Home / افيئر / لبيا: قذافي جي انٽيليجس چيف خلاف ڪيس
above article banner

لبيا: قذافي جي انٽيليجس چيف خلاف ڪيس

لبيا جي اڳوڻي  حڪمران  مقتول ڪرنل معمر قذافي جي خلاف گذريل سال ٿيندڙ بغاوت جي دوران مظاهرو ڪندڙن جي قتل جي الزام هيٺ ڪنهن سينيئر عهديدار خلاف پهريون ڀيرو ڪيس جي شنوائي شروع ٿي وئي آهي.ڪيس کي منهن ڏيندڙ ٻيو ڪير نه بلڪه قذافي جو اڳوڻو انٽيليجنس چيف بوزيد دردا آهي،جنهن تي الزام آهي ته هن فورسز کي مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ان کانسواءِ مٿس ماڻهن کي غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ سميت ڪيترائي ٻيا الزام پڻ آهن. جن مان هڪ اهو به آهي ته هن ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ لاءِ پنهنجي قبيلي تي مشتمل هڪ هٿياربند مليشيا به ٺاهي هئي جنهن مخالفن جو سرعام قتل ڪيو. ان هوندي به شنوائي جي شروعات تي بوزيد دردا پاڻ مٿان هنيل الزامن کي اهو چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته مون  بحران دوران جيڪي ڪجهه به ڪيو اهي الزام ان جي ابتڙ آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو