Home / ڪور افيئر / فيملي گيٽ اسڪينڊل: جسٽس افتخار چوڌري جي زندگيءَ ۾ جهاتي
above article banner

فيملي گيٽ اسڪينڊل: جسٽس افتخار چوڌري جي زندگيءَ ۾ جهاتي

هي 1999 ع جي ڳالهه آهي جڏهن افتخار محمد چوڌري بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ سول اسپتال ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. هن اتي عدالت طرفان 90 سالن جي سزا يافتا مجرم کي اسپتال جي وي آءِ پي وارڊ ۾ داخل ڏٺو. جيڪو قرض ادا نه ڪرڻ جي سزا ڀوڳي رهيو هو پر اتي رڳو جيل جي سختي کان بچڻ لاءِ اچي داخل ٿيو هو.اهو ماڻهو ٻيو ڪو نه پر خالد بانوا نالي بئنڪ مئنيجر ۽ جسٽس چوڌري جو خانداني دوست هو. خالد جي والد جسٽس چوڌري جي والد جان محمد چوڌري سان گڏ پوليس ۾ ملازمت ڪئي هئي.نه رڳو انهن ٻنهي جي پيئرن گڏ نوڪري ڪئي بلڪه سندن گهرن وچ ۾ به رڳو ديوار جي وٿي هئي. جسٽس چوڌري پنهنجي خانداني ۽ ذاتي لاڳاپن جو خيال رکڻ کانسواءِ اسپتال جي اختيارين کي حڪم ڪيو ته خالد بانوا کي ترت جيل واپس موڪليو وڃي. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته “ غريب قيدي جيلن ۾ سڙي رهيا آهن ۽ شاهوڪار مجرم اسپتالن جي وي آءِ پي وارڊ ۾ آرام فرمائي رهيا آهن”ان کان پوءِ جڏهن بانوا جسٽس چوڌري جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس هوندي رليف ڏيڻ جي سلسلي ۾ درخواست ڏني ته سندس اها درخواست به رد ڪئي وئي.پوءِ هن کي سپريم ڪورٽ ئي وڃي آزاد ڪيو.مٿي بيان ڪيل حقيقت جي تصديق بانوا ۽ مشهور ڪالمسٽ اوريا مقبول جان پڻ ڪئي آهي .جيڪو تڏهن ڊائريڪٽر جنرل سوشل سيڪيورٽي بلوچستان هو ۽ ان وقت جسٽس چوڌري سان اسپتال ۾ گڏ هو.اهو ته افتخار چوڌري جي ڪردار بابت رڳو هڪ مثال آهي ته هو انصاف ڪرڻ مهل ڪنهن به تعلق داري کي اهميت نٿو ڏي. باوجود ان جي اڄڪلهه ڪجهه نقاد سندس پٽ ڊاڪٽر ارسلان چوڌري جي ڪرپشن الزامن ۾ مٿس به آڱريون کڻي رهيا آهن.ان سلسلي ۾ هڪ معتبر انگريزي اخبار اهڙن چئن ماڻهن کان انٽرويو ڪيا،جن يا ته جسٽس چوڌري سان گڏ ڪم ڪيو يا ساڻس گهڻو وقت گڏ گذاريو.انهن چواڻي ڪو به ماڻهو جسٽس چوڌري بابت هام نٿو هڻي سگهي.“هو ڪنهن جو به ماڻهو ناهي . هو جڏهن انصاف ڏيڻ تي اچي ٿو ته پنهنجن ويجهن عزيزن کي به معاف نٿو ڪري ”جسٽس چوڌري کي ٻالڪپڻي کان سڃاڻيندڙ هڪ رٽائرڊ سينيئر پوليس آفيسر جو چوڻ هو.جسٽس چوڌري پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهڻ وارو ماڻهو آهي.ان ڪري سندس دوست به بنهه ٿورڙا آهن . باقي هڪ سٺو خيال رکندڙ ساٿي ۽ خانداني ماڻهو آهي.“ هن عهدو به سخت محنت ۽ ڀاڳ جي ڪري حاصل ڪيو . هن تاريخ ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي” جسٽس چوڌري کي ورهين کان سڃاڻيندڙ هڪ شخص جو چوڻ هو.

جسٽس چوڌري جو خانداني پسمنظر نهايت غريباڻو آهي.هو هڪ پوليس واري جو پٽ آهي جيڪو سب انسپيڪٽر طور رٽائر ٿيو.حيدرآباد ۾ وڪالت پڙهڻ دوران سندس ڪٽنب هن جو خرچ ڀرڻ کان به عاجز هو.ان ڪري هن پنهنجا خرچ پکا پورا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪوئلي جي فيڪٽري ۾ به ڪم ڪيو.هن جو وڏو ڀاءُ برطانيا ۾ رهي ٿو. جڏهن ته ننڍو ڀاءُ ذهني طور معذور آهي.سندس ان ڀاءُ جا ٻه ٻار پڻ ذهني طور مفلوج آهن.اهي ٽئي جسٽس چوڌري جي ذميواري آهن۽ هو انهن جو سڀني کان وڌيڪ خيال رکي ٿو.جسٽس چوڌري جي ساٿين چواڻي جج طور سخت محنت جي ڪري کانئس ڪير به نٿو کٽي سگهي.هو عدالت صبح 9 کان 5 وڳي تائين هجي ٿو.عدالت برخاسٽ ٿيڻ کان پوءِ هو عدليا جا انتظامي ڪم ڪندي ان ۾ مصروف رهندو آهي.هو ان دوران سڄي ملڪ مان انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت آيل شڪايتن جي ازالي لاءِ  هدايتون جاري ڪندو آهي ۽ لاڳاپيل کاتن کي وضاحت ڪرڻ لاءِ لکندو آهي.ان کان سواءِ هو اڳئين ڏينهن جي ڪيسن جا فائيل پڙهندو آهي. جسٽس چوڌري سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ رٽائرڊ جج جو چوڻ آهي ته سندس ڏينهن رات جو 3 وڳي ان وقت ختم ٿئي ٿو جڏهن هو سمهڻ لاءِ بيڊروم ويندو آهي .“هن جو وڪالت واري زماني ۾ ڪوئيٽا ۾ چئمبر رات جو هڪ بجي تائين کليل رهندو هو.” کيس ڊگهي عرصي کان سڃاڻيندڙ هڪ وڪيل جو چوڻ هو.هو جڏهن بلوچستان جو ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو تڏهن به سندس آفيس ٽائيم تبديل نه ٿيو.هو هڪ عجيب شخص آهي.هڪ رٽائرڊ جج چواڻي جسٽس چوڌري بيمارججن وٽ اڌ رات جو به هليو ويندو آهي.سخت بيماريءَ جي حالت ۾ کين اسپتال تائين به پهچائيندو آهي.مشڪل سان ڪو ماڻهو هوندو جيڪو اها دعويٰ ڪري ته هو جسٽس چوڌري کي تمام ويجهو کان سڃاڻي .سندس بابت جيڪا به معلومات حاصل ڪئي وئي آهي اها ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ مختلف ذريعن وٽان ملي آهي.سبب ؟ سبب اهو آهي ته جسٽس چوڌري پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڪنهن سان به گفتگو ناهي ڪندو.انهي حد تائين جو ساٿي ججن سان به نه. جسٽس چوڌري پنهنجي اَمڙ جو نهايت فرمانبردار رهيو آهي.پر جيڪڏهن ڪو سندس ان عمل جي تعريف ڪندو ته هو شرميلي مُرڪ ئي مرڪي سگهندو آهي.ڪامورن کي سندس کان شڪايتون به هونديون پر جيڪڏهن کيس خبر پوي ته هي ڪامورو ايماندار آهي ته هو سندس دل سان عزت ڪندو آهي.جيئن هن طارق کوسي،ظفر قريشي،۽ حسين اصغر جهڙن آفيسرن جي نه رڳو عزت ڪئي پر کين هاءِ پرو فائيل تحقيقاتي ڪم پڻ سونپيا.

ويجهڙائي ۾ جاويد چوڌري جسٽس چوڌري طرفان سونارڪي دڪان تي وڃي خريداري ڪرڻ بابت لکيو آهي ته هو سوناري جي دڪان تي ويو ۽ پنهنجي نياڻيءَ لاءِ  فقط 2 هزار روپين جي خريداري ڪيائين. مشهور ڪالم نگار اوريا مقبول جان سندس ڪوئيٽا ڪاليج ۾ وڪالت جي شاگرد طور ۽ بعد ۾ سول سرونٽ طور ساڻس گڏ ڪيل جيل جي دورن بابت لکي ٿو ته: جسٽس چوڌري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ٿيڻ کانپوءِ  هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ هٿ نه وڌو آهي بلڪه هو جڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو.هن ان وقت يعني 1997ع ۾ به آءِ جي ايف سي کي سنگل بئنچ سامهون گهرايو هو ،۽ اوريا جان ئي ايف سي جي ڪرنل ڪئپٽن ۽  ٽن ٻين عملدارن تي هڪ بس تي سڌي فائرنگ ڪري هڪ ماڻهو مارڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ  آر داخل ڪئي هئي.اها وري الڳ ڪهاڻي آهي ته بعد ۾ اهوڪيس چيف جسٽس اميرالملڪ مينگل کنيو هو. واضح رهي ته جسٽس چوڌري  جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي جج ۽ پوءِ چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائيندي هن لاپتا ماڻهن جي سلسلي ۾ سگهارن ادارن جو احتساب ڪيو. اهو ئي سبب هو جو کيس جبري موڪل تي به موڪليو ويو ته کيس چارج شيٽ پڻ ڪيو ويو.هن بحال ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجو رستو نه ڇڏيو.هن نه رڳو ڪرپشن جي سلسلي ۾ حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيو بلڪه اصغر خان جي آءِ ايس آءِ طرفان سياستدانن ۾ڏوڪڙ ورهائڻ واري پٽيشن جي به شنوائي ڪئي.جسٽس چوڌري جي پٽ تي ڪرپشن وارو معاملو به عين ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن هو بلوچستان جي لاپتا ماڻهن بابت روزانو  ڪيس هلائي رهيو هو. مشرف حڪومت دوران به جسٽس افتخار چوڌري خلاف سندس پٽ ارسلان جي تقرري ۽ بدلي کي قانون خلاف قرار ڏئي ڪارروائي ڪئي وئي هئي .تڏهن به حڪومت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته پٽ کي ان سلسلي ۾ مدد ڏيڻ پٺيان چيف جسٽس جو هٿ هو.پر حقيقت ان جي قطعي ابتڙ هئي. جسٽس چوڌري جي هڪ ويجهي دوست چواڻي جيڪڏهن سندس پٽ ارسلان ڏوهي نڪتو ته هو ساڻس خالد بانوا کان مختلف سلوڪ نه ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته هن ڀيري به چيف جسٽس ڪاميابي ماڻيندو ۽ سندس مخالف منهن ڀر ڪرندا The News (C)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو