Home / افيئر / سمنڊ جي رنگين دنيا ۽ هڪ جل پري ڇوڪري
above article banner

سمنڊ جي رنگين دنيا ۽ هڪ جل پري ڇوڪري

 

“ مان شروع کان ضدي رهي هان- ننڍپڻ ۾ مون کي گهٽيءَ ۾ سائيڪل هلائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. بابي جڏهن سائيڪل وٺي ڏني ته گهر ۾ ان جا کوڙ سارا اميدوار پيدا ٿي پيا. ،منهنجا ٽي ڀائر واري واري  تي منهنجي سائيڪل هلائيندا هئا ۽ مان ويٺي ڏسندي هيس يا روئيندي هئس. اسان بلوچ آهيون ۽ اسان جا وڏا سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ واري پٽيءَ تي جپسي ماڻهن جهڙي زندگي گذاريندا هئا.ڀينرون ۽ ڀائر سهڻا ۽ گوري رنگ جا آهن پر منهنجو رنگ ۽ مهانڊا وري ڪجهه گهٽتائي وارا آهن. اهو ڪمپليڪس ۽ احساس به ننڍپڻ کان منهنجي اندر ۾ هو، ان ڪري طئي ڪيو هيم ته اهڙو ڪو ڪم ڪنديس، جيڪو منهنجون خوبصورت ۽ نازڪ ڀينرون ۽ ڀائر نه ڪري سگهن. ان جو هڪڙو سبب اهو به هو ته منهنجي ڀينرن۽ ڀائرن کي سٺن اسڪولن ۾ موڪليو ويو پر منهنجي تعليم ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ورتي  وئي. اها ڪاوڙ به منهنجي اندر ۾ هئي ، انڪري اهو رستو ورتم جيڪو منفرد به هو ۽ خطرناڪ به. اهو سوچي مون گهر کان بغاوت ڪئي ته مون کي پنهنجي ليکي لائف گذارڻي آهي، پڙهڻو آهي ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان ڪراچي اچي ويا هئاسين . سو، مان پڙهڻ ويٺيس ۽ ڇهن سالن ۾ گريجوئيٽس ڪري ڏيکاريم . ڀائرن ۽ ڀينرن جون شاديون پئي ٿيون پر مون ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه پئي ويو ته اها به گهر جي ڀاتي آهي. انهن ئي ڏينهن اخبار ۾ اسڪوبا ڊائيونگ جي سينٽر جو هڪ اشتهار پڙهيم جتي کين آفيس اسسٽنٽ گهربل هئي. سو وڃي پهتس ۽ ايئن سمنڊ ۽ ان جي رنگين دنيا سان منهنجو مُکا ميلو ٿيو. اڄ مان مڇي وانگر سنڌ ساگر جي اونهاين ۾ گهمندي وتان ٿي ۽ مون کي سمنڊ جي اندرين دنيا ٻاهر کان وڌيڪ سهڻي ،رنگارنگي ۽ پر امن لڳي ٿي.”


روشين خان کي جيڪڏهن ڪراچي جي جل پري  چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڊينش رائٽر هانز ڪرسچن اينڊريسن واري اٽل مرميڊ ڪو پن هيگن جي ساحل تي ويٺي سمنڊ کي تڪيندي رهي ٿي. جڏهن ته ڪراچي جي جل پري روشين خان اونهاين ۾ اوهري گهاتُن وانگر سمنڊ کي سوڌي اندر موجود رنگ رنگ جي رعنائين جو احوال ڏئي ٿي،- نه رڳو ايترو بلڪه روشين ٻين ماڻهن کي به سنڌ ساگر جي اونهاين ۾ اوهري هلڻ جي سکيا ڏئي ٿي، سندس انهيءَ صلاحيت جي ڪري کيس عرب ملڪن ۽ ترڪيءَ جي حڪمرانن کي به تربيت ڏيڻ جو موقعو مليو آهي. هن وقت هوءَ پاڪستان سميت چئن پنجن ملڪن ۾ واحد ڇوڪري آهي جيڪا ماسٽر اسڪوبا ڊرائيونگ انسٽرڪٽر آهي. اچو ته روشين جون  ڳالهيون شيئر ڪيون

“ مون ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته مان ڪا غوطي خور (گهاتو؟) ٿيندس. مون کي ترڻ ئي نه ايندو هو ۽ پاڻي کان ڊڄندي به هيس پر اهو منهنجي گهرڀاتين جو مون سان سلوڪ هو، جنهن جي ڪري مان ضد ۾ اچي ترڻ ۽ پوءِ غوطه خوري ڪرڻ سکيس  ۽ هاڻي ٻين کي سيکاريان ٿي.اصل ۾ اهو ايئن ٿيو هو جو اسڪو با سينٽر ۾ نوڪريءَ دوران اسان بلوچستان جي چرنا ٻيٽ تي ويا هئاسين. اتي مان ڪناري تي ويٺي هيس. ماسٽر اسڪوبا ڊائيونگ ٽرينر يوسف علي ۽ ان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون، گئس ماسڪ لڳائي سمنڊ ۾ لهي ٿي ويا ۽ جڏهن اهي ٻيهر پاڻي جي مٿاڇري تي اڀري ٿي آيا ته سندن چهرا خوشي مان ٻهڪندي ٿي نظر آيا، ڄڻ وڏو ڪو ڪارنامو ڪري آيا هجن- انهن کي ڏسي مون طئي ڪيو ته مان به اهڙو ترڻ ۽ ٽٻي ڏيڻ سکندس ۽ ان ۾ ڪمال حاصل ڪنديس- پوءِ مون اهو مقصد ماڻي ورتو . شروع ۾ ڪجهه ڊپ ٿيو. هو م پر پوءِ مزو اچڻ لڳو ۽ اونهاين جي دنيا جا رنگ وڻڻ لڳا.ان کان پوءِ مان انڊر واٽر فوٽو گرافي جي تربيت ورتي ۽ هاڻي انهيءَ فن ۾ به مان هن ملڪ جي واحد ڇوڪري آهيان جيڪاانڊر واٽر فوٽوگرافيءَ جي ڊگري رکي ٿي. اها خبر جڏ هن منهنجي گهر ڀاتين کي پئي هئي.ته انهن منهنجي سمنڊ ۾ لهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. انهيءَ جي باوجود مون پنهنجو ضد نه ڇڏيو ۽ ڪم سان لڳي رهيس ۽ نيٺ پاڻ کي منفرد ثابت ڪري صلاحيتون مڃايم”

روشين خان سنڌ ساگر ۾ موجود جيوت کي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ جو ڪم به ڪيو آهي.2005 ۾ هن ڊبليو ڊبليو ايف جي سهڪار سان گرين ٽرٽل ( سائي ڪميءَ ) جي ختم ٿيڻ بابت هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي. ان کانسواءِ هن سپين، ڪوڏين ۽ مرجان جي حوالي سان به تحقيق ڪئي آهي. سمنڊ ۾ خطرناڪ صورتحال به پيدا ٿي سگهي ٿي. اهڙو واقعو روشين هيئن ٻڌايو.

هڪ ڀيري مان ۽ منهنجو ماسٽر ٽرينر ڪراچي کان اندر اونهي سمنڊ ۾ اندر هئاسين ته مون کي تري ۾ ڪاشيءِ رکيل نظر آئي، مان ان ڏانهن وڌڻ لڳس ته ماسٽر مون کي هڪدم ٻانهن کان سٽ ڏئي روڪي ورتو ته ان کي نه ڇهجانءِ ،مان سندس ڳالهه مڃي ۽ ٻئي پاسي نڪري  ويس پوءِ جڏهن مٿاڇري تي آياسين ته ماسٽر ٻڌايو ته اهو بم هو جيڪو اتفاق سان سمنڊ ۾ ڪريل هو ۽ ڦاٽو نه هو ، پوءِ اسان ان بم جي لوڪيشن واسطيدار اختيارين کي ڏسي ته انهن اتان ڪڍي ان کي بيڪار ڪيو. ان کانسواءِ سمنڊ ۾ خطرناڪ مڇيون به سامهون اچي ٽڪرائجن ٿيون، جن کان پاسو ڪرڻ ۾ بچت هوندي آهي، انهن جاندارن سان نه فقط اسان جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو بلڪه اهي اسان جي اوزارن يا گئس ماسڪ کي به نقصان رسائي پريشان ڪري سگهن ٿا.اسڪوبا ڊائيونگ تمام مهانگو شوق آهي. گئس ماسڪ ٽينڪ، غوطه خوريءَ وارو خاص لباس، گهڙي، ڪمپاس جهڙا اوزار تمام مهانگا ملن ٿا.

سمنڊ ۾ ڏهه فوٽ اونهائي کان هيٺ روشني ختم ٿيندي ويندي آهي. سٺ فوٽ اونهائي ۾ رنگ نظر اچڻ بند ٿي ويندا آهن. انهيءِ لاءِ خاص واٽرپروف ٽارچ ٻاري ماحول جو نظارو ڪبو آهي هي منفرد شعبو آهي،جنهن ۾عورتون تمام گهٽ آهن. انهيءَ ڪري مون کي شروع شروع ۾ ماڻهن کي سکڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ ڪافي مشڪلا تون پيش آيون. ڇاڪاڻ ته پاڪستاني مرد ڪنهن ڇوڪريءَ کان ڪا ٽريننگ وٺڻ يا ڪو فن سکڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجهن ٿا، بعد ۾ جڏهن مون ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي وڏن ماڻهن ،سفيرن ،شاهي گهراڻن سان لاڳاپيل ماڻهن کي غوطي خوريءَ جي سکيا ڏني ،تڏهن پاڪستانين کي به ريس آئي ۽ انهن مون کان سکڻ شروع ڪيو. هن شعبي ۾ حڪومتي سرپرستي نه هجڻ ڪري به مسئلا وڌيل آهن. سنڌ ساگر جي اندر جي دنيا تمام شاندار آهي. چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ جي دنيا ئي ٻي نظر ايندي آهي. فلوري سينٽ لائٽنگ وارو وايو منڊل هوندو آهي. مڇيون آرامي هونديون آهن ڪورل ريف جا ڪلر ڪنهن ٻي دنيا جو ڏيک ڏيندا آهن خاص طور تي 2004ع وارو سونامي طوفان اچڻ کانپوءِ اسان جي سنڌ ساگر اندر نون عجيب رنگن ۽ سهڻن پيٽرنزواري ڪورل ريف پئدا ٿي آهي، پر عام ماڻهو ته ڇا نيوي وارن جو به سمنڊ جي انهن سهڻن نظارن ڏانهن ڌيان نه ٿو وڃي. مان ۽ منهنجا ٻيا ساٿي لڳاتار انهيءَ ڪوشش ۾ آهيون ته سمنڊ جي سونهن کي ماڻهن تائين پهچايون. دعا ڪريو ته اسان انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو