Home / افيئر / سوڪئي کي حڪومت جو چتاءُ ميانمار کي برما نه چئو
above article banner

سوڪئي کي حڪومت جو چتاءُ ميانمار کي برما نه چئو

ميانمار ۾ گذريل سال کان گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي پر جيڪڏهن نه بدليو آهي ته ان جو نالو ۽ اهو ايترو جلدي شايد بدلجي به نه سگهي.


ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومتي اختيارين مخالف ڌر جي اڳواڻ آنگ سان سوڪي کي خبردار ڪيو آهي ته اها ملڪ جو نالو برما نه وٺي ۽ ان کي سرڪاري نالي “ريپبلڪ آف دي يونين آف ميانمار” سان ڪوٺيو وڃي.

يادرهي ته 1989ع ۾ فوجي جنرلن اقتدار ۾ هجڻ وقت برما جو نالو تبديل ڪري مانمار نالو رکي ڇڏيو هو. واضح رهي ته برمي ماڻهن جي ملڪ ۾ اڪثريت آهي ان ڪري اهو نالو سندن نمائندگي نٿو ڪري  پر فوجي حڪمرانن ٻين اقليتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملڪ جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف آمريڪا سميت پرڏيهه ۾ رهندڙ جمهوريت پسند تڏهن به برما کي برما ئي سڏيندا رهيا ۽ اڄ به ان کي اهي برما سڏين ٿا. سندن نظر ۾ آمرن طرفان ملڪ جو نالو مٽايو ويو جيڪا هڪ غير جمهوري روش آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو