Home / پروفائيل / جمن دربدر: سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار
above article banner

جمن دربدر: سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار

سنڌ ۾ تمام وڏا عالم، اڪابر، شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا. سنڌ سان محبت ڪندڙ قومي اڳواڻن ۽ رهبرن جي ته کوٽ ڪانهي. بقول غلام حسن رنگريز جي البت رهبري ڪانه ٿي ٿئي. هن سڄي قومي تحريڪ يا جدوجهد ۾ باهه جو ٻارڻ ويچارو ڪارڪن ۽ عام ورڪر ٿئي ٿو ۽ عام ورڪر بنا ڪنهن شهرت ،ٺٺ ٺانگرجي دِل ۾ نج محبت ۽ سچائي سان قومي خدمت ڪندو اچي.“ لڪا ڀڻن لوڪ ۾” جي مصداق سندس نالو پاٽ تي به نه هوندو آهي. مطلب “کٽيو کائي خديجان بوساڪڍي بصران” وانگر مائوزيتنگ جي قول تي عمل ڪندي ( ڪم ايئن ڪريو جيئن اوڙ ۾ ٻج ٿو ڪم ڪري) پاڻ اوڙ ۾ دفن پر سلو نڪري ته سنگ ۾ ڪئين داڻا پيدا ٿين – ايئن قومي ڪارڪن عام ماڻهو وانگر پنهجي زندگي سڄي ارپي ٿو ڇڏي . اهڙا ڪيترائي سنڌ جا سپوت گمنامي ۾ گهاري رهيا آهن.

ضياءَ جي مارشل لاجي سخت دور 82/ 1981 ع ۾ ايل ايم سي جي لطيف هال ۾ هڪ شاندار لطيف جو ڏينهن ملهايو ويو. اسان به اتي موجود هئاسين. اسان کان اڳين پهرين صف ۾ ان وقت جو وائيس چانسلر سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز به ويٺو هو. تمام وڏو ميڙ هو. اسٽيج تي ۽ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو انائونسمينٽ پئي ڪئي. اوچتو هڪ قومي فنڪار کي سڏ ٿيو. ڪارڙو ، ڪوجهو  مٺ ماس جي، مائيڪ تي آيو ته ڪير ڌيان نه پيو ڏي جڏهن سندس سُر گونجيا ( ليڙون ليڙون ڦاٽل منهنجي لوئي ڙي ) ته سناٽو ڇائنجي ويو. سڀ ماڻهو سن ٿي ويا. گيت پورو ٿيو ته وري ( ونس مور ونس مور) ۽ ٻيا گيت ٻڌائي لٿو ته تاڙيون ئي تاڙيون .

مون پهريون ڀيرو اهڙو مٺو  ۽سريلو آواز جنهن ۾ ٿر جي مور جي ڪوڪن ، ٻاٻيهي جي ٻولين ۽ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو سُر ٻڌڻ نصيب ٿيو. ها “محمد جمن دربدر ” شي ئي اهڙي آهي. عاجز ،نياز نوڙت، انڪساري جو مجسمو. جمن دربدر اهڙو ته سنڌ تي ڇانئجي ويو جو سنڌ جو سائين جي ايم سيد ت مٿس عاشق ٿي پيو.سندس ئي شاعري ( وٺي هرهر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو)جڏهن سائين جي ايم سيد ٻڌي ته مستقل سن جي محفلن جي جمن جان بڻجي ويو.جمن دربدر سيد جي فڪر جو پانڌيئڙو ۽جيئي سنڌ هلچل جو تمام محنتي ۽ جفا ڪش فرد ثابت ٿيو.سندس ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ ۽ سڄو ٿر جمن دربدر جي محنت ۽ پورهئي سان قومي تحريڪ جو ڳڙهه بڻجي ويو. اسان کي جتي به مليو ته محبتون ۽ بي انتها پيار ڏنائين. سندس خاندان به سڄو سنڌ جو عاشق، سيد جي فڪر جو مشتاق. حليم باغي ڪير سڏائي- سنڌ جو تمام خوبصورت شاعر سندس ڀاڻج، حاجي ساند هن دور ۾ نظم جو تمام خوبصورت شاعر۽ ٻيا سڀ نوجوان قومي قافلي جا ورڪر مطلب ( روحل واءِ) ساندن جو ڳوٺ سنڌ لاءِ بي مثال نگري آهي. شايد روحل فقير جي سڳنڌ هن مٽيءَ کي مهڪائي ڇڏيو آهي.


حليم باغي جي شادي تي 80 واري ڏهاڪي ۾ وياسين ٿر جي واري تي، اسان جا ڀاڳ ڪي بوندون برسي پيون هيون صفا ٿڌڪار ۽ تمام مدهوشي جو ماحول .

رات جو جيڪا سنگت رهي پئي ان ۾ ڪافي اهل ذوق دوست گڏ هئا. تاج جويو، نذير چانڊيو، ڪوي، اقبال رند، مظهر لغاري، مير حسن آريسر ۽ ٻيا کوڙ دوست هئا. اتي روحل واءِ جو روح ۽ مزاح کل ڀوڳ جو بادشاهه ڀلو فقير به موجود هو. ڀلو مرحوم تاج جويو ۽ ٻين کوئنس ڪندڙ يارن سان چرچن ۾ هاجون لاهي ڇڏيون. کلي کلي همراهه ته نانجها ٿي پيا،پوءِ وري فقير شفيع جي محفل شروع  ٿي. ان رات فقير شفيع دل ته بيهي ويو ۽ اڄ تائين د ل تي راڄ ڪري ٿو. جمن دربدر کان به ڪافي ڪلام ٻڌوسين . اها رات زندگي جي يادگار رات هئي. جنهن ۾ جمن دربدر سڀني يارن تان گهور گهور پئي ٿيو.

سائين جي ايم سيد سان جمن دربدر بي انتها عقيدت ۽ محبت رکندڙ آهي ۽ سيد به سندس بهترين مداح هو.هڪ ڀيري مٽياري جي ڄاموٽ سيدن جو ڪو ڪاڄ هو . سيد شهاب الدين شاهه وزير هجي، هزارين ماڻهو هجن ڄاموٽ ڪُل سيدن جا سردار – وڏن ماڻهن مان مراد ( خوشحال) ماڻهن جا هجوم هجن، سائين جي ايم سيد به ڪاڄ ۾ آيل هجي، سخت بيمار هجي۽ ويل چيئر تي ويٺو هجي،وڏي هجوم ۾ سندس نظر وڃي جمن دربدر تي پئي، ماستر (سندس ۽ خادم) کي چيائين جمن کي وٺي اچ ، پوءِ ايڏي وڏي پنڊال ۽ هجوم  ۾سن جو سائين هجي ۽ جمن دربدر، سڄي لوڪ کي ڇڏي پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪرڻ لڳا.

سيد جي وفات تي ڄام شورو ڪانڌي ٿي حليم ۽ پاڻ رانڀاٽ ڪندا،منهن مٿو پٽيندا وري واپس هليا ويا. پاڻ ۾ اڳتي هلڻ جو ست نه ساري سگهيا. اها هئي محبت ۽ سچائي.

جمن دربدر سان هڪ دلچسپ واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن ڪنهن ادبي ڪانفرنس ۾ هندستان شريڪ ٿيڻ ويو. پروگرام تيار هجي ،جمن جي فلائيٽ ليٽ ٿي وئي. مائيڪ تان انائونس پيو ٿئي  سنڌ جو تمام مهان ڪلاسيڪل راڳي محمد جمن بس پهچڻ وارو آهي. جمن پهتو ته کيس پتلون پائڻ جو چيو ويو،پوءِ پتلون هٿ ڪري پاتائين ته بيلٽ نه هجي. مڙئي رسي سان پتلون ٻڌي پنڊال ۾ پهتو. مائيڪ تان هوڪا هلي ويا ته سنڌ جو تمام وڏو ڪلاسيڪل راڳي محمد جمن جو استقبال ڪريو. هي سادو سٻاجهو ٿريو، هٿ ٻڌي نماڻائي سان چوڻ لڳو “ بابا محمد جمن تمام وڏو راڳي آهي، آئون ان جي پير جي پڻي  برابر ناهيان. آئون جمن دربدر ٿر جو لوڪ فنڪار آهيان” تڏهن وڃي ماحول ٺريو پر جمن دربدر اتي به قومي گيت ۽ ٿري رنگ اهڙو ڄمايو جو سڄو هال تاڙيون ئي تاڙيون ٿي ويون. وڏو داد حاصل ڪيائين.

محمد جمن دربدر اڄ به محفلن جو مور آهي.هن سال ئي اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو ڪاڄ هجي سنڌ جي سداملوڪ نوجوان راڳي رفيق فقير کي مون فون ڪئي، سڄي سنگت سان اچي پهتو.جمن دربدر به گڏ ،تمام مختصر محفل هئي، هن وقت رفيق فقير اهڙو آواز آهي جو سنڌ جي نوجوان نسل جو نمائنده گائيڪ آهي. مون کي ته خريد ڪري ڇڏيو اٿس. جمن دربدر به ساڻس گڏ پيو ڳائي، مزو ان مهل ٿيو جو بشير خان قريشي، ارباب احسان  ۽ ٻي سنگت محفل ۾ اچي وئي.پوءِ ته محفل جو رنگ ئي ٻيو ٿي ويو. بشير خان قريشي اسٽيج تي وڃي جمن دربدر کان ڳائڻ جي فرمائش  ڪئي ته اسان جي سنڌ جي تمام اهل دل نوجوان ارباب احسان داد ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي چڙهي محمد جمن جي قدمن تي هٿ رکي هزار جو نوٽ رکيو. بشير خان تمام خوشي وچان اٿي مٿان  گهورون گهورڻ لڳو. فقيرر فيق ته صفا ملنگ صفت فنڪار آهي ٽي وي ريڊيو تي گهٽ شوق پر اسان وٽ اوچتو طبعيت پڇڻ ايندو ته باجا ڍو لڪ گڏ. جمن دربدر گڏ جهمپير ۾ اسان فقيرن جي جهڳي تي راڳ شروع، وڃي صبح ٿيئي بسن پنهنجا پاڻ ۾ جمن دربدر جا آلاپ ۽ قومي گيت حاضرين لاءِ  وڏوي وٿ آهن.

ڪجهه عرصو اڳ ميرحسن آريسر جي ڪتاب جي مهورت روحل واءِ لڳ عمرڪوٽ ۾ ٿي سخت سيءُ هجي، منهنجي طبيعت تمام خراب هئي پر سنگت جي حاضري ضروري هئي، جامي چانڊيو، حفيظ ڪنڀر، تاج جويو، سردار شاهه ،ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا تمام خوبصورت شاعر حاجي ساند، فراق هاليپوٽو ، اشرف پلي ، انعام جهنجي، منور هاليپوٽو ،اياز امر شيخ نور چاڪراڻي ، اقبال رند تمام گهڻا دوست هئا. ان وقت مونکي روحل واءِ جو روح  ڀلو فقير ڏاڍو ياد آيو. روحل واءِ جو هڳاءُ جمن دربدر آهي.

ان سڄي پروگرام جو انتظام جمن دربدر جي هٿ ۾ هو، اصل ڄڻ گهوٽ پيو پرڻائي. ڏاڍو پيار پاٻوهه سان مقالن جي نشست ٻه اڍائي بجي ختم ٿي. مونکي ٻانهن کان وٺي هڪ هنڌائتو ڪري ويهاريائين. سيءَ ۾ ٿڙڪان پيو ته مچ ٻاريائين، ماني کڻي آيو. چيائين يار تون بيمار ماڻهو ماني ته کاءُ، مون به تنهنجي ڪري ماني نه کاڌي آ، وري ٻين سان محفل هلي جمن دربدر هر مهمان اڳيان ٻانهون ٻڌي بيٺو هو. ايڏو پيارو انسان اسان لاءِ هڪ وڏي وٿ  آهي.

گذريل ٻوڏ ۾ سرڪار جن ماڻهن جي مدد نه ڪئي. روحل واءِ تي جيڪي ڪئمپون لڳل هيون ان ۾ جمن دربدر، حاجي ساندڳوٺ جي انهن ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سر جي بازي لڳائي کين ماني ڳڀو ۽ اجهو مهيا ڪيو. وڏي همت ۽ جرئت ڪري ڪئمپ هلايائين.

اسان جڏهن وياسين ته چوڌاري ٻوڏ ستايلن جون جهڳيون هيون. مچ ٻريا پئي ۽ جمن دربدر ڪٿان ڪٿان پٽي سٽي سندن مدد ڪئي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا جي رڳو لفاظي ۽ ٻٽاڪ کان سواءِ سنڌ لاءِ جان جي بازي لڳائي ٿا ڇڏين. جمن دربدر سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ فڪر مان رچي ريٽو ٿيو آهي ۽ سنڌ سندس  ضمير ۽ خمير ۾ شامل آهي.شل وڏي حياتي ماڻي. اسان کي سندس ڪردار مان پرائڻ گهرجي. هي محبتي ماڻهو اسان جي مايوس زندگي لاءِ مثال آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو