽ ترقي نالي ماتر هئي.

“سائين هي بمبو رئيساڻي (بانس جو لڪڙ)جو گهر آهي،هن وقت به سندس گهر تي ڇاپو لڳي ته ويهارو کن چوري جون گاڏيون ضرور بر آمد ٿينديون”اسان کي ڪوئيٽا جو سير سپاٽو ڪرائيندڙ ماضي ۾ کاٻي ڌر ۾ رهندڙ هڪ سياسي ڪارڪن ٻڌايو . مون کانئس سوال ڪيو ته ڪير بمبو رئيساڻي ؟ تنهن تي هن کلندي وراڻيو ته سائين وزيراعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئيساڻي  هتي بمبو رئيساڻي جي نالي سان مشهور آهي ۽ سندس هڪ ڀاءُ شودو آهي ،جيڪو حڪومت ۽ اختيار هوندي به اهي ڌنڌا جاري رکيو اچي.

ڪوئيٽا جي روڊن رستن ۽ مارڪيٽن مان لنگهندي ان ميزان چونڪ کان به گذر ٿيو جيڪو سياسي پارٽين لاءِ جلسن جلوسن جو وڏو مرڪز آهي.ديوارن تي لکيل چاڪنگ به پڙهڻ جو موقعو مليو. هڪ ديوار تي محمود اچڪزئي واري پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي طرفان لکيل هو ته “ ايم ڪيو ايم فاشسٽ جماعت آهي،ڪراچي ۾ پٺاڻن جو تحفظ ڪيو وڃي” ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ايم ڪيو ايم اسٽائل ۾ ٺاهيل هڪ جڙتو لساني تنظيم جنهن جو سربراهه رفيق پشتون نالي ڪو همراهه آهي ، انهن جي به چاڪنگ جام نظر آئي ،جيڪي پڻ بلوچستان جي ورهاڱي بابت کليل طور چاڪنگ ڪري رهيا آهن.واضح هجي ته بلوچستان ۾ بلوچ،پشتون  تضاد کي هٿي وٺرائيندڙ سگهاريون قوتون آهن، جيڪي چاهين ٿيون ته بلوچستان جي آجپي ڏانهن وڌندڙ قدمن کي روڪڻ لاءِ سندن ڄنگهن ۾ ڪي ڏنڊا ٻيڙيون وجهجن. پر حقيقت اها آهي ته بلوچ نهايت سمجهداري جو مظاهرو ڪندي اهڙي هٿرادو تضاد کي ڪنهن ليکي چوکي ۾ آڻڻ بدران پنهنجي ان تاريخي موقف تي قائم آهن، جنهن تحت اهي پشتون اڪثريتي علائقا پشتونن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ ساڃاهه وند پشتون به اها ڳالهه چڱي ريت سمجهن ٿا.

هتي هڪ دلچسپ حقيقت جي به اپٽار ڪندا هلون ته بلوچستان ۾ آئي ڏينهن جيڪا هزاره ڪميونٽي خلاف باهه ٻريل آهي-پري کان ويهي طاقتور ادارا اهو تاثر ڏيندا رهن ٿا ته ان قتلام پٺيان بلوچ مزاحمتڪار آهن،پر ايئن هر گز ناهي. تنهن ڏينهن ڪانفرنس دوران ئي هڪ هزاره اڳواڻ چيو پئي ته “ لشڪر جهنگوي جون پاڙون پنجاب ۾ آهن، اهي پنهنجي صوبي ۾ ته رت جي راند نٿا ڪن پر بلوچستان ۾ اسان کي رت ۾ وهنجاري رهيا آهن، باقي اسان پنهنجي بلوچ ڀائرن سان ورهين کان پرامن نموني سان رهندا اچون. اسان کي هنن کان ۽ انهن کي اسان کان ڪابه شڪايت نه آهي”.

هاڻي اسان جو رخ ڪوئيٽا جي ان سرياب روڊ ڏانهن هو جيڪو پاڪستان جي چند خطرناڪ ترين هنڌن مان هڪ آهي. هتي آئي ڏينهن بم ڌماڪا ۽ قتلام ٿيندو رهي ٿو. هن ئي روڊ تي خان آف قلات، وزيراعليٰ رئيساڻي ،گورنر ذوالفقار مگسي ۽ ٻين بلوچ اڳواڻن جا گهر آهن.هن روڊ تي ئي بلوچ آباديءَ جو هڪ ڳتيل علائقو اهڙو به آهي جنهن کي هتان جو “لالوکيت” چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ڪراچي جي لالو کيت وانگر هتي به آئي ڏينهن غيرمقامي ماڻهن سان جهيڙا جهٽا ٿيڻ عام روٽين آهي. “ هي سامهون ڊاڪٽر الله نذر جي ڪلينڪ آهي. هو اتي ويٺل هو ته سگهارا ادارا کيس کنڀي کڻي ويا هئا ۽ پوءِ هو موٽيو ته ڪوئٽيا بدران پهاڙن ڏانهن رخ رکيائين. جتان موٽڻ کي مهڻو ٿو سمجهي” سياسي ڪارڪن عباس زهري  ٻڌائي ٿو . واضح رهي ته الله نذر جو بلوچستان يونيورسٽي ۾ اڄ به  اثر آهي جو ڪو به شاگرد بلوچي شلوار قميص کانسواءِ ٻي ڊريس نٿو پائي . اتي ڌارئي وائيس چانسلر کي به قبول ڪرڻ جو رواج ناهي. ڪجهه وقت اڳ ڪو رٽائرڊ فوجي آيو هو جيڪو پڻ چون ٿا ته جلد ٽپڙ ويڙهي ڀڄي ويو.

“ هي پروفيسر صبادشياري جو گهر آهي . غير شادي شده شخص هو. سندس ڪمري ۾ هميشه برهمداغ بگٽي جي تصوير لٽڪيل هوندي هئي.هتان کان واڪ تي روز نڪرندو هو، پوءِ هڪ ڏينهن سرياب روڊ تي گهات هڻي کيس شهيد ڪري ڇڏيائون” زهري وڌيڪ ٻڌايو.

آخر آءُ، زهري ۽ علي حسن ان هنڌ اچي بيٺاسين جتي صبادشياري بي خوفي سان واڪ پئي ڪيو، ۽ ڪنهن قاتل جي گولي کيس ان هنڌ ڪيرائي وڌو ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ معنيٰ خيز موت ماڻي راهه رمتو ٿيو.

ياد رهي ته اسانجي ڪوئيٽا اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شاگردن جي بس تي حملو ٿيو هو جنهن ۾ ڪجهه هزاره شاگرد ماريا ويا هئا ۽ ڪجهه زخمي ٿيا هئا. ان کان اڳئين ڏينهن تي خيربخش مري جي انتهائي ويجهو ماڻهو هڪ پرائمري استاد کي ماريو ويو.مذڪوره ٻنهي واقعن لاءِ چوٻول اهو هو ته اهي ٻئي واقعا سگهارين قوتن اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ڪرايا ته هزاره کي بلوچن ٽارگيٽ بڻايو ۽ بلوچ استاد کي پلاند طور ماريو ويو. ان تاثر اڀارڻ جو مقصد ٻنهي مقامي آبادين ۾ تڪرار کي تيز ڪرڻ آهي. پر بلوچ ۽ هزاره ڌرڌڻين جي اهڙي سازش کي چڱي ريت پروڙي ويا آهن.

اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ڌر ڌڻين هتي لشڪر جهنگوي سان گڏ طالبان فيڪٽر کي نه هٿي وٺرائي آهي، جيڪي بلوچن جي مزاحمت خلاف استعمال ٿي رهيا آهن. باوجود ان جي ته ڪوئيٽا هر ماڻهو لاءِ هڪ غير محفوظ شهر بڻيل آهي. پوءِ به ڌرتي ڌڻي بلوچن جي اکين ۾ گهوري ڏسبو ته اهي بي ڊپا نظر اچن ٿا۽ سندن اندر ۾ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ڪروڌ نظر اچي ٿو. انهن وٽ ڊپ شايد ان ڪري ناهي جو اهي ڌرتيءَ خاطر زندگيون تياڳڻ جو گُر سکي چڪا آهن- نه ته باقي  هر پاسي ۽ هر ڌارئي لاءِ ڊپ جو راڄ آهي !

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو