Home / افيئر / سنڌ ۾ پ پ حڪومت : ننڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار
above article banner

سنڌ ۾ پ پ حڪومت : ننڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار

انهيءَ ۾ تِر جيترو به شڪ ناهي ته سنڌ سرڪار ۾ بيڊ گورننس زورن تي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جيالن جي ڳڙهه يعني لياريءَ جو ئي مثال کڻو جتان جي عوام پ پ پ ۽ جمهوريت لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون آهن، خود شهيد بينظير ڀُٽي مونکي پنهنجي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته:‘ لياري جا فٽپاٿ ۽ روڊ شهيدن جي خون سان رڱيل آهن،’ هيءَ اها ئي لياري آهي جيڪا اڄ  بدقسمتيءَ سان پ پ پ جي پنهنجي حڪومت  جي هٿان رت ۾ لهو لهان آهي، زخمن سان چوُر هوندي به ويساکين تي هلي رهي آهي ۽ اڄ به ان جا فٽپاٿ ۽ روڊ، شهيد بينظير جي چواڻي،  شهيدن جي رت سان هڪ ڀيرو وري رڱيل آهن پر هن ڀيري اهو ‘خير جو ڪم’ ڪنهن ڊڪٽيٽر ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ حڪمران نه پر پ پ پ سرڪار پنهنجن ‘مبارڪ هٿن’ سان پاڻ ڪيو آهي، جيڪڏهن پ پ پ حڪومت جي هاڻوڪن حڪمرانن جو وس پڄي ته اهي هڪ ڏينهن ، پارٽيءَ کي جيڪڏهن ڳڙهي خدابخش ڀُٽي جي قبرستان ۾ نه ته ڪراچيءَ جي لياريءَ واري ميوا شاهه يا مورڙي وارن قبرستانن ۾ ضرور دفن ڪري سک جو ساهه پٽيندا ۽ پوءِ ان جي قبر جي مٿان گلن جون چادرون چاڙهي اهڙا بيان ڏيندا جو وڃي ٿيا ست خير ته اسان کان وڏو، پارٽي ۽ عوام جو ٻيو ڪوخيرخواهه ۽ همدرد پيدا ئي ناهي ٿيو.

8 مئي 2012 تي 80 ورهين کان وڌيڪ ڄمار واري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجي چئن ورهين واري سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪئي ، تنهن جون ڪجهه ڳالهيون دلچسپيءَ کان خالي نه آهن، سيد قائم علي شاهه، شهيد بينظير ڀٽي جي وزيراعظمي واري پهرين  دور ۾ سنڌ جو وڏو وزير رهيو پر ڪجھه مهينن کانپوءِ کيس هٽائي، آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي وڏو وزير  رکيائين جو چوڻ وارا چون ٿا ته بينظير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به، شاهه صاحب اڪثر پِنڪيون هڻندو رهندو هو. شاهه صاحب جي وڏي ڄمار هئڻ ڪري اڪثر سندس حافظو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي جنهن جو اعتراف پاڻ به سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جي ڪراچيءَ جي هوٽل ريجنٽ پلازا ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪيو هئائين جو اسٽيج تي ساڻس ويٺل ناميارن شخصيتن جي هڪ ٻن نالن کي ڇڏي ٻين جا نالا کانئس وسري ويا هئا ۽ سندس چواڻي کيس نالا ياد ئي نه ٿا رهن.
شاهه صاحب جو فرمان آهي: ‘لياري پ پ پ جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ رهندو، ڏوهارين خلاف ڪارروائيءَ تي ڪجھه ماڻهن رُٺل آهن، جنهن جي ڪاوڙ ختم ڪنداسين ۽ نقصان جو ازالو به ڪنداسين، سنڌ سرڪار جون سموريون اتحادي پارٽيون ان ڳالهه ته هڪ راءِ آهن ته دهشت گرد ۽ ڏوهارين خلاف ڀرپور ۽ فرق ڪرڻ کانسواِ ءِ ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان لياريءَ ۾ ڪوبه آپريشن نه ڪيو آهي ۽ نه ئي لياريءَ سميت ڪراچيءَ ۾ ڪو آپريشن ڪنداسين، پر جت ڏوهاري پيشيورماڻهو موجود آهن، ات ٽارگيٽيڊ ڇاپا مار ڪارروايون ڪنداسين، آپريشن سان شهري آباديءَ کي تڪليف ٿئي ٿي. اها سڀني کي خبر آهي ته ڏوهاري، ڏوهاري ٿيندو آهي، سو ڪنهن جو دوست نه ٿو ٿي سگھي، لياريءَ وارن سان ياري سولائيءَ سان نه ٽٽندي’


سبحان الله، هاڻ ڪو سنڌ جي وڏي وزير کان پڇي ته جيئندا قبلا! جڏهن سنڌ سرڪار ۾ شامل سمورا اتحادي،دهشت گرد ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾، اوهان جي چواڻي سڀ هڪراءِ آهن  ته پوءِ دير ڇا جي؟ بسم الله ڪريو لساني تنظيم جي ڳڙهه کان، جنهن شهر اندر ڀتي خوريءَ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو بنياد ۽ سياست ۾ بليڪ ميلنگ جو رواج وڌو. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته پ پ پ سرڪار کانسواءِ سڀني کي خبر آهي ته  دهشت گرد ڪير آهن ۽ بي گناهه انسانن کي ڪير قتل ڪري رهيا آهن ؟ پر اها ڳالهه پ پ پ جي حڪمرانن کي اڃا تائين سمجھه نه آئي آهي ۽ شايد اڳتي به ڪونه ايندي ڇاڪاڻ ته سندن اکين تي اقتدار جي  جا کوپا چڙهيل آهن.
هونئن به پ پ پ  شهيد ذوالفقار علي ڀٽي توڙي شهيد بينظير ڀٽي جي پوکيل پوک جو فصل لڻي رهي آهي، پر آخر ڪيستائين؟ جيڪڏهن اها صورتحال برقرا رهي ته ايندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ پ پنهنجو جھجھو نقصان ڪندي ڇاڪاڻ ته اها پنهنجي پير تي پاڻ ڪُهاڙو هڻي رهي آهي پر فرض ڪجي ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ان کي اڃا به وڌيڪ پنجن ورهين جو مدو (ٽرم) ملي ٿو پر صورتحال ساڳي رهي ٿي ته پوءِ پ پ پ جا ڪرتا ڌرتا، عوام جي انهيءَ مقبول پارٽيءَ کي شايد پاڻ ئي گھُٽو ڏئي ماري ڇڏيندا، ڪنهن ڊڪٽيٽر يا سنڌ دشمن کي اهڙي ‘تڪليف’ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي، ٻين لفظن ۾ پ پ پ جي ڪفن باڪس ۾ آخري ڪوڪو اهي پاڻ ئي ئي ٺوڪيندا.وفاقي وزير قمرالزمان ڪائرا جو چوڻ آهي ته اسان ڏوهارين خلاف ڪارروائي پنهنجي گھر (لياري) کان شروع ڪئي آهي. سبحان الله، ڪهڙا نه نيڪ ارادا آهن، وفاقي وزير جا. ڀلا لياريءَ ۾ آپريشن ته ٿيو، هاڻ هاڻي باقي شهر ۾،  همت اٿو ته آپريشن شروع ڪري ڏيکاريو، جيستائين ڏوهارين خلاف ڪارروائيءَ جو واسطو آهي ته ڀلا ان تي ڪنهن کي اعتراض ٿي سگھي ٿو پر اهو تاثر ڏيڻ ته ڏوهاري، سکڻا لياريءَ ۾ رهن ٿا ۽  ڪراچيءَ ۾ ‘فرشتا’ رهن ٿا، سا بد ديانتي، انسان دشمني ۽ لياري ـ دشمني آهي، پ پ پ کي اهڙي ، جيڪڏهن ڪو به آپريشن ڪراچيءَ جي ڪنهن به علائقي ۾ رهندڙ ڏوهارين خلاف، ڪنهن به مت ڀيد کانسواِءِ  ‘بي رحميَ’ سان ٿئي ٿو (جيڪو پ پ پ جي دور ۾ سندس وس کان ٻاهر آهي) ته ان تي سڀني جون اکيون ٿڌيون ٿينديون ۽ انهيءَ جو سڀ آدرڀاءُ ڪندا.
ڪجھه ڏينهن اڳ، ٽي وي تي سنڌ سرڪار جي ٽن وزيرن جهڙوڪ رفيق انجنيئر، مظفر شجراع ۽ مسز شازيا مريءَ جي گڏيل پريس ڪانفرنس هئي جنهن دوران رفيق انجنيئر وَر وَر چيو هوته حڪومت ۾ شامل پارٽين جي ڳڙهه وارن علائقڻ ۾ آپريشن ڪنداسين، تنظيم ايم ڪيو ايم ڏانهن هو، مونکي ويچاريَ وزير تي ڏاڍو قياس آيو ته متان اشاري ڪرڻ تي، پنهنجي ڪرسي نه وڃائي ويهي، اهڙي همت ڪنهن زماني ۾ لياري کان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ شپنگ واري مملڪتي وزير نبيل گبول به ڪئي هئي جنهن صدر آصف علي زرداريءَ سان ملي، ايم ڪيو ايم کي شپنگ ۽ جهاز رانيءَ جي وزارت، ايم.ڪيو.ايم کي ٻيهر ڏيڻ تي تحفظَ ڏيکاريا هئا پر جنگ اخبار لکيو ته صدر زرداري اٽلندو تحفظَ ڏيکارڻ تي کيس ايم.ڪيو.ايم کان معافي وٺڻ لاءِ چيو ۽ ان کانپوءِ زرداري صاحب جو ذاتي دوست سڏجندڙ نبيل گبول، لساني تنظيم تي تنقيد جو، معافي نه ملڻ جوڳو ‘گناهه’ ڪرڻ سبب صدر زرداريءَ جي نظرن کان ايترو ته ڪري پيو جو چڱو خاصو وقت گذرڻ جي باوجود وري سنئون لنڱو ٿي نه سگھيو آهي ۽ اڃا سوڌو ڏمر هيٺ آهي.

سنڌ سرڪار جي نااهلي ته ڏسو ته وطن ڪارڊ ۽ پاڪستان ڪارڊ جا واعدي موجب مڪمل پئسا ٻوڏ جي متاثرن کي هيڏو وقت گذرڻ جي باوجود ڏئي نه سگھيا آهن جڏهن ته وڏين دعوائن جي باوجود سال 2011 جي 97 لک متاثر ماڻهن ۽ سال 2010 جي وڏي ٻوڏ دوران به لکين متاثر ماڻهن ڏانهن حڪومت جي لاپرواهيءَ سبب سندن نئين سر آبادڪاريءَ وارو ڪم اطمينان واري طريقي سان مڪمل نه ٿي سگھيو آهي، ٻن  مها ٻوڏن جي متاثر ماڻهن جي اهنجن، ايذائن ۽ ڏکن جو سربستو احوال ته وقت به وقت اخبارون ۾ اڃا تائين ايندو رهيو آهي. هاڻ ته اهي خبرون آيون آهن ته عالمي اڳڪٿيءَ موجب، هن سال وڌيڪ ٻوڏ ايندي پر پ پ پ سرڪار جي غير ذميداري ڏسو ته هنن ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙن لاءِ بجيٽ ۾ پيسا ڪونه رکيا آهن ۽ سنڌ سرڪار جو آبپاشيءَ وارو سيڪريٽري بابر آفندي چوندي نه ٿو ٿَڪجيَ ته ماڻهن کي ايندڙ ٻوڏ بابت هروڀرو ڊيڄاريو پيو وڃي.

سائين قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته لياري وارن سان ‘پراڻي ياري ٽٽي نه ٿي سگھي’، جڏهن لياريءَ ۾ اٺن ڏينهن وارو آپريشن شروع ٿيو ۽ راڪيٽ، گولن ۽ بارود جي سڙيل بوءِ سبب، لکين انسان بنيادي سهوليتن  جهڙوڪ پاڻي، بجلي، گيس، صحت جي سهوليتن کان محروم رهيا ۽ لياري جي آپريشن واري علائقي اندر ‘انساني الميي’ جنم وٺڻ شروع ڪيو ته اڪيلو عبدالستار ايڌي هو جنهن چٽيءَ ريت بيان ڏنو هو ته : ‘جيڪڏهن آپريشن جاري رهيو ته هزارين انسان اُڃ ۽ بک وگھي مري ويندا ۽ مون وٽ سندن ڪفن کڻڻ لاءِ ايڏي وڏي انگ ۾ ڪفن باڪس ناهن’، جڏهن ته ٽي.وي جا اردو ميڊيا جا چينل، عوام جي اهنجن ايذائن کي اجاگر ڪرڻ بدران، ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ ايس ايس پي چوڌري اسلم جا گڻ ڳائي رهيا هئا، جڏهن ته سائين قائم علي شاه به  سچ پچ ‘ياري’ نڀائي رهيو هو، لياري وارن سان نه پر هڪ  لساني ڌر سان، جن جي نه رڳو چوڻ تي آپريشن شروع ڪيو هئائين پر لياريءَ جي هزارين جي انگ ۾عوام جي اڃ ۽ بک مرڻ واري خطري جو کيس ذرو به احساس ئي ڪونه هو.

سنڌ ۾ گڊ گورننس جو هڪ ئي مثال ڪافي آهي ته تازو سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هدايت تي ٽي ڀيرا ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ  اٽڪل 300 آفيسرن جون، سپريم ڪورٽ چواڻي غلط فھرستون  پيش ڪيون آهن، جيڪڏهن سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ ۾ ايڏي اهليت ڪونهي ته هو 300 ماڻهن جي نالن جي درست  فهرست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي سگھي ته اهڙي نااهل حڪومت کان گڊ گورننس جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟ سائين قائم علي شاهه هاڻ وري نئون انڪشاف ڪيو آهي ته 12 مئي واري رتوڇاڻ جنهن ۾ اٽڪل 75 انسان  اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، تنهن جي جاچ رپورٽ ته مڪمل ٿي چڪي آهي پر ‘ڪجھه سببن’ ڪري ان جي رپورٽ پڌري ناهي ڪئي، ان بيان کان ظاهر آهي ته پ پ پ جي سنڌ سرڪار، لساني تنظيم وٽ يرغمال بڻيل آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ امن امان جي صورتحال ايڏي ته خراب آهي جو عوام جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي، ڌاڙيلن خلاف وقتي آپريشن، ماڻهن کي وقتي رليف ته ڏئي ٿو، پر دائمي سڪون نه، جيستائن ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس جو واسطو آهي ته اها زورن تي جاري آهي ۽ ان ۾ ٿيندڙ وقتي ساهيءَ جي بنياد تي قائم علي شاهه دعوى ڪئي آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگس گھٽجي وئي آهي، سا کل جهڙي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته ٽارگيٽ ڪلرز، حڪمت عمليءَ طور پنهنجون ڪارروايون ٿوري ٿوري ساهيءَ کانپوءِ جاري رکندا اچن، اهڙي ساهيءَ جو ڪريڊٽ کڻڻ ، کل جھڙي ڳالهه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو