Home / افيئر / لمس جي شاگردياڻي جو موت: ايف آءِ آر ڪنهن تي داخل ڪجي
above article banner

لمس جي شاگردياڻي جو موت: ايف آءِ آر ڪنهن تي داخل ڪجي

لياقت ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هنن نانگ جي ويڪسن پاڻ تيار ڪئي آهي ۽ اها دعويٰ هنن پنهنجي هڪ ريسرچ پيپر ۾  ڄاڻائي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته لمس جي انتظاميا نانگ جي زهر کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، لمس جي اهڙي هٿ ٺوڪي دعويٰ جون ڌڄيون ان ڏينهن اڏامي ويون جنهن ڏهاڙي هاسٽل جي هڪ روم ۾ نانگ داخل ٿيو ۽ ان جي ڪکجڻ سبب هڪ شاگردياڻي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺي، لمس جي هاسٽلن جي پٺين پاسي جهنگ جهڙو ماحول آهي جتي نانگ بلائن سميت ٻين ڪيترين ئي زهري جيوت جي هجڻ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي .نه رڳو انتظاميا جي اها نااهلي چئجي پر هاسٽلز جون دريون ڀڳل ٽٽل هجڻ ڪري اهڙي قسم جون بلائون داخل ٿيڻ ۾ دير ئي ڪا نه لڳائن ، ان قسم جون شڪايتون اڪثر شاگردياڻيون توڙي شاگرد ڪندا رهيا آهن پر انتظاميا سندن هڪ به نه ٻڌي .

25  جون جي شام جو هڪ خطرناڪ نانگ گرلس هاسٽل جي هڪ روم ۾ داخل ٿيو جنهن ٽنڊي محمد خان مان ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل ٻئي سال جي شاگردياڻي ردا فاطمه ميمڻ کي ڪکي وڌو جنهن جو چيڪ اپ لمس جي ماهر ڊاڪٽرن ڪيو هو جن چواڻي تي هي ڪنهن معمولي جيت جو چڪ آهي تنهن ڪري شاگردياڻي کي هلڪو ڦلڪو علاج ڏئي جان ڇڏرائي يا وري پنهنجي نااهلي ظاهر ڪئي ، شاگردياڻي کي نانگ ڏنگڻ جي تصديق تڏهن ٿي ٿئي جڏهين  ان روم مان اهو نانگ نظر اچي ٿو. ماهر ڊاڪٽر اها زحمت نه  ڪئي ته ڀل اهو ڏنگ نانگ جو نه هجي پر ان جيت جو زهر ڪيتري قدر خطرناڪ آهي تنهن ڪري ان شاگردياڻي کي واپس هاسٽل منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت خراب ٿي وئي جنهن کان پوءِ کيس اسرا اسپال نيو ويو جتي به ان نانگ جي ويڪسن سميت ٻيون سهوليتون ميسر نه هيون جنهن ڪري ردا فاطمه کي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لمس سميت حيدرآباد جي ٻين اسپتالن جو اهڙو حشر ڏسي ٻهراڙي جي اسپتالن تي ڪا به حيرت نه ٿي ٿئي ، هي جيڪي هر روز اخبارن ۾ خبرون پڙهندا آهيون ته فلاڻي ڳوٺ ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب ڦلاڻو هاري فوت ٿي ويو ۽ ان اسپتال انتظاميا خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو، اها صورتحال جيڪا ٻهراڙي جي اسپتالن ۾ هجي ساڳئي صورتحال سنڌ جي ٻيون نمبر وڏي شهر ۾ به آهي، جنهن اداري طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته هنن نانگ جي ويڪسن تيار ڪئي آهي اڄ ان اداري جي پت وائکي ٿي وئي ۽ اها به ڄاڻ پئجي وئي ته نانگ جي ويڪسين تيار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اتان جي ماهر ڊاڪٽرن کي اها به ڄاڻ نه ٿي پئجي سگهي ته نانگ جي ڏنگ يا ڪنهن به خطرناڪ بلا جي چڪ جون ڪهڙيون علامتون هجن ٿيون.

اڪثر اهڙا ڪيس ٻهراڙين ۾ به ٿين ٿا جتي نانگ ڪکي ويندو آهي ۽ خبر ئي نه پوندي آهي پر اتان جا عام ماڻهو ان زخم کي ڏسندي ئي سمجهي وڃن ٿا ته هي ڪهڙي بلا هئي، پر افسوس آهي جو لمس جي ماهر ڊاڪٽرن کي اها ڄاڻ به نه ٿي پئجي سگهي، 25 جون تي نانگ جي ڏنگيل ان شاگردياڻي ٻه سال اڳ لمس ۾ ايڊميشن وٺي ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ لڳي هئي پر افسوس جو هوءَ پاڻ ئي ان پيشي سان لاڳاپيل مسيحائن جي روپ ۾ نااهل ڊاڪٽرن جي ور چڙهي وئي جن کي ماهر ڊاڪٽر طور سڃاتو وڃي ٿو نيٺ ان شاگردياڻي 4 ڏهاڙا تڙپي تڙپي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ دم ڏنو ،لمس ۾ پڙهندڙ ڪجهه شاگردن جو چوڻ آهي ته “ هاسٽلز جي ڀر ۾ بيٺل جهنگ ختم ڪرائڻ لاءِ هنن ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به اهو مسئلو حل ڪرڻ وارو نه آهي، هنن ٻڌايو ته نه رڳو نانگ بلائن جو اتي خوف هجي ٿو پر عام طور تي سج لٿي کان پوءِ شاگرياڻيون ان ماحول کان به ڊنل هونديون آهن پر ان باوجود انتظاميا نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

“افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي لمس جي رجسٽرار صالح راڄڙ ٻڌايو ته “هنن وٽ نانگ جي ويڪسن نه هوندي آهي ۽ اها ويڪسن  اسپتال انتظاميا وٽ ئي هجي ٿي جيڪا پڻ سندن ماتحت نه آهي ۽ اها هيلٿ ڊپارٽمنٽ جي ماتحت هجي ٿي، هن ٻڌايو ته هنن ڇوڪري کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو هو ۽ نانگ جي ويڪسين به اتي ئي هوندي آهي، سندس چوڻ هو ته سول اسپتال جا ڊاڪٽر اها تصديق ئي نه ڪري سگهيا ته ردا کي ڪهڙي بلا ڏنگيو آهي ۽ ان جو زهر ڪيترو خطرناڪ هجي ٿو. تنهن ڪري ان شاگردياڻي کي هلڪي ڦلڪي دوا ڏئي کيس واپس اماڻيو ويو. هن الزام هنيو ته سموري غفلت سول اسپتال وارن جي آهي” يونيورسٽي انتظاميا جا ٻه موقف سامهون اچن ٿا اسپتال جو ايم ايس اسرا اسپتال جي ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائي ٿو جڏهن ته رجسٽرار وري سول اسپتال جي ڊاڪٽرن تي تهمت  هڻي رهيو آهي،  باقي پاڻ ويهاريل ماهر ڊاڪٽرن کي آجو ڪيو وڃي ٿو،

لمس جي شاگردياڻي ردا فاطمه جي موت جو ڪارڻ ماهر ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غفلت آهي يا ڪو ٻيو سبب آهي؟ ان سلسلي ۾ جڏهن “افيئر” طرفان فوتي شاگردياڻي جي وارثن حاجي اسماعيل ميمڻ ۽ عبدالحق ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو ته هنن انتظاميا خلاف ڳالهائڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ۽ سندن موقف هو ته “هنن جون ٻيون به نياڻيون آهن جيڪي لمس ۾ پڙهن پيون ڪٿي اسان لمس انتظاميا خلاف ڪجهه ڳالهايون ته انهن نياڻين سان نه ڪو مسئلو ٿي پوي،  وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن سڀ الله پاڪ تي ڇڏيو آهي جيڪو ساڻن انصاف ڪندو” نياڻي جي فوت ٿيڻ تي سندس وارثن ۾ غم ۽ غصو ضرور آهي پر ٻين نياڻين کي ڏسندي هو گهٻرائجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه به ڳالهائڻ کان انڪار ڪن ٿا. شاگردياڻي جي موت   جي غفلت  بابت جڏهن لمس جي ايم ايس خالد قريشي کان پڇيو وڃي ٿو ته هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن شاگردياڻي کي اسرا اسپتال نيو پئي ويو تڏهن هوءَ نارمل هئي ، هن الزام لڳائيندي چيو ته شاگردياڻي کي اسرا اسپتال جي ڊاڪٽرن غلط وئڪسين ڪئي آهي جنهن ڪري هن جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ ان جي موت جا ذميوار به اهي ئي آهن.

لمس انتظاميا جي سمورن موقفن کي سامهون رکندي  ۽ سموري صورتحال کي ڏسندي ائين ٿو لڳي اسان جي معاشري ۾ روايت موجب هي خون به لڙهي ويندو، ڇا ڪاڻ ته ان معاملي جي ڪنهن به سطح تي ڪا به انڪوائري ٽيم نه جوڙي وئي آهي ۽ جيڪڏهن آندي به وئي ته ان جي جاچ به اڻڌري ٿي نه سگهندي هن وقت ٿيڻ ته ائين گهرجي ته لمس لاءِ ڪيتري بجيٽ اچي ٿي ۽ ايڏي وڏي اداري ۾ نانگ جي  ويڪسين جو نه هئي  جڏهن ته هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن سول اسپتال  جا ڊاڪٽر نانگ جي ڏنگ جي ڪا به تصديق نه ڪري سگهيا ته سڀ کان پهرين ته شاگردياڻي جو لمس جي ڊاڪٽرن چيڪ اپ ڪيو هوندو پوءِ اهي تصديق ڇو نه ڪري سگهيا؟ نه ئي اڄ تائين اهو احتساب ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ صحت کاتي  جي چاٻي  حڪومت جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم وٽ آهي اهي ساليانو ڪيتري بجيٽ خرچ ڪري رهيا آهن ؟ نه رڳو لمس تائين اهڙي جاچ ڪئي وڃي پر اهو حساب ڪتاب پوري سنڌ ۾ اڳيان آندو وڃي. ڇا ڪاڻ ته ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهو نانگ ۽ ٻين بلائن جي ڪکجڻ سبب ويڪسين نه هجڻ ڪري فوت ٿيا آهن، بهرحال لمس جي ردا ميمڻ جي موت جي  جاچ نه ٿي ته سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ڪيتريون ئي شاگردياڻيون ردا ميمڻ جيان ٽڙڻ جي موسم ۾ ئي ڇڻي پونديون ۽ سندن خون لڙهي ويندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو