اهي عظيم سائنسدان جن انسان ذات جي زندگي ۾ روشنين جا هزارين ڏيئا ٻاري ڇڏيا ۽ ڄاڻ سميت سهولتن ۽ خوشين جا مٽ ڀري ڏنا ۽ فطرت کي زير بار ڪري هن ڌرتي کي رهڻ لائق خيالي جنت جهڙو بڻائي ڇڏيو-اهي دماغ، هٿ ۽ ڪم يقينن تحسين لائق آهن . نوجوان اديب ۽ مترجم، گرو ولسن جو مشهور ڪتاب عظيم سائنسدان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ ڳڻپ جوڳو ۽ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي.هن ڪتاب کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ٻه سنڌيڪار مليا آهن ۽ ٻئي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.ان مان هن ڪتاب جي اهميت به پڌري ٿئي ٿي. گروولسن جو هي ڪتاب پنهنجي سلاست ۽ لکڻ جي خوبصورت ڏانءَ سبب به بي حد مشهور ۽ مقبول آهي.جنهن ۾ هن سائنس جا يونان کان وٺي پيرا کنيا آهن ۽ سڀني معتبر ۽ ڳڻپ ۾ ايندڙ سائنسدانن جي حياتي جا احوال سندن ڪيل ايجاد ۽ نتيجي سميت پڌرا ڪيا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته هن ٻن پيرن تي بيٺل انسان کي سائنس باهه جي ايجاد کان موبائل تائين وٺي آئي آهي، ۽ ايئن کيس هن ڌرتي، خلائن جو ڌڻي ۽ زنده مخلوق جو ڌنار بڻائي ڇڏيوآهي.هندستان جي تڪراري پر معتبر دانشورگرو رجنيش ڇا ته ٺيڪ چيو آهي ته “ مذهب ته ڪيترائي آهن پر سائنس صرف هڪڙي آهي.”
ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌيڪار لکيو آهي ته “ گرو ولسن مختصر انداز ۾ لکيو آهي ته يورپ جي ترقي ۾ مسلمانن جو ڪو به ڪردار ناهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي” منهنجو خيال آهي ته ان ڳالهه سان اختلاف جي گنجائش نڪري سگهي ٿي ته مسلمانن سائنس ۾ جيڪا ٿوري ٿڪي عباسين جي دور ۾ اڳڀرائي ڪئي هئي اها به يوناني علم جي ذخيرن جي عربيءَ ۾ ترجمي سبب ممڪن ٿي هئي. پر خود مسلمان حڪمرانن توڙي مذهبي عالمن سائنس جي خلاف ظلم ۽ بدتميزي جا طوفان کڙا ڪيا. ان جو ذڪر هودٻائي جي ڪتاب اسلام ۽ سائنس ۾ پڙهي سگهجي ٿو. جنهن کي اسلامي دنيا ۾ پنهنجي گهربل ڄمار کان اڳ ڄاول سائنس جي ٻارڙي کي جياپو ڏيڻ جا سڀ گس بند ڪياويا هئا. ڪهڙي مسلمان سائنسدان کي ڪو وقار مليو هو جا سائنس جي دنيا ۾ مسلمانن جا ڪارناما ڳڻپ ۾ اچن ها.ان ڪري انسان ذات کي زندگي ۾ صحت،سهولت،آرام ۽ آسيس جا جيڪي رستا نڪتا انهن جو مرڪز اوڀر کي ئي سمجهڻ گهرجي. باقي رهي جنگي هٿيارن ۾ اڳڀرائي ان ۾ جنهن به قوم يا ملڪ برتري حاصل ڪئي . ان دنيا ۾ پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا.ايرانين،يونانين، رومين، عربن ۽ انگريزن جو ذڪر پنهنجي پنهنجي سگهه ۽ اٽڪل سميت اچي ٿو.
اهو طوبل بحث آهي جيڪو وري ڪنهن ٻئي ڀيري .اچون ٿا هن ڪتاب تي ته هن ڪتاب ۾ طاليس،فيشاغورس، سقراط، ارسطو، بطيلموس،راجربيڪن، ڪوپرنيڪس،وليم هاروي،جان ڪيبلر،گليلو گليلي،نيوٽن ۽ آئن اسٽائن سميت ستاويهه سائنسدانن جي زندگي ۽ ڪارنامن جا احوال بيحد دلچسپ انداز ۾ ڏنل آهن.راجر بيڪن کي يورپ جي اونداهي دور کان پوءِ اڀرندڙ صبح سان تعبير ڏني ويندي آهي، جنهن پنهنجي زندگي جا 24 سال جيل ۾ گهاريا،هن پنهنجي حياتي جي آخر ۾ ڪنهن پيغامبر وانگر دانهن ڪري چيو هو ته “ آئون جن ماڻهن سان واسطي ۾ هئس انهن جي جهالت سبب گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهيس.” ۽ پوءِ ان درد کي موت جي بستري تي انهن اکرن سان اچاريائين ته “ مونکي هاڻي پاڻ تي افسوس ٿو ٿئي ته مون سائنس جي محبت ۾ پاڻ کي ايتري تڪليف ڇو ڏني؟”
ايئن سڄو ڪتاب ڄاڻ سان ڀرپور ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. اهي سمورا سوانحي خاڪا ايڏا ته شاندار آهن جو وري وري پڙهڻ لاءِ دل ٿي چوي.