Home / ڪور افيئر / جمهوريت ۽ وڪيل ٽرپل ون برگيڊ
above article banner

جمهوريت ۽ وڪيل ٽرپل ون برگيڊ

جڏهن عاصمه جهانگير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر چونڊجي آئي تڏهن ئي اهو نعرو به ٻڌڻ لاءِ ملندو هو ته “چیف تیرے جان نثار ایک دو تین چار”. پر ڪرشما سازن جي حسن جو ڪمال آهي ته جنهن ڏينهن يوسف رضا گيلانيءَ کي نااهليءَ جو تمغو ڏئي ملتان روانو ڪيو ويو

ان ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر وڪيلن جي ٽرپل ون برگيڊ سپريم ڪورٽ ٻاهران چیف تیرے جان نثار ایک دو تین چار”. جا نعرا هڻي جمهوريت کي شڪست ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڪيڏو نه ستم آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمرانيءَ واري نعري هيٺ گڏ ٿيل وڪيلن پنهنجي طاقت جي اظهار لاءِ پاڻ تي ان فوجي برگيڊ جو نالو رکيو آهي جنهن هميشه جمهوريت تي راتاها هنيا آهن. يوسف رضا گيلانيءَ کي نااهل ڪرڻ دراصل جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوشش هئي، خيال اهو هيو ته پيپلزپارٽي ان فيصلي کي قبول نه ڪندي ۽ عدالت مٿان چڙهائي ڪرڻ جي غلطي ڪندي ته فوج جي حقيقي ٽرپل ون برگيڊ اسلام آباد طرف ويندي ۽ پوءِ نه رهندو “چيف” نه رهندو “شريڪ چيئرمين” نه ئي پارليامينٽ جو جاهه ۽ جلوو. پر ڪجهه اهڙو ٿيو جنهن جي اميد نه هئي، پيپلزپارٽي قيادت کي ٻاهرين دنيا به ساراهيو ۽ ملڪ جي سلجهيل ماڻهن به ته عدالت جي فيصلي کي جيئن جو تيئن قبول ڪري آصف زرداريءَ بهتر ڪم ڪيو آهي ۽ ڪرشما سازن جي ڪم ۾ رڪاوٽ وڌي آهي. راجه پرويز اشرف کي حڪومت جي مهنداريءَ جو ذمو ڏيڻ سان ڇا جمهوريت مٿان آيل مشڪل ٽَري ويندي؟ ان جي ضمانت نه پهريان ڪنهن ڏني نه هاڻي ڏئي سگهي ٿو. جيئن سنڌي چوڻي آهي ته “نديءَ ڪناري نينگر نَچي، اڄ نه ٻُڏي سڀاڻي ٻُڏي” وانگر جمهوريت مٿان راتاهو لڳڻ جي تياري هلندڙ آهي.


عدليه جي بحاليءَ کانپوءِ ان جي فيصلن ۽ ڪردار تي عاصمه جهانگير هميشه اعتراض واريندي رهي آهي، عدالت جي ڪردار مٿان هاڻي به سوال اٿاريا ويا جڏهن دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ چونڊيل وزيراعظم کي مٿس لاڳو فرد جرم کان وڌيڪ سزا ٻڌائي وئي. اعتزاز احسن ۽ زاهد بخاري توڙي بابر اعواڻ هميشه چوندا رهيا آهن ته عدالت “فيصلي ڏيڻ جو ذهن ٺاهي ورتو آهي” عدليه ۾ ويٺل ججن جو اِهو ذهن ڪنهن ٺاهيو آهي ۽ ڇو ٺاهيو آهي. ان راز کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ هاڻي ڳُجهه جي ڳالهه ناهي رهي. ڪرشما سازن مٿان الزام آهي ته اُهي عدالت ۽ حڪومت ۾ تڪرار کي ان نقطي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهن ٿا جتي ڪجهه به باقي نه رهي. اهو بحث به ٿيندو رهيو آهي ته هڪ قومي حڪومت جي لسٽ تيار آهي، ڪرشما ساز چاهن ٿا ته صدر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس سڀ گڏجي گهر وڃن ۽ هڪ قومي حڪومت اچي وفاقي حڪومت سنڀالي ۽ صوبن ۾ به پنهنجي پسند جو فارمولو لاڳو ڪري! يوسف رضا گيلاني سوئس عدالتن ۾ آصف زرداريءَ خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪرڻ لاءِ خط نه لکي پارٽي قيادت سان وفاداري ته نڀائي ويو پر جيئن خدشو هيو ته ڪهاڻي اتي بس نه ڪندي ۽ اهو سلسلو اڃا اڳتي هلندو ان حساب سان ئي راجه پرويز اشرف کي به عدالت نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي ته هو خط لکڻ متعلق پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. ملڪ جي اڪثر ماڻهن کي اهو خدشو يا پڪ آهي ته راجه پرويز اشرف به خط نه لکندو جنهن ڪري عدالت کيس به نااهل ڪري گهر روانو ڪري ڇڏيندي.

عدالت جي فيصلي بجاءِ اگر ججز جا رايا ياد ڪجن ته چيف جسٽس فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ اهو چيو هو ته اگر يوسف رضا گيلاني توهين عدالت واري سزا خلاف اپيل ڪري ها ته کيس نااهل قرار نه ڏجي ها. ان حساب سان ته اهو ضروري ناهي ته راجه پرويز اشرف نااهل ٿئي؟ عدالت کيس خط لکڻ لاءِ زور ڀريندي ۽ هُو آئين مطابق صدر کي حاصل ڇُوٽ وارو دليل ڏئي خط نه لکڻ واري ڪهاڻي پيش ڪندو ته عدالت لاءِ کيس نااهل قرار ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. پر اعتزاز احسن جنهن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ جي وڪالت ڪئي، مٿس عدالت جي حامي ۽ پيپلزپارٽي مخالف اينڪر پرسن طرفان اها جُوهه به ٿي آهي ته هن پنهنجي اصيل کي بچائڻ لاءِ سٺا دليل به نه ڏنا ۽ اصيل کي بچائي به نه سگهيو، ان اعتزاز احسن چيو هو ته وزيراعظم کي سزا ان الزام جي ڏني وئي جيڪو مٿس لڳايو ئي نه ويو آهي ۽ کيس پتو هيو ته اها سزا اچڻي ئي اچڻي هئي. اعتزاز احسن جي ان جملي کي بنياد بڻائي اگر حڪومت ۽ عدالت جي ٽڪراءَ کي ڏسبو ته پوءِ موجوده وزيراعظم به ڀلي آئين ۽ قانون مطابق ئي ڇو نه جواب داخل ڪرائي پر کيس جهيڙو وڌائڻ لاءِ نااهلي جي سزا ڏئي سگهجي ٿي. پوءِ به سوال ساڳيو هوندو ته پيپلزپارٽيءَ جو ردعمل ڪهڙو هوندو ۽ ڪيترا وزيراعظم قربان ڪيا ويندا؟

ڪجهه سلجهيل لڳندڙ جيالا چون ٿا ته پيپلزپارٽيءَ کي صبر جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي ۽ 5 وزيراعظم به قربان ڪرڻا پون ته ڪيا وڃن پر عدالت مٿان عوامي چڙهائي نه ڪرائي وڃي، ججن جي بحاليءَ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ، صوبائي سپريم ڪورٽس ٺاهي، افتخار چوڌريءَ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٺاهڻ توڙي پارليامينٽ مان اهڙي ٻي ڪا به اڳرائي نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان موجوده جمهوريت ۽ ايندڙ جمهوريت کي نقصان ٿئي. موجوده جمهوريت کي نقصان پهتو ته پوءِ آصف زرداري صدر جي عهدي تي رهي نه سگهندو ۽ ايندڙ جمهوريت مان پيپلزپارٽي آئوٽ ٿي ويندي، اها به عالم آشڪار ڳالهه آهي. اها ٿيوري پراڻي ٿي وئي آهي ته آصف زرداريءَ کي صدر جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ مخالف ڌر جون سڀ پارٽيون ڪرشما سازن وٽ گڏ ٿي پيون آهن سڀ چاهن پيا ته ايندڙ نگران حڪومت، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ قائم مقام صدر پيپلزپارٽيءَ جي مرضيءَ جو نه هجي. مسلم ليگ (نواز) خاص طور تي آصف زرداريءِ جي سياسي چالن کان ڊنل آهي. ۽ آصف زردرايءَ کي به اها خبر آهي ته اگر هو صدارتي عهدي تان هٽي ويو ته سندس پارٽي ايندڙ اليڪشن ۾ وڏي نقصان جو شڪار ٿي ويندي. ان ڪري هو اگر ويندو به ته ٻين سڀني جو مستقبل به في الحال اونداهو ڪري پوءِ ئي ويندو.

آصف زرداريءَ جي مقابلي ۾ آرمي چيف لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو سياست کان لاتعلق آهي، هن جو اهو مسئلو ناهي ته صدر ڪير آهي يا چيف جسٽس، وزيراعظم ڪير ٿيندو يا ڪير گرفتار ٿيندو، هو پنهنجون پروفيشنل ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. پر شايد اها راءِ جيئن جو تيئن صحيح ناهي. جڏهن مشرف مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪرشما سازن افتخار محمد چوڌريءَ جي بحاليءَ واري تحريڪ تيار ڪئي ته جنرل ڪياني ڊي جي آءِ ايس آءِ هو. ۽ جڏهن کيس بطور آرمي چيف ايڪسٽينشن ڏني پئي وئي ته ان خدشي جو اظهار ڪيو ويو هيو ته هو هاڻي جلد منظر کان پري نه ٿيندو. سندس اهڙين ڳالهين کي ياد ڪري چيو پيو وڃي ته عدالت ۽ حڪومت جي تڪرار جو فائدو اڻ سڌيءَ ريت کيس ۽ مجموعي طور تي دفاعي اداري کي ٿي رهيو آهي. ارسلان افتخار اسڪينڊل وسيلي پارليامينٽ، عدليه ۽ ميڊيا کي گندو ڪرڻ بعد هاڻي ملڪ ۾ تبديليءَ لاءِ “گرتي هوي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” ڏيڻ واري منطِق تي عمل پيو ٿئي. پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جي ديوار اگر ڪِري ناهي به ته ٽيڏي ضرور ٿيل آهي ۽ ڪنهن وقت به ڪري سگهي ٿي اگر عدالت سندن ٻي وزيراعظم کي به نااهل ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن هڪ جيالي عدالت ڏانهن هڪ لفظ جو به پٿر اُڇلايو ته جنگ جا طبل وڄي ويندا. تڪرار جي حل لاءِ صلاح ڏني پئي وڃي ته عدالت اٽارني جنرل معرفت سوئس حڪومت کي خط لکي صدر آصف زرداريءَ خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪرائي. پر موجوده اٽارني جنرل به حڪومت جي اثر هيٺ آهي ۽ شايد خط نه لکي ته پوءِ ڇا سپريم ڪورٽ طرفان خط لکي سگهجي ٿو. ان سوال جو جواب قانوني ماهر ڏئي سگهن ٿا. عاصمه جهانگير ته اهو خيال پيش ڪري چڪي آهي ته سپريم ڪورٽ خط لکي سگهي ٿي پر ظاهر آهي ته اها ڳالهه به حڪومت کي پسند نه ايندي ۽ ان سان به ڇڪتاڻ وڌندي.

امڪان اهي ئي نظر پيا اچن ته عدالت ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي ۽ ان جو اصل فائدو ڪرشما سازن کي ٿيندو. ملڪ مٿان ناڪام رياست جو ٺپو لڳڻ جو انديشو آهي، فوج مٿان نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ جو عالمي دٻاءُ آهي، اصل اختيار پي پي حڪومت وٽ ناهن ته پوءِ اصل فيصلا اِها حڪومت ڪيئن ڪري سگهندي. سڀڪو سمجهي ٿو ته نيٽو سپلاءِ پاڪ فوج جي مرضيءَ سان ئي بحال ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ئي ايساف ڪمانڊر توڙي برطانوي وفد سان ٿيل دفاعي ۽ پرڏيهي معاملن وارين ڳالهين ۾ پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير حنا رباني کر سان گڏوگڏ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ به ويٺل رهيا. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نيٽو سپلاءِ جلد بحال ڪئي ويندي شايد جولاءِ مهيني دوران، پر اها پڪ ناهي ته اها سپلاءِ موجوده حڪومت جي هوندي بحال ٿئي. امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته اگر عدالت ۽ حڪومت ۾ ملاکڙو ايئن ئي جاري رهيو ته ٻَرنديءَ تي تيل وجهڻ لاءِ ملڪ رياض وري هڪ نئون اسڪينڊل سامهون آڻيندو جڏهن ته حڪومت خلاف ايفيڊرين اسڪينڊل جهڙو هڪ ٻيو اسڪينڊل منظر عام تي آڻي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪايو ويندو. مطلب ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جو نينگر اڄ ٻُڏي يا سڀاڻي ٻُڏي واري صورتحال هلي پئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو