Home / افيئر / لياري ۽ ملير ترقياتي ادارن جي بحالي. وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير
above article banner

لياري ۽ ملير ترقياتي ادارن جي بحالي. وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير

7جون 2012 ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ قانون واري وزير اياز سومري طرفان ملير ۽ لياري ترقياتي اداري جي آمر مشرف طرفان ختم ڪيل  قانوني حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ انهن بابت ڌار ڌار ٻه بل پيش ڪيا ويا هئا جن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ ۾ ايس ايل جي او 2001ع(سنڌ لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس)جي پاڻمرادو ختم ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ جيڪي به ترقياتي اٿارٽيز ختم ڪيون ويون هيون اهي پاڻمرادو بحال ٿي چڪيون آهن ،بل ان وقت پيش ڪيو ويو هو جڏهن ايم ڪيو ايم وارا ايوان مان بائيڪاٽ ڪري ويا هئا ته اياز سومري اهي بل ايوان ۾ پيش ڪيا ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ان جي ايوان ۾ بحث لاءِ منظوري ڏئي ڇڏي هئي پر اوچتو ايم ڪيوايم جا ميمبر ايوان ۾ موٽي آيا ۽ انهن کي ڏسي آغا سراج دراني ۽ اياز سومرو پنهنجي پيش ڪيل بل کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي اسپيڪر سخت اعتراض ڪيو ته اوهان جي بلن کي ايوان ۾ بحث لاءِ منظوري ڏني وئي ۽ اهي هاڻي واپس نٿا ٿي سگهن. جنهن تي اياز سومري چيو ته ان ۾ ڪجهه ترميمون ڪرڻيون آهن،اسپيڪر چيو ته اهو اوهان کي بل پيش ڪرڻ کان اڳ ڪرڻ گهرجي ها.ايوان مان آخر ڪار اهو بل واپس ڪيو ويو،ان کان اڳ به ايم ڪيو ايم انهن بلن تي اعتراض ڪري چڪي آهي ۽ ان جو موقف رهيو آهي ته انهن بلن جي حوالي سان اسان جو تجويزون آهن اهي ترميمن جي صورت ۾ بل اندر شامل ڪيون وڃن،هاڻي اهي ڪهڙيون ترميمون آهن اچو ته انهن تي ڪجهه تفصيلي بحث ڪريون.

ملير ۽ لياري ترقياتي اداري ۾ ايم ڪيو ايم ڪهڙيون ترميمون ڪرائڻ چاهي ٿي؟

ملير ۽ لياري ترقياتي اداري بابت ايم ڪيو ايم جو موقف آهي ته انهن ۾ اسان جي مرضي موجب 1993ع جي ائڪٽن ۾ ترميمون ڪيون وڃن جنهن ۾ اهي چاهين ٿا ته ٻئي ترقياتي ادارا ڪي ايم سي(ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن)جي ماتحت ڪيا وڃن. جئين ان خودمختياري اٿارٽي جا فنڊ ان جي انهن اٿارٽيز جي نگراني ڪندڙ ادارا پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي استعمال به ڪري سگهن،جيڪو خودمختيار اٿارٽيز جي قانون ۽ رولز جي سراسر ابتڙ آهي.هاڻي ڏٺو وڃي ته ڇا ايم ڪيو ايم جون اهڙيون خواهشون پوريون ٿين ٿيون يا نه؟،ان جو به انتظار رهندو جيئن پي پي پي سرڪار طرفان ايس ايم سي (سنڌ ميڊيڪل ڪاليج)،ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻيا ادارا روز به روز لساني ڌرحوالي ڪري رهي آهي ۽ هاڻي ڏسون ته لياري ۽ ملير ترقياتي ادارو ڪڏهن ايم ڪيو ايم حوالي ٿي رهيو آهي!

سنڌ اسيمبلي ۾ 22 فيبروري 2011ع تي لياري ۽ ملير ترقياتي اداري جا بل ايجنڊا تي رکيل هئا جيڪي  قانون واري وزير منظوري  لاءِ پيش ڪيا ته ان تي ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد اعتراض واريندي مطالبو ڪيو ته انهن بلن کي فوري طور واپس ورتو وڃي. انهن ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ان لاءِ ترميمون وڏي وزير حوالي ڪنداسين.جيڪڏهن اسان جي ڳالهه نٿي مڃي وڃي ته پوءِ اسان ان بل جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏينداسين ۽ ايم ڪيو ايم جي اهڙي رويي سبب پي پي پي کي پنهنجو پيش ڪيل بل واپس ڪرڻو پيو.

ايم ڪيو ايم جي خواهش آهي ته لياري ۽ ملير ترقياتي اداري جي نگراني ۾ جيڪا هزارين ايڪڙ زمين غريبن کي پلاٽن جي صورت ۾ گهرن لاءِ ڏني پئي وڃي اها ڦٻائي پنهنجي ماڻهن کي ڏني وڃي. جيڪڏهن سندن چوڻ تي انهن خودمختيار اٿارٽيز جي رولز ۽ قانون ۾ ترميم ڪئي وئي ته ان سان سنڌي ماڻهن جو وڏو نقصان ٿيندو ڇو ته ايم ڪيو ايم جي پراڻي خواهش رهي آهي ته سندن سمنڊ واري پاسي تي ڪنٽرول هجي ۽ لياري ترقياتي اداري جي لاءِ هزارين ايڪڙ زمين مرڪزي سرڪار ۽ ڪي پي ٽي کان وٺي بورڊ آف روينيو حوالي ڪئي وئي هئي ته اها زمين غريبن کي گهر ڏئي سگهجن.

ڪي ايم سي جو ڪي ڊي اي تي غيرقانوني ڪيل قبضو ڪير ڇڏرائيندو؟

ايس ايل جي او 2001ع جي ختم ٿيڻ بعد ڪي ڊي اي(ڪراچي ترقياتي ادارو)پاڻمرادو بحال ٿي چڪو آهي پر ان جي بحالي بعد ان خودمختيار اٿارٽي تي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن پنهنجو قبضو ڄمائي ويٺي آهي ۽ ڪي ڊي اي جي پلاٽن کي غيرقانوني الاٽ ۽ رد ڪري رهي آهي جنهن تي قانوني طور گهڻا سوال اٿي رهيا آهن.قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس ايل جي او 2001ع جي ختم ٿيڻ بعد هاڻي ڪي ايم سي جو ڪي ڊي اي تي قبضو غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي جنهن تان ان کي فوري طور دستبردار ٿي وڃڻ گهرجي.ڪي ايم سي جي اهڙي غيرقانوني ۽ غير آئيني طور هڪ خودمختيار اداري تي ڪيل قبضي تي سنڌ سرڪار جي خاموش رهڻ ڪيترائي سوال پئدا ڪري ڇڏيا آهن؟

لياري ۽ ملير ترقياتي ادارو جو بنياد ڪهڙن مقصدن لاءِ وڌو ويو؟

لياري ترقياتي اداري جو بنياد شهيد بينظير ڀٽو طرفان وڌو ويو هو ۽ ان  جي نگراني ۾ 19 سال اڳ لياري جي رهواسين لاءِ رعايتي اگهه تي 9000 پلاٽ ڏنا ويا هئا، جنهن جو مقصد اهو هو ته جن غريبن وٽ پنهنجو گهر نه آهي ته انهن کي پنهنجي ڇت فراهم ڪري سگهجي. پر مشرف طرفان ايس ايل جي او 2001ع آڻيندي ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي لياري،ملير،لاڙڪاڻو،سيوهڻ،بدين ۽ ڪراچي ترقياتي ادارن جو وجود ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب اهي 18 سالن تائين غير فعال رهيا آهن . هاڻي 2012ع ۾ انهن کي 19 هون سال هلندڙ آهي پر انهن ترقياتي ادارن ۾ لاڙڪاڻو،سيوهڻ ۽ ڪراچي ترقياتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن پر لياري ۽ ملير ترقياتي ادارا بحال هوندي به ايم ڪيو ايم جي اعتراضن سبب غير فعال بڻيل آهن. جڏهن ته بدين ترقياتي اداري جو ڪير به والي وارث نه هجڻ سبب اهو به غير فعال بڻيل آهي.سنڌ ۾ انهن ترقياتي ادارن جو اهو ئي مقصد هو ته انهن ادارن جي نگراني ۾ پوئتي پيل علائقن کي ترقي وٺرائي سگهجي،غريب ماڻهن کي رعايتي اگهه تي گهر فراهم ڪرڻ ۽ ٻيا مقصد ها پر پي پي پي جي موجوده سرڪار جي مفاهمتي پاليسي سبب انهن جي ٺيڪ نموني سان ڪابه ترقي نه ٿي سگهي آهي

سنڌ سرڪار 1989-07-12 تي هاڪس بي رٿا 42 جيڪا رهائشي علائقي لاءِ 20 هزار 700 ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي هئي ۽ ان مان 1989-08-02 تي 11 هزار 450 ايڪڙ زمين تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ باقاعده  ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا هئا جيڪا ڪياماڙي جي ديهه لال بکر ۽ ديهه مواچ ۾ گهرن لاءِ پلاٽ ڏيڻ بابت مختص ڪئي وئي هئي ۽ ٻي 3 هزار 985 ايڪڙ زمين جيڪا نج سنڌ سرڪار خانگي ماڻهن جي رهائشي ڳوٺن جي زمين آهي،اها ڪراچي پورٽ ٽرسٽ،مرڪزي بورڊ آف روينيو ۽ ڪي ايم سي کي ڏني وئي آهي.1989-07-12ع ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڪس بي رٿا 42 لاءِ الاٽ ڪيل زمين مان 54000 پلاٽ تيار ڪري گهٽ آمدني وارن شهرين کي 80 کان 400 اسڪوائر گزن جا پلاٽ 1990 کان 2008ع تائين ڏيڻا هئا پر پيپلزپارٽي جي سرڪار ڪراچي جي شهري جماعت جي دٻاءُ ۾ اچي اهي پلاٽ نه ورهائي سگهي آهي.لياري ترقياتي اداري کي انهن پلاٽن مان آمدني پئدا ڪري وڌيڪ 9000 پلاٽ رهائشي مقصدن لاءِ پئدا ڪرڻا هئا جن ۾ به اها ناڪام وئي آهي .جنهن جو مقصد سياسي پارٽين جو دٻاءُ هو.لياري ترقياتي اداري موجب ان رهائشي ڪالوني ۾ 71 بلاڪ ٺاهيا وياهئا جنهن ۾ 54 هزار 380 پلاٽ الاٽ ڪرڻا هئا جنهن ۾ 80 کان 600 اسڪوائر جا پلاٽ انهن کي مختص ڪرڻا هئا ۽ ان ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي پلاٽ به هجن ها،انهن ۾ رهائشي پلاٽن جو تعداد 90 سيڪڙو رهائشي ۽ 10 سيڪڙو ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻا هئا ۽ ايل ڊي اي ان سڄي پلان ۾ ناڪام ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو