Home / افيئر / سنڌ ۾ پنڻ جي پٽ
above article banner

سنڌ ۾ پنڻ جي پٽ

پهرين تعليم سانگي پنهنجي والد سان گڏ ۽ پوءِ ماستري سانگي،  سڄي سنڌ ته نه پر سنڌ جاڳچ ضلعا گهميا اٿم. انهن ضلعن ۾ ٿرپارڪر، ميرپوخاص ،سانگهڙ ، نواب شاهه، نوشهرو فيروز ۽ جيڪب آباد ضلعا اچي وڃن ٿا.

کُند کُند ڪرڻ جي عادت شروع کان ئي هئي، ٻيو ته گهڻو ڪجهه ڏٺم پر انهن ضلعن ۾ ڪنهن به اَڀري سڀري سنڌي کي خيرات وٺندي ڪون ڏٺم. ڪڏهن ڪو ڇٽي ڇماهي  سنڌي پنندي نظر ايندو هو سو به ڪو ڪو معذور هوندو هو، جنهن جو ڪو ڌڻي سائين نه هوندو هو ۽ نه ئي ڪو ڳوٺ راڄ. جي ڪنهن ڳوٺ راڄ ۾ به معذور هوندو هو ته گهر وارا ۽ راڄ ڀاڳ وارا خواري جي ڊپ کان پنهنجو پيٽ ڪاٽي به معذور جي پرگهور لهندا هئا ۽ کيس پنڻ لاءِ ٻاهر نه ڇڏيندا هئا ته خواري جو کارو نه کڻن . انهي زماني ۾ ضلعو ٿرپارڪر ته سڀني ضلعن کان وڌيڪ غريب هوندو هو. پر ڏڪار اچڻ کان پوءِ به ماڻهو ڌنڌي سانگي بئريج ايريا جي سائي پٽ ۾ لنگهي ويندا هئا، پر ڪڏهن به پنڻ ڪو نه سکيائون. مري مٿو ڏبو پر پنبو ڪونه. البت انهي زماني ۾ ڪي خانه بدوش ذاتيون يا ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ پنندي ضرور ڏٺاسين. جن جو ڌنڌو ئي اهو هو. ڪي خانه بدوش ته تماشو ڏيکاري يا مرليون وڄائي ۽ نانگ ڏيکاري پنهنجي انهي ڌنڌي جو معاوضو بنا ڪنهن گهر جي وٺندا هئا. اها خيرات نه پر ڌنڏي جو معاوضو هوندو هو. آمدني جي گهٽ ذريعن جي باوجود وياج تي قرض وٺي گذارو ته ڪبو هو پر ڪنهن جي اڳيان خيرات لاءِ هٿ ڪو نه ٽنگبو هو. ڏئي وٺي واٽ ويندي ڪنهن ڳوٺ جي اوطاق ۾ وڃي اها هڪل ڪبي هئي ته“ ماني کاراءِ”. مزمان نيٺ به مزمان هوندو هو. مزماني کي ڪنهن به صورت ۾ خيرات چئي نٿو سگهجي. اهي ڏينهن آيا ويا ٿي ويا. جنهن زماني ۾ نوازشريف ٻيو ڀيرو وزير اعظم ٿيو ته اڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئر مين هن دور جي مشهور صحافي نذير  ناجي کي مقرر ڪيائين. اڪيڊمي آف ليٽرس هر سال اديبن کي وظيفو ڏيندي هئي.، جنهن ۾ چئني صوبن جا اديب ۽ شاعر اچي ويندا هئا ۽ وظيفو  به معمولي قسم جوهوندو هو. سو سنڌ مان سنڌي اديبن ۽ شاعرن جون وظيفي لاءِ درخواستون پهچي ويون. انهن درخواستن جي اسڪروٽني ڪرڻ لاءِ هر ٻولي مان هڪڙو هڪڙو ليکڪ گهرايو ويو ته ٻئي جيڪي وظيفي جا مستحق انهن جي چونڊ ڪري ڏيو. مون کي سنڌي زبان جي کاتي ۾ گهرايو ويو. جڏهن درخواست ڏيندڙ اديبن  ۽ شاعرن جي فهرست منهنجي حوالي ڪئي وئي ته منهجا وڻ وڄي ويا ۽ پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي. آئون سڄو دونهاٽجي ويس ۽ چهڪ  ڏي ته رت ڦڙو به نه نڪري. سڄي خواري هن بندي مٿان اچي ٽٽي. ڪارڻ ٻه هئا. هڪ ته سنڌي اديبن جي فهرست ٻين ٻولين جي اديبن کان ڊگهي هئي. جنهن ۾ ڪجهه ڄڻا ته مورڳو ڪنهن به ليکي ۾ نه اديب هئا ۽ نه شاعر هئا. ٻيو ڪارڻ اهو هو ته صرف ٻن نثر نگارن کي ڇڏي ڪري ٻيا سڀ اديب ۽ شاعر سکيا ستابا هئا. مڇي ماني وارا هئا ۽ هڪڙو ڄڻو ته پنهنجي تڏي منهن وارو به هو مرتا، ڪيا نه ڪرتا . پهرين ته منجهي بيهي رهيس، پر پوءِ ڏندن تي ڏئي فيصلو ڪيم ۽ انهن ٻن نالن کي ڇڏي ٻين نالن مٿان ڳاڙهي ليڪ ڦيري نوٽ هڻي ڇڏيم. ڪنهن مجبور ماڻهو جي مالي امداد ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي ۽ نه ئي وري وٺڻ ڪو ڏوهه آهي. پر وٺڻ وارو به ته مستحق هجي ته سهي. ايئن خواري جو کارو کڻي واپس پهتس، منهنجي وهم و گمان ۾ به نه هو ته سنڌي اديب ۽ شاعر ايترو هيٺ لهندو .

 

 

پر سال ڏکڻ سنڌ ۾ جيڪا ٻوڏ آئي ته ظاهر آهي ته ماڻهن کي امداد وٺڻ جي ضرورت  هئي. ٻين ملڪن جيڪا امداد موڪلي ڏني انهي ته ورهائيندڙن جي پيٽ ۾ هلي وئي. جيڪو ڪڏهن به ڀرجڻو ناهي،پوءِ  اهي سرڪاري هجن يا غير سرڪاري. نتيجو اهو وڃي نڪتو جو ٻاهرين ادارن اسان ماڻهن تي اعتبار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو. ڪا ڳالهه لڪي ڪانه ٿي رهي، ڌڻين تائين پهچيو ٿي وڃي. اهو ته ٺيڪ ،پر جيئن ته منهنجي ڳوٺ وڃڻ جي واٽ ماتلي ۽ ڊگهڙي مان ئي لنگهه آهي، جتي سنڌي ڳالهائيندڙ پنجابي تمام گهڻا رهن ٿا. اتي جڏهن واڳوئن کان بچيل ٿوري گهڻي سرڪاري امداد پهتي ته ماڻهو پنهنجا نالا لکائڻ لاءِ مڙي ويا. آئون انهن پٽن کان چڱي طرح واقف آهيان ۽ خبر اٿم ته ڪيترائي سنڌي پنجابي به ڳچ تعداد ۾ اهڙا آهن جيڪي غربت جي زندگي گذاريندا آهن. امداد جي موقعي تي هڪڙي به سنڌي پنجابي پنهنجو نالو ڪونه لکرايو.پر اصلي ۾ سنڌي نالولکڻ وارن مٿان مڙي ويا. ٺيڪ آهي ٻوڏ جا ستايل آهن ، امداد وٺڻ ضروري آهي، پر جيڪڏهن ڪو مستحق ناهي ته اهو پنهنجو نالو نه لکرائي، پر ڪيترن ئي غير مستحق ماڻهن نالا لکرايا، جيڪا ڏکوئيندڙ حقيقت هئي. اهو ته ڇٽو پر ٽنڊو محمد خان ضلعي کان وٺي عمرڪوٽ ضلعي تائين ڪيترن ئي زميندارن هارين جي وڪالت ڪندي سندن نالي تي ڳوڻين جون ڳوڻيون امداد ۾ وٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏيون ۽ مسڪين هارين کي ٻڪ به نه مليو. امداد جو سامان کائڻ به ته خيرات وٺڻ ٿئي ٻيو ڇا.

ٿورا ڏينهن ٿيا آهن جو فزيوٿراپي جي ڪري هلڻ جهڙو ٿيو آهيان سو ،سوچيم ته جيڪا اخبارن ۾ رڙ  ٿئي پئي  ته ڏسان ته آهي ڇا؟ اخبار پڙهڻ ٻي ڳالهه آهي، اکين سان ڏسڻ ٻي ڳالهه. سو ٻه ٽي ڀيرا اهڙن هنڌن جا چڪر ڪاٽيم ته ڏسان ته سهي ته بي نظير سپورٽ پروگرام جو ڇا حال آهي . في ماڻهو هزار روپيو في مهينو، ڏيو منهن. پر انهن مرڪزن تي مون کي اهڙا مرد ۽ عورتون نظر آيا. ڪيترائي مرد اهڙا به ڏٺم جن جي هٿن ۾ موبائل به هئا، ڪيترن کي  ته واچون به ٺاهوڪيون ٻڌل نظرآيون ۽ گندي ڪپڙو مون کان وڌيڪ سٺو پيل هئن. اهي ڪن عورتن جا وارث ٿي هزار روپيا پنڻ آيا هئا. ڪيئي اهڙيون عورتون به ڏسڻ ۾ آيون ، جن کي ڪارا برقعا، ريشمي ڪپڙا ۽ سٺا جوتا پاتل هئا. ڪي اهڙيون به ڌريون هيون جن جو ڀاڙي ڀتي ۽ کاڌي پيتي جو خرچ ذر ذر سينٽرن تي اچڻ جي ڪري هزارين روپين کان وڌي چڪو هو، پوءِ به خيرات جا هزار روپيا کين پيارا هئا،سو به سرڪاري ڌرين جي رشوت ڪاٽي پوءِ ٿي ورتائون.

اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ کان پوءِ پاڻ کي ته محسوس ٿيو ته پنڻ جو ڌنڌو هڪ اداري جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، اها موجوده حڪومت جي مهرباني آهي، کين چئجي ته ڇا چئجي خيرات کي Institutionalizeڪيو ويو آهي، سو به سنڌ جي تاريخ جي چڱي نالي ۾ . هئڻ ته اهو کپي ها ته هر ضلعي ۾ ڪي چونڊ ماڻهو ڇڏجن ها، جيڪي عورت کي ايڊوانس ڏيئي ڀرت جو ڪم  يا تيلي جو ڪم ڪرائيو وڃي ها، پوءِ اهي نادر نمونا تمام سٺي اگهه ۾  خريد ڪري ملڪ جي وڏن شهرن ۾ وڪري لاءِ ڇڏيا وڃن ها يا ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلي( جتي اهڙن ڪمن جو وڏو مارڪيٽ  موجود هجي) زرمبادلو به ڪمائي ۽ پورهيت عورتن کي ڀرپور معاوضو ملي وڃي ها.

وڏي ڳالهه ته عورت کي جڏهن اها مالي آزادي ملندي ۽ پاڻ ڀريون ٿينديون ته اهي ٻيون آزاديون به حاصل ڪري وٺنديون. باقي رهيا مرد ته انهن کي ٻئي ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳائڻ جي بدران کين پنهنجن ڳوٺن جي آسپاس شاخن ۽ واهن جي صفائي ڪرڻ تي لڳائي يا کين قدرتي وهڪرن کي کولڻ جي ڪم سان لڳايو وڃي ها يا وري جيڪي درياهه جي ڀر ۾ رهن ٿا انهن کي ٻنڌين ٻڌڻ جي ڪم تي لڳائي ٻيڻي اجرت ڏني وڃي ها ته هڪڙي پاسي ٻوڏ جا مسئلا گهٽجي وڃن ها ، ٻئي پاسي ايريگيشن سسٽم ۾ سڌارو اچي ها. ٽئين پاسي زراعت ۾ واڌارو اچي ها ته چوٿين پاسي ماڻهو خيرات جي ذلت کان بچي وڃن- ها. Institionalize جيترو خرچ خيرات کي ڪرڻ تي اچي رهيو آهي، اوترو خرچ جڪڏهين ماڻهن کي ڪم سان لڳائڻ لاءِ خرچ ڪيو وڃي ته پاڻ اڃا به بچت ٿي ويندي.

هن حڪومت ۾ ڪو اهڙو حال ڪونه ٿو ڏسجي ۽ نه ئي ڪو ارادو ٿو ڏسجي، سندن نظر رڳو پنهنجي ڪرسي بچائڻ تي لڳي پيئي آهي. مينيجمنٽ ڏانهن ته نهارڻ لاءِ ئي تيار ناهن . خيرات کي جدوجهد ۾ تبديل ڪبو، تڏهين وڃي ڪم ٺهندو ۽ حڪومت جالي سگهندي، ٻي صورت ۾ ٽڀا اونڌا ٿيڻ ۾ دير ئي ناهي. وقت سندن هٿن مان کسڪي چڪو آهي پر جي اهڙي ڪم جو ايندڙ اٺن نون مهينن ۾ رڳو بنياد رکي وڃن، ته به اڳتي هلي ڪري سندن هاڪ رهندي ۽ ساک به بهتر ٿيندي. ٻاهرئين دنيا مان به کين لفٽ ملندي، سڀ ڪجهه “اڄ”  ناهي، گهڻو ڪجهه “ سڀاڻي” ۾ رکيو آهي. باقي جيڪڏهين ڪنهن اها حقيقت نهٿي آئڙي ته آخر ڇا ٿو ڪري سگهجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو