Home / سياسي افيئر / عام چونڊن کان اڳ ڪراچي ۾ نئين صف بندي پ پ، متحده ۽ اي اين پي: هڪ مياڻ ۾ ٽي تلوارون
above article banner

عام چونڊن کان اڳ ڪراچي ۾ نئين صف بندي پ پ، متحده ۽ اي اين پي: هڪ مياڻ ۾ ٽي تلوارون

“اسان جي حڪومت ۾ جيترو هن ڀيري اسان جي پارٽي کي نقصان پهتو اوترو ڪير سوچي به نٿو سگهي. 1993ع ۾ اسان ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو ۽ سڌي ريت مقابلو ڪيو، تڏهن  به پيپلز پارٽي جا ڪارڪن  ۽ اڳواڻ قتل ٿيا هئا، پر هن قسم جي جٺُ ڪانه ٿي هئي” هي ڳالهيون آهن پيپلز پارٽي جي هڪ سينيئر اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻ جون آهن. جنهن کي 1994 ۾ محترمه ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪندي رهي هئي پر نه ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد ٿي سگهيو ۽ نه ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ آپريشن رڪجي سگهيو. ان زماني ۾ اسٽيبلشمينٽ هر حال ۾ آپريشن کي جاري رکڻ پئي چاهيو. ڇو ته ان آپريشن جي نالي تي ئي بينظير ڀٽو جي سرڪار جي پڄاڻي ٿي ۽ سندس حڪومت ۾ سندس ڀاءُ مارجي ويو جنهن سبب ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پاٽي کي وڏو سياسي نقصان پهتو هئو.

پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي حڪومت ۾ اهڙو ڪو به رياستي آپريشن ڪونه پيو هلي. سنڌ ۾ سيٽون کڻندڙ سڀ جو سڀ پارٽيون حڪومت ۾ شامل آهي پر ڪراچي ۾ ايترا ماڻهو رياستي آپريشن دوران هلندڙ خونريزي ۾ قتل ڪونه ٿيا جيترا هن حڪومت ۾ قتل ٿيا- ۽ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ خود جيڪو چون ٿا اهو اوهان ٻڌو –ها بس حڪومت ضرور هلي هي آهي،حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ جي ٽارگيٽ ۾ “ ٽارگيٽ ڪلنگ” کي ڪير به نٿو روڪي سگهي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم ،پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي ٽنهي پارٽين جا ڪارڪن به هزارن جي انگ ۾ قتل ٿيا آهن .چئن سالن ۾ 6 هزار ماڻهن جو قتل ۽ ان ۾ به وڏو انگ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جو هجي ۽ ڪارڪن به انهن پارٽين جا هجن جيڪي حڪومت ۾ هجن ته پوءِ ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي. سڄي معاشري کي غير سياسي بڻائي دهشتگردي جي ور چاڙهڻ پٺيان پوءِ ڪان ڪا رٿابندي هوندي. ان کانسواءِ ماڻهن جو قتل عام ڪڏهن به ڪو نه ٿيندو آهي. ڪراچي جي سياسي حالتن اندر وڏي ڀڃ ڊاهه آهي ، جيڪا دهشتگريءَ سبب نظر ڪانه ٿي اچي . شايد ان سياسي ڀڃ ڊاهه جا مثال هن ريت آهن. پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ پٺاڻ اي اين پي ۾ وڃن پيا ته وري اي اين پي سان واسطو رکندڙ پٺاڻ ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ وڃن پيا. ايم ڪيو ايم اندر مهاجر صوبي جي سوال تي وڏي ڀڃ ڊاهه آهي . ايم ڪيو ايم جو هڪ حصو سڌي ريت مهاجر رابطا ڪائونسل جي حمايت ڪري پيو ته ايم ڪيو ايم جو ٻيو حصو ان ڳالهه کي غلط سمجهي پيو. ايم ڪيو ايم حقيقي ڇڏي متحده قومي موومنٽ ۾ شامل ٿيندڙ ٻيهر حقيقي ۾ وڃن پيا. اهڙي غداري سبب اهي ماريا به وڃن پيا ته وري پيپلز پارٽي جا ڪارڪن پاپ ڇڏي مذهبي ۽ لساني تنظيمن جو پاسو وٺن پيا. پيپلز پارٽي جا ڪارڪن وڏي پئماني تي قتل ٿي رهيا آهن. جن ۾ هر ذات ۽ هر قوم جا ماڻهو شامل آهن. ان جي باوجود ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي مضبوط علائقن مان پنهنجي حمايت وڃائي رهي آهي. پيپلز پارٽي جا سرڪار ۾ شامل ماڻهو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن پر ايندڙ عام چونڊن وقت کين اندازو ٿي ويندو.ڪراچي ۾ هڪ ئي ڏينهن تي پشتو ڳالهائيندڙن جا ٻه جلسا هئا. هڪ جلسو پيپلز پارٽي جي ڳڙهه ڪياماڙي ۾ ٿي رهيو هو ته ٻيو جلسو نائن زيرو ڀرسان جناح گرائونڊ تي ٿي رهيو هو. ٻنهي جلسن ۾ پ پ جاحامي شريڪ هئا. ڪياماڙي جي علائقي ۾ پيپلز پارٽي جو اخترجدون اليڪشن کٽندو آهي جيڪو هن وقت ٽرانسپورٽ جو صوبائي وزير آهي. اي اين پي جي جلسي ۾ چار پنج هزار ماڻهو هئا، جن ۾ اڪثريت پ پ جي حامين جي هئي. هن جلسي ۾ ڪڇي برادري جا ماڻهو به شريڪ هئا. جن اي اين پي ۾ سموليت جو اعلان ڪيو. پيپلز پارٽي جو اڳوڻو صدر حبيب الله جدون ۽ اخترجدون جي سئوٽن سميت هزارين ماڻهن اي اين پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.


اي اين پي پيپلز پارٽي جي اتحادي جماعت آهي. گذريل عام چونڊن ۾ لانڍي ۽ بلديا ٽائون مان اي اين پي جا جيڪي ٻه ايم پي ايز کٽي آيا هئا انهن آڏو پ پ جا اميدوار هٿ کڻي ويا هئا،پر هن ڀيري ڪياماڙي  مان اي اين پي جو اميدوار پ پ اميدوار جو مقابلو ڪندو. شاهي سيد پنهنجي تقرير ۾ چيو ته چونڊون مٿي تي آهن اي اين پي هن ڀيري سنڌ اسيمبلي جون وڌيڪ سيٽون کڻي ڏيکاريندي.جيڪڏهن شاهي سيد جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي ته پوءِ اي اين پي پيپلز پارٽي جي اميدوار کان اليڪشن کٽندي. ڇو ته اردو آبادين ۾ ته اي اين پي کي ووٽ ملڻا ناهن. پيپلز پارٽي جو سڀ کان مضبوط ڳڙهه لياري آهي. اتي پ پ خلاف اڃا تائين نفرت جي لهر ڇانيل آهي. لياري آپريشن جا اثر اڃاتائين موجود آهن . پابندي مڙهيل امن ڪميٽي لياري ۾ اڄ به اثرائتي ڌر آهي. پيپلز پارٽي اڄ تائين لياري بابت مونجهارن جو شڪار آهي. مٿس امن ڪيمٽي کي ڀروسو ڪونه پيو ٿئي ۽ امن ڪميٽي وارا هن ڀيري لياري پيپلز پارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن امن ڪميٽي سبب وري پ پ ۽ متحده وچ ۾ سرد جنگ هلندڙ اهي، جيڪڏهن پ پ سڌي ريت امن ڪميٽي کي ڀاڪرپائي ٿي ته پوءِ ايم ڪيو ايم وارا هٿ ڪڍي ويندا. صدر آصف زرداري ايندڙ عام چونڊن ۾ به سمورن اتحادين کي گڏ کڻڻ چاهي ٿو پر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ، پيپلز پارٽي ۽ اي  اين پي اهڙيون ٽي تلوارون آهن جيڪي هڪڙي مياڻ ۾ گڏ نه ٿيون رهي سگهن. لياري ۾ ڪڇي پڻ پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن. بلوچن جي مخالفت سبب نبيل گبول ڪڇي برادري مٿان هٿ رکيو آهي، ڪياماڙي جي قومي اسيمبلي تان اڳي ئي عبدالقادر پٽيل ايم اين اي آهي. لياري ۾ ٻروچن جي ناراضگيءَ سبب نبيل گبول ، رفيق انجنيئر کي سيٽ ملڻ جو امڪان گهٽ آهي. ان کان پوءِ اچون ٿا ملير ۾ اتي پڻ پيپلز پارٽي کان سندس پراڻا ماڻهو ناراض آهن. ملير جي هڪ ڌر تي نواز شريف به هٿ رکيو آهي. تازو ابراهيم حيدري جا ڄاموٽ پڻ مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي ويا . حاجي شفيع محمد ڄاموٽ پنهنجي شموليت لاءِ پنهنجي ئي خرچ تي پرل ڪانٽينٽل هوٽل ۾ پروگرام رٿيو جنهن ۾ سندس ڪٽنب ۽ راڄ جا سڀ ماڻهو شريڪ هئا. هن پروگرام ۾ نوازشريف کي اچڻو هو ،جيڪو ڪون آيو پر حاجي شفيع ڄاموٽ بهر حال پنهنجي ٻن ڀائرن اڳوڻي ناظم ۽ ايم پي اي سميت مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو .غوث علي شاهه ، مارئي ميمڻ ، جنرل رٽائرڊ عبدالقادر بلوچ، لياقت جتوئي هن تقريب ۾ شريڪ هئا.

ملير اندر پڻ ٻروچن جي نسلي تنظيم سان ڇڪتاڻ هلندڙ آهي. ڪراچي جو بلوچ پنهنجي بقا خاطر هٿيار کڻي رهيو آهي. ان جنگ ۾ سرڪار يا پيپلز پارٽي سندس حامي ناهي، اهوئي ڪارڻ آهي جو ملير، گڏاپ بن قاسم جي علائقن اندر پڻ مايوسي آهي. عبدالحڪيم بلوچ،عمر جت جهڙا پراڻا ماڻهو ناراض آهن جن کي ڪير پرچائڻ وارو ڪونهي، هن صورتحال سبب ڪراچي اندر ايندڙ عام چونڊن کان اڳ نئين صف بندي ٿي رهي آهي. پنج ضلعا رهيا تڏهن به صف بندي ٿيندي ڪو نئون مڪاني نظام آيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي ۾ عام چونڊن کان اڳ امن امان لاءِ وڏي رٿا بندي ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ عام چونڊن کان اڳ ۽ چونڊن وقت وڏي رتوڇاڻ جو امڪان آهي. هن صورتحال ۾ پيپلز پارٽي، سنڌي قومپرست ۽ ڪراچي جا قديمي ماڻهو ڪٿي بيٺل هوندا- اهو سوال نهايت اهم آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو