Home / افيئر / سنڌ ۾ ٽين مهاٻوڏ جو خطرو : بدين ٻُڏي ئي ٻُڏي
above article banner

سنڌ ۾ ٽين مهاٻوڏ جو خطرو : بدين ٻُڏي ئي ٻُڏي

برساتن ۽ ٻوڏ جي مند سر تي چڙهي آئي آهي. 13 جون جي شام ۽ رات جوٿرپارڪر ضلعي جي ٽن تعلقن مٺي، ڇاڇرو،۽ ننگر پارڪر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات تيز هوا کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وٺي.13 ۽14 جون تي لاڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ ايتري ته سخت گرمي هئي جو ڪيرائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا.سج موتمار گرمي سان گڏ شام جو برج ۽ ڏونگرن جهڙا ڪارا ڪڪر اڀ ۾ نمودار ٿيڻ لڳا  ۽ رات جو کنوڻن جا تجلا پڻ لاڙ جا ماڻهو  پسي رهيا آهن . هن سال هي سڀ علامتون آڳاٽي سانوڻ جي تيز مينهن جون آهن. افسوس جو اسان واري ولاسو.ونگو ۽ بدين واري علائقي جا موسمن تي انتهائي گهري نظر رکندڙ چاچا ڪانڊيرو جت ، فقير الياس جمالي ۽ وريام ملاح جهڙا جهونا پارکو سگهڙ هن وقت  اسان وٽ موجود ناهن.جيڪي مرحيات آيل خطرناڪ موسمي ڦير گهير جي باوجود پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي سگهه وسيلي اڳواٽ هوا،گرمي ۽ سورج منڊل جي نکٽن جي مشاهدي مان جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ ئي ٻڌائي سگهندا هئا ته هن سال جو سانوڻ سڪار ۽ ڏڪار وارو آهي يا مورڳو ٻوڏ ايندي. نيشنل ڊزاسٽرمينيجمنٽ جو هاڻوڪو چيئرمين ظفر اقبال قادر ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان سواءِ ٽي وي چئنلن تان سنڌ جي ماڻهن کي اڳواٽ اهو لڱ ڪانڊاريندڙ چتاءُ ڏئي رهيو آهي ته هن سال سڄي ملڪ سميت خاص طور تي سنڌ ۾ 2010ع ۽ 2011 جي مها ٻوڏن کان به ڪيترائي ڀيرا خوفناڪ دريائي ۽ برساتي خوني ٻوڏون اينديون. هو صاحب وفاقي ، سنڌ حڪومت ۽ واسطيدر ادارن کي باربار خبردار ڪري رهيو آهي ته اهي دريائي بند مضبوط ڪرائين . ايل بي او ڊي جي خوني راڪاس جو اڳواٽ ڪو  بندو بست ڪن. ٻي حالت ۾ سنڌ ۾ هن سال هڪ وڌيڪ مها ٻوڏ وگهي خو فناڪ تباهي ايندي.


هڪ طرف اين ڊي ايم اي جو چيئرمين وفاقي ۽ سنڌ حڪومت توڻي لاڳاپيل ادارن اڳيان هاءِ گهوڙا ڪري خطري جا گهنڊ وڄائي رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جو آبپاشي وزير سيف الله ڌاريجو ۽ آبپاشي سيڪريٽري کانسواءِ سنڌ حڪومت جا ڪي وزير ۽ مشير سڀ خير آهي سڀ خير ٿيندو. خطري جي ڪابه ڳالهه ناهي دريائي ٻوڏ اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ايل بي اوڊي تي هلندڙ ڪم تيزي سان جاري آهي پراڻ ۽ هاڪڙي سميت پاڻي جي سڀني قديمي درياهن ۽ ڍورن لنگهن تان سولائي سان گذاري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ وارو ڪم اسين 30 جون ڌاري مڪمل ڪرائي ڇڏينداسين . جنهنڪري هن سال سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جي اچڻ جو  ڪوبه امڪان نه آهي، جهڙا راڳ ميڊيا ذريعي آلاپي رهيا آهن. سنڌ جو آبپاشي وزير، مشير ۽ ٻيا آبپاشي،سيڊا جا اهلڪار ميڊيا تي ڏنل پنهنجي بيانن ۾ اين ڊي ايم اي جي هرهر جاري ڪيل وارننگ جو ڪونوٽيس وٺڻ جي بجاءِ مورڳو اهو چئي رهيا آهن ته هن سال ڪي به وڌيڪ تيز برساتون نه پونديون ۽ نه ئي ڪا خطرناڪ درياهي ٻوڏ ايندي.هو چون ٿا ته اين ڊي ايم اي جو سربراهه غلط بياني ڪري اجايو سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ جو ڊپ پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو حيران آهن ته آخر سچو ڪير آهي ؟ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين غلط بياني ڪري اجايو سنڌ ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪري رهيو آهي. يا سنڌ جو پاڻي وزير، مشير،آبپاشي ۽ سيڊا جا واسطيدار اهلڪار جن تي اربين روپيا هڙپ ڪرڻ جو الزام آهي. اهي پنهنجي ڪيل ڪرپشن کي لڪائڻ ۽ سنڌ کي لاڳيتو ٽئين سال به هٿرادو طور  ٻوڙائي تباهه ڪرائڻ لاءِ سنڌي عوام کي مغالطي ۾ رکي هڪ ڀيرو ٻيهر سنگين ڏوهه ڪري رهيا آهن. سنڌ جي پاڻي وزير ۽ واسطيدار سرڪاري اهلڪارن کان سواءِ پاڻي ماهر ۽ ڪنسلٽنٽ  ادريس راجپوت  جو پڻ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين تي پاور تيزي سان چڙهي رهيو آهي.. هو صاحب پنهنجي  هڪ ليک ۾ ايل بي او ڊي ۽ پاڻي جي نيڪال وارن قديم قدرتي لنگهن جي بحالي وارن هلندڙ ڪمن جي مڪمل ٿيڻ تي وري به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس پاڻي جي نيڪال وارن قدرتي لنگهن جي بحالي ۽ ايل بي او ڊي تي هلندڙ جڳاڙي نالي ماتر خانه پوري واري ڪم توڻي ايل بي او ڊي جي تباهه ٿيل سم نالن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش ۽ ايل بي او ڊي جي سم نالن جي پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جا سمورا رستا بند هجڻ جي پيرائتي ڄاڻ آهي. پر ڪن اڻڄاتل مصلحتن ۽ مجبورين جي ڪري ادريس راجپوت اهو ٻڌائڻ لاءِ هرگز تيار ناهي ته اڪيلي ڊي پي او ڊي ۽ شڪور ڍنڍ رستي ڪوري ڪريڪ ذريعي پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري قديمي قدرتي لنگهه کي ڀارت رڻ ڪڇ جي ڀڪ ڀارت جي عالمي سرحدي دنگ وٽان 10 فوٽ اوچو ۽ 30 فوٽ ويڪرو مضبوط بند تعمير ڪري ان مٿان رستو ٺاهي ڇڏيو آهي.  ۽ ڪوري ڪريڪ ڏانهن ويندڙ پاڻي جي قدرتي گذرگاهه جي رستي واري اونهي کڏ ڪونج سرکاٽي کي انڊيا جي ماهرن بند ڪري ڇڏيو آهي.جنهنڪري گذريل سال جي مهاٻوڏ جو ڊي پي او ڊي وارو پاڻي سمنڊ ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ انڍيا جي روڊ سان ٽڪرائجي واپس بدين ضلعي جي حدن ۾ ڪي پي او ڊي سم نالي ۾ داخل ٿي رهيو هو. ساڳي طرح ادريس راجپوت  ميڊيا ذريعي سنڌي عوام کي  چٽن اکرن ۾اها زميني حقيقت به بڌائڻ  لاءِ تيار ناهي ته ڪي پي او ڊي جو پاڻي سمنڊ سان ڳنڍيل جنهن ٽائينڊل لنڪ ڊرين رستي شاهه سمابو ڪريڪ وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو اها 42 ڪلوميٽر ڊگهي ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ان تي تعمير ٿيل ڪوالري ويئر اسٽرڪچر 1999 ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان کان هڪ سال اڳ سگهارين سامونڊي ويرن جي سٽ نه سهي مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو . اهڙي طرح ايل بي او ڊي جو ميگا پراجيڪٽ جنهن تي واپڊا وارن اٽڪل 60 ارب روپيا دڦ ڪيا، جنهن  ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي ويئي. اهو منصوبو فقط ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو.ان وقت کان ايل بي او ڊي بدين جي لکين ماڻهن لاءِ  موت جي علامت بڻجي وئي.1999 ع جي سامونڊي طوفان، 2003ع جي ڀيانڪ خوني ٻوڏ ۽ 2011ع جي مهاٻوڏ جون تباهه ڪاريون ايل بي او ڊي جي ان آفت سبب آيون، جن خطرناڪ ٻوڏن جو سڌي طرح سان نشانو بدين ضلعو بڻيو آهي.تباهه ٿيل ٽائيڊ ل لنڪ ڊرين جون 1998 ع کان سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي بجاءِ الٽو هزارين ڪيوسڪ سامونڊي پاڻي سان تار ٿي ابتو بدين طرف وهي رهي آهي.ڇا پاڻي ماهرن کي اها خبر ناهي ته ايل بي او  ڊي جي آفت کان اڳ سمنڊ اٽڪل 100 ڪلوميٽر اڳتي اچي سنڌ جي اڳوڻي تخت گاهه ۽ شهيد دودي سومري جي مزار روپا ماڙي لڳ ڇوليون هڻي رهيو آهي. ٽائيڊل لنڪ جنهن جو پيٽ ميلن تائين ويڪرو ۽ سوين فوٽ اونهو ٿي ويو آهي. جنهن وسيلي سمنڊ تيزي سان بدين ضلعي کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ڇا ان ٽائيڊل لنڪ ڊرين کي منهن کان بند ڪرڻ لاءِ هيل تائين ادريس راجپوت  پنهنجي طرفان ڪو پروپوزل پيش ڪري ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون آهن؟ ادريس راجپوت اهو ڄاڻيندي ته ايل بي او ڊي  ۾ مٿين چئن ضلعن نواب شاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٿرپار ڪر جي ڊرين ابتو وهي بدين ضلعي کي ٻوڙي رهي آهي. ڊي پي او ڊي جي شڪور ڍنڍ رستي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري قديم قدرتي رستي کي انڊيا وارن بند ڪري چڏيو آهي. هاڻ ايل بي او ڊي جي سڀني مين سم نالن جا سمنڊ ۾ ڇوڙ وارا سڀئي رستا بند ٿي ويا آهن ته پوءِ برساتي ٻوڏن وارو اهو  پاڻي آخر ڪٿان نيڪال ٿيندو؟ جنهن پاڻي جي نيڪال وارن مختلف منصوبن تي اربين رپيا دڦ ڪيا پيا وڃن. مٿان کان قديم قدرتي درياهي وهڪرن کي بحال ڪري هزارين ڪيوسڪ پاڻي کي بدين ڏانهن موڪليو پيو وڃي ۽ اڳيان سمنڊ ڏانهن پاڻي جا سڀئي رستا بند ٿيل آهن جنهن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ صاف ظاهر آهي ته هاڻ بدين ضلعي جي 18 لک آبادي  جي جيئڻ جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن.هن سال جيڪڏهن تيز برساتون پيون ته بقول بدين جي آبادگار اڳواڻ ۽ پاڻي ماهر سيد مظفر علي شاهه جي ته بدين ضلعو 100 ٻڏي ويو.

سيڪڙو بدين مان چونڊيل ايم اين اي هن وقت با اختيار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آهي. مرزا خاندان بدين ضلعي کي پنهنجو گهرسمجهڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. سندن شگر ملون ۽ زرعي فارم پڻ بدين ضلعي ۾ آهن هن وقت بدين ضلعي جو وجود  خطري ۾آهي. آخر کين وري به ووٽن لاءِ بدين ضلعي جي عوام وٽ اچڻو آهي. انڪري کين گهرجي ته اهي بدين کي بچائڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي ٻوڏ جي آفت اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجو  ڪردار ادا ڪن ۽ بدين جي ماڻهن کي گهرجي ته اهي اٿي کڙاٿين ۽ بدين ضلعي جو وجود بچائڻ لاءِ ميدان تي نڪرن. مٿين قابل ذڪر ضلعن کانسواءِ هاڻ ٽنڊوالهيار ۽ عمر ڪوٽ جي ضلعن مان به نوان سم نالا کوٽائي ٻوڏ واري پاڻي جو رخ بدين طرف ڪيو پيو وڃي.مٿين ٽن ضلعن جو پاڻي بدين ڏانهن کڻي ايندڙ اسپائينل ڊرين کانسواءِ قديم درياهه پراڻ جي کاٽي ڪرائي ان جي فقط هڪ پاسي وارو بند ٻڌي ان پاڻي کي به ايل بي او ڊي جي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندڙ 33 سال اڳ ۾ کوٽايل سم نالي ڊي پي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي.جڏهن ته مذڪوره سم نالي جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش فقط اڍائي هزار ڪيوسڪ آهي. جنهن جي ٻنهي پاسن جا بند پٽ ٿيل آهن. جنهن سم نالي جي 33 ورهين جي عرصي ۾ ڪابه کاٽي نه ڪرائي وئي آهي. ان سم نالي ۾ پراڻ ڍوري مان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ جي اربين روپين جي لاڳت واري هڪ منصوبي تي ٺيڪيدارن طرفان ڪم جاري آهي. شڪور ڍنڍ وٽان پاڻ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري رستي کي ڀارت بند ڪري ڇڏيو آهي تڏهن به اتان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي.جيڪو 20 هزار ڪيوسڪ اصافي پاڻي يقين طور بدين ضلعي کي ابتو اٿلي پهرين ڌڪ ۾ ٻوڙي  ڇڏيندو.ايل بي او ڊي جي سم نالن کي گذريل مهاٻوڏ ۾ پيل گهارن کي بندن ڪرڻ لاءِ ليفٽ بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ طرفان مختلف ٺيڪيدارن کي مختلف ڏيڍ ارب روپين جا جيڪي ٺيڪا ڏنا يا آهن انهن ٺيڪيدارن خلاف هر طرف آبادگارن جي رڙ آهي ته نالي ماتر گهارا بند ڪيا پيا وڃن جيڪي گهارا برساتن ۾ پهرين ڌڪ سان لڙهي ويندا.ٺيڪيدارن جي ڪمن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جون دانهون ٿي رهيون آهن. ٺيڪيدار خانه پوري وارو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جو الزام پڻ ايريا واٽر بورڊ جي چئيرمين تي لڳي رهيوآهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هن سال به جيڪڏهن گهڻيون برساتون پيون ته هن ئي حڪومت جي دور ۾ ٽيون ڀيرو سنڌ ٻڏي تباهه ٿي ويندي، جنهن جو وري سڌو نشانو بدين ضلعو بڻجندو .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو