Home / افيئر / خوراڪ کاتي جا ڪمال- ٻه لک مڻ ڪڻڪ خراب ڄاڻائي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو
above article banner

خوراڪ کاتي جا ڪمال- ٻه لک مڻ ڪڻڪ خراب ڄاڻائي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو

پيپلزپارٽي حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ تقريبن ڪڻڪ 450 رپيا في مڻ هئي ۽ سنڌ سرڪار 2008 کانپوءِ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ان جو  950 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪيو هو  ۽ هلندڙ سال جي سيزن ۾ ان جو اگهه 1050 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي .جڏهن ته کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 850 رپيا هيو حڪومت 200  روپيا في مڻ تي مهانگي ڪڻڪ خريد ڪئي ان سان آبادگارن کي ته فائدو ٿيو پر سرڪاري خزاني تي اضافي ٻوجهه پيو ۽ هاڻي حالت اها آهي خوراڪ کاتو چوي ٿو ته 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ رکيل آهي. ڇاڪاڻ ته هنن وٽ ڪڻڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گدام موجود نه آهن،مٿان وري ڊزاسٽرمئنجمنٽ اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ سال سڄي صوبي ۾ شديد برساتون پوڻ جا امڪان آهن. اهو به خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته اها اٺ لک ٽن ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ هجڻ سبب خراب ٿيڻ سان سرڪار کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو،


اهي به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته هنن امڪاني برساتن ۾ ڪڻڪ کڻي خراب نه به ٿئي پر ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو جواز ڏئي لکين مڻ ڪڻڪ ۾ گهوٻيون لڳي سگهن ٿيون ۽ اهڙا مثال ماضي ۾ به ملندا رهيا آهن. جڏهن ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ گهوٻيون هڻڻ تي نوشهروفيروز،سکر،لاڙڪاڻو ۽ ڪجهه ٻين ضلعن ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن پر اهي ايترا باثر آهن جو انهن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتار نه پيا ٿين.سنڌ اسيمبلي جي فلور تي خوراڪ کاتي جو وزير ڇاتي تي هٿ هڻي وڏي فخر سان چئي ٿو ته گذريل سال واري ڪڻڪ پرڏيهه وڪرو ڪري سنڌ سرڪار کي هڪ ارب جو نقصان ڏنو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اهو وزير اها ڳالهه ٻڌائي ها ته اسان پرڏيهه ڪڻڪ وڪرو ڪري سنڌ سرڪار کي هڪ ارب فائدو ڏنو آهي .پر افسوس ڪڻڪ جي خريداري دوران ننڍن آبادگارن کي بارداڻو به فراهم نه ٿي سگهيو. انهي مد ۾ به اربين رپين جون گهوٻيون ۾ هنيون ويون .آبادگارن بدران من پسند واپارين کي بارداڻو ڏنو ويو جنهن جي ڪري ننڍي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪار اگهه مان لاڀ حاصل نه ٿي سگهيو. انهن مجبور ٿي ڪڻڪ سرڪاري اگهه کان ٻه سو رپيا گهٽ تي کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري اربين رپين جو پنهنجي گهر کي نقصان ڏنو جڏهن ته ٻي طرف خوراڪ کاتي جي عملدارن جي کاتي ۾ عدم دلچسپي ۽ نااهلي سبب  صوبي جي پنجن ضلعن ۾ هدف کان وڌيڪ خريد ڪيل 2 لک ساڍا اٺ هزارن کان وڌيڪ مڻ ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ پيل هجڻ سبب خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪا ڪڻڪ 8 کان 10 رپيا في مڻ وڪرو ڪئي وئي آهي.

“افيئر” جي ذريعن موجب سنڌ جي خوراڪ کاتي جي غفلت ۽ نااهلي سبب صوبي جي 11 گدامن ۾ پيل ڪروڙين رپين جي 92 هزار 686 ٻوريون يعني 2 لک 8 هزار 543 مڻ ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي جيڪا مالي سال 2009،2010 ۽ 2011ع ۾ خريد ڪئي وئي هئي جيڪا 26 جون تي عام نيلام ذريعي وڪرو ڪئي وئي آهي.اها ڪڻڪ خوراڪ کاتي اسٽيٽ بئنڪ کان وياج تي قرض وٺي 19 ڪروڙ،70 لک،73 هزار،135 رپين ۾ خريد ڪئي هئي ۽ هاڻي ان کي 8 کان 10 رپيا في مڻ يعني ڪل 16 لک 68 هزار 344 رپين ۾ وڪرو ڪئي آهي.خوراڪ کاتي وٺ نئين فصل کي  گدامن  ۾ رکڻ لاءِ جاءِ نه هجڻ سبب اهڙو فيصلو ڪيو ويو.هلندڙ سال به ساڍا 13 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي ۽ خوراڪ کاتي وٽ ڪل 6 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ محفوظ هنڌ رکڻ جي جاءِ آهي ۽ نئين سيزن ۾ ورتل اڌ کان وڌيڪ ڪڻڪ گدامن  کان ٻاهر کليل آسمان هيٺ پيل آهي.خوراڪ کاتي طرفان ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ بدران ان کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان غفلت ۾ خوراڪ کاتي جي انتظاميه ملوث آهي ۽ جاچ کان بچڻ لاءِ انهن اهڙو قدم کنيو آهي.واپارين ۽ فلور ملز مالڪن تي خراب ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي پابندي هوندي.ٻي طرف خوراڪ کاتي طرفان گهرايل آڇن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپورناٿن شاهه مرڪز تي 17 هزار 788 ٻوريون،آراضي مرڪز دادو تي 7 هزار 380 ٻوريون،ڳڙهي خيرو ۾ 26 هزار 575 ٻوريون،سيوهڻ ۾ 3 هزار 23 ٻوريون،مورو ۾ 4 هزار 651ٻوريون،سنجهورو ۾ 6 هزار 963 ٻوريون،لنڊو سانگهڙ ۾ 4 هزار 624 ٻوريون،سرهاڙي سانگهڙ ۾ هڪ هزار 898 ٻوريون،ميرپورخاص ۾ 16 هزار 248 ٻوريون،جهڏو ۾ 2 هزار 274 ٻوريون،ٽنڊومحمد خان ۾ هڪ هزار 262 ٻوريون جيڪا ڪل 40 هزار 943 ٻورين سميت ٻين اڳواٽ پيل ٻورين سميت ڪل ملائي انهن جو انگ 92 هزار 686 ٻوريون بيهي ٿو.

ٻئي طرف فلور ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته سرڪار ڪڻڪ پرڏيهه موڪلڻ بدران اسان کي سبسڊي ڏي ته اسان رمضان ۾ عوام کي سستو اٽو فراهم ڪري سگهون ٿا. ان سان گڏ ڪڻڪ مان سوجي،ميدو ڪڍي اهو اسان پرڏيهه موڪلي ملڪ کي تمام گهڻو معاشي فائدو پهچائي سگهون ٿا پر حڪومت پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم آهي ته هو پنهنجي ڪڻڪ پرڏيهه وڪرو ڪري صوبي کي اربين رپين جو نقصان ڏيڻ چاهي ٿي. اها ساڳي ڪڻڪ فلور ملن کي ڏيڻ سان ٻه فائدا ٿين ٿا،نمبر هڪ صوبي جي عوام کي هن مهانگائي واري دور ۾ سستو اٽو فراهم ٿيندو، ته ٻي طرف اسان جيڪا سوجي ۽ ميدو پرڏيهه وڪرو ڪنداسين ان مان حاصل ٿيندڙ رقم ملڪ ۾ اچڻ سان مالي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو.ملڪ جي معيشت کي فائدو ٿيندو،عوام ۽ واپارين کي فائدو ٿيندو،سرڪار کي پڻ ان جو سياسي ۽ معاشي فائدو ٿيندو. پر لڳي ٿو ته هن جمهوري حڪومت وٽ ڪابه معاشي ٽيم ناهي جنهن جي ڪري هو ان قسم جا غلط فيصلا ڪري رهيا آهن. هنن جو اهو به چوڻ هو ته کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه سرڪاري اگهه کان تمام گهڻو گهٽ آهي. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ ڪڻڪ جو اگهه سرڪاري اگهه کان تمام گهڻو گهٽ آهي،سرڪار بنا ڪنهن رٿابندي ۽ سوچ ويچار جي جيڪي فيصلا ڪري رهي آهي اهي اڳتي هلي ملڪ کي معاشي گهوٽالي ۾ وجهي ڇڏيندا، جڏهن ته ملڪ جي مرڪزي مالياتي بئنڪ پڻ سنڌ حڪومت جي ملازمن جي پينشن ۽ پگهارون ڏيڻ کانسوا باقي ڪاروبار هلائڻ وارا چيڪ روڪي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ تمام وڏو معاشي بحران جنم وٺندو  ۽ سنڌ حڪومت کي عالمي ادارن کان ڳري وياج تي قرض وٺڻو پئجي سگهي ٿو، جنهن جو  بار به عوام تي ئي پوندو.سنڌ جي وڏي وزير به گذريل هفتي سيڪريٽرين جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ فقظ ڇهه مهينا بچيا آهن تنهنڪري سيڪريٽري حڪومتي رٽ کي بحال ڪن ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪندس. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير کي چار سال چار مهينا گذري وڃڻ بعد ياد آئي آهي ته هو سنڌ جو وڏو وزير آهي ۽ حڪومت جي به ڪا رٽ ٿيندي آهي جنهن کي بحال ڪرائڻو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو