Home / افيئر / ذوالفقارآباد، سنڌ جي ساحلي پٽي تي قبضي جي رٿا
above article banner

ذوالفقارآباد، سنڌ جي ساحلي پٽي تي قبضي جي رٿا

اهو سچ آهي ته جيڪڏهن ڪو قدرت کي ڄاڻي واڻي ڇيڙيندو آهي ته قدرت وري ردعمل ڏيکاريندي آهي. اڄڪلهه ذوالفقار آباد جو مسئلو زيربحث آهي. جيڪو خاص طور تي سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ رهندڙ ٻن ضلعن (ٺٽي ۽ بدين) خاص طور تي ٺٽي ضلعي جي عوام لاءِ وبال جان بڻجندو. اهو مختلفن هنڌن تي ٻڌايو ويو آهي ته ٺٽو سنڌ صوبي جو واحد ضلعو آهي جتي جو عوام خاص طور تي ساحلي پٽي جيڪا ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گهوڙاٻاڙي، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن ۾ رهي ٿو سدائين لڏ پلاڻ ۾ زندگي گذاريندو رهي ٿو. جنهن جو وڏو سبب ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ انڊس ڊيلٽا جو تباهه ٿيڻ سان گڏوگڏ لکين ايڪڙ زمين کي سمنڊ جو ڪڙڪائڻ پڻ شامل آهن.

ٺٽي ضلعي جي مٿي ذڪر ڪيل تعلقن جي عوام جو اڳ ۾ گذرسفر اڪثر ڪري زراعت (ڳاڙهن چانورن، جيڪي ڏيساور موڪلي هتي جا ماڻهو خوشحال زندگي گذاريندا هئا)، چوپايومال پالڻ ۽ مڇي مارڻ وغيره شامل آهي. مگر پاڻي هي مسلسل کوٽ نه فقط هتان جي غريب ماڻهن جي گذرسفر کي بري طرح سان متاثر ڪيو آهي بلڪه ساڳي وقت تاريخي حيثيت ۽ رامسر سائيٽ جو درجو ماڻيندڙ انڊس ڊيلٽا پڻ تباهه ٿي چڪو آهي.

اهو ٻڌايو پيو وڃي ته سمنڊ جي تڪڙي کاڌ ڪري فقط ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ تعلقن جون 42 مان 34 ديهون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ پڻ ذوالفقارآباد اسڪيم جو حصو آهن. هن وقت تائين هنن علاقن جي ترقي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي سواءِ هڪ عدد روڊ جيڪوبه هن موجوده حڪومت پنهنجا ڳهجا مقصد ماڻڻ لاءِ، گهاري کان ڳاڙهي تائين ٺهي رهيو آهي.

“اسين محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جا شڪر گذار آهيون جنهن پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ اسان جي شهر ڪيٽي بندر کي بچاءَ بند (پروٽيڪشن وال) ٺهرائي ڏنو ۽ ڳاڙهي شهر کان ڪيٽي بندر تائين روڊ پڻ ٺهرايو جيڪو ڪيٽي بندر پورٽ (جنهنجي پيڙهه جو پٿر حجامڙو ڪريڪ) جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هيو، مگر نوازشريف جي حڪومت ڪيٽي بندر پورٽ کي گوادر، بلوچستان ڏانهن منتقل ڪيو. تنهن کانپوءِ اسانجي علائقي کي بلڪل ننڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو ويو، اهو سڀ محمد صديق، پنهنجي منهن تي مايوسي ظاهر ڪندي ٻڌايو.

صديق وڌيڪ ٻڌايو ته ، ذوالفقارآباد،  اسان جي علائقي جو هڪ ٻيو اهم مسئلو آهي جنهن بابت اسان کي ڪا به ڄاڻ ناهي ته اهو آهي ڇا؟ ڪٿي ٺاهيو ويندو؟ ڪيتري لڏپلاڻ ٿيندي؟ جهڙا ڪيترا ئي سوال اسان جي اٻوجهه ذهنن تي اڀري اچن ٿا. ٿي سگهي ٿو اسانکي زوري پنهنجا پکا ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي جتي اسان جون پيڙهيون دفن ٿيل آهن ۽ اسين سالن صدين کي پنهنجن ڪکاون گهرن ۾ آباد ۽ خوشحال زندگي گذاريندا پيا اچون.

ايوب دٻلو ٻڌايو ته اهو سچ آهي ته اسان اڻپڙهيل ۽ اڻڄاڻ آهيون مگر اسان سان چوٽياري ڊئم ٺاهڻ جو ڊرامو رچائي اتان جي هزارين، لکين مقامي ماڻهن کي ڏنڊي جي زور تي لڏپلاڻ ڪرايو ويو جيڪي اڄ تائين خانه بدوش واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ کين اڄ تائين نه ڪي ڪٿي آباد ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪي مراعتون ڏنيون ويون آهن سو اسين وري ڪيئن ذوالفقارآباد اسڪيم مان ڪا چڱي اميد رکون. اسين اهو به چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته اهو ڌارين کي آباد ڪرڻ جو هڪ ٻيو جامع منصوبو آهي.

ذوالفقارآباد؟

سنڌ اسيمبلي 2010ع ۾ هڪ قانون پاس ڪري ذوالفقارآباد ڊوپلمينٽ اٿارٽي ٺاهي. ذوالفقارآباد، ٺٽي ضلعي جي ڪيٽي بندر، کارڇاڻ، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن تي مشتمل آهي جنهن ۾ تقريبن 64 ديهون شامل هونديون.

ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، چئي ٿي ته مقامي ماڻهن جي سڀني حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ انهن کي علائقي ۾ ٿيندڙ سموري ترقياتي ڪمن ۾ شامل ڪيو ويندو ( جيڪو هڪ خواب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي). ذوالفقارآباد هڪ خاص معاشي خطي جي حيثيت طور چائينا جي سهڪار سان جوڙيو ويندو (جنهنجو تفيصلي ذڪر نصير ميمڻ صاحب پنهنجي آرٽيڪل ڪري چڪو آهي).

طالب جت، جنهنجي عمر تقريبن 80 سال کن ٿيندي جيڪو  ڀوري ڳوٺ ۾ رهي ٿو ( ڀوري، کوڀر ڪريڪ جو وڏي۾ وڏو ڳوٺ آهي جنهن کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته اهو انڊس ڊيلٽا جي ڪڇ ۾ آباد آهي) تنهن ٻڌايو ته اڳ اسين ڏاڍا سکياستابا هئاسين جڏهن سنڌو درياهه پنهنجي موج مستين ۾ وهندو هو اها ڪا گهڻي پراڻي ڳالهه ڪانهي رڳو 10-15سال ٿيندا پر الائي جي ڇا ٿيو ۽ ڪنهن نڀاڳي جي اسانجي درياءَ بادشاهه کي نظر لڳي ۽ پاڻي گهٽجندو ويو.

اسين ڳاڙها چانور (ڳاڙهي شهر جو نالو به ڳاڙهن چانورن پٺيان پيل آهي) پوکيندا هئا سين جيڪي سمنڊ جي پاڙيسري ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا هئا، اسان تمام گهڻو چوپايو مال خاص طور تي مينهون، ڍڳيون هيون سي سڀ ختم ٿي ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي زهريلي پاڻي کين ختم ڪري ڇڏيو. ها اسين مڇي به جهجي ماريندا هئا سين (خاص طور تي پلو مڇي جيڪو هاڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي) اهو سڀ درياءَ ۾ پاڻي ن اچڻ جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان جو انڊس ڊيلٽا پڻ مري رهيو آهي، طالب وڌيڪ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته بابا منهنجا پير ته هاڻ قبر آهن مگر مونکي پنهنجي پچڙن سان گڏ ٻين ڳوٺ وارن جو فڪر پڻ آهي ته انهن جو به الائي جي ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته وري ٻڌون پيا ته اڄڪلهه وري ڀٽي جي نالي تي ڪو شهر ٿا جوڙين جنهن سان هتان جي مقامي ماڻهن کي دربدر ٿيڻو پوندو.

يعقوب مرگر، جيڪو کاروڇاڻ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿو تنهن ٻڌايو ته ڪو اندازو به نٿو لڳائي سگهي ته هنن چئن تعلقن جي ڪيتري آبادي متاثر ٿيندي. هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته هڪ اندازي موجب 337 ڳوٺ متاثر ٿيندا جن ۾ تقريبن 275888 ماڻهو آباد آهن جن کي هتان زبردستي لڏايو ويندو. هي ته ٿيندو هتان جي انسانن جو حشر، ڪنهن کي هتان جي جهنگلي جيوت، تمر جي ٻيلن، مڇي، پکين (سائيبيريا جا پکي جيڪي لکن جي تعداد ۾ هر سال هتي اچن ٿا) انهن جو ڇا ٿيندو.

يعقوب، وڌيڪ ٻڌايو ته هتان جا ماڻهو بنيادي سهولتن جهڙوڪ صحت، تعليم، روڊ رستا وغيره کان بلڪل محرو آهن ڇاڪاڻ ته اڄ تائين ڪنهن به سياسي ۽ سرڪاري نمائندي هن علائقي جي سارسڀال ڪونه لڌي آهي ته اسين غريب وري ڏينهن جو اهو خواب ڪيئن ڏسون ته هن نئين طرز تي آباد ٿيندڙ شهر ذوالفقارآباد ۾ اسان جي هر طرح سان سارسنڀال رکي ويندي.

جاتي تعلقو جيڪو پڻ هن رٿا جو حصو آهي اتان جي رهواسي ذاڪر ٻڌايو ته 2010 ع ٻوڏ دوران سڀ کان وڌيڪو متاثر ٿيندڙ تعلقو جاتي هيو جنهن لڳ ڀڳ 100 ڳوٺ متاثر ٿيا هئا سي ٻن سالن جي گذرڻ کانپوءِ به اڄ تائين ٻيهر آبادڪاري جي مرحلي مان گذري رهيا آهن. ته جيڪڏهن ذوالفقارآباد ٺهيو ته هڪ اندازي موجب فقط جاتي تعلقي جا 100000ماڻهو متاثر ٿيندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو