Home / افيئر / محبت سنڌ ريلي تي حملو ۽ ڌرتي ڌڻين جو ڪروڌ
above article banner

محبت سنڌ ريلي تي حملو ۽ ڌرتي ڌڻين جو ڪروڌ

محبت سنڌ جي نالي تي نڪتل امن ريلي جنهن ۾ هڪ وڏو تعداد سنڌي ڀينرن جو پڻ شامل هيو.ان کي گذرئي ته  چند ڏينهن   ٿياآهن.پر ان  حملي ۾ زخمين جو هڪ وڏو انگ شهر جي مختلف اسپتالن ۾ موت سان حياتي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.شهيد غزاله صديقي کان وٺي آمنه پليجو تائين ۽ 70 سالن جي شريفان کان وٺي يوسف بلوچ تائين هي اهي ڪردار آهن جيڪي رڳو پنهنجي ڌرتي ، ماءُ سان سندن وارثي جي اظهار ڪرڻ خاطر گڏ ٿيا هئا ۽ ان ڊپ کان عاري ته سندن پان منڊي ۽ لي مارڪيٽ جي علائقي مان  5 مختلف جڳهين کان حملو ڪري گولين جو کاڄ بڻايو ويندو.سنڌ سراپا سوڳ ۽ ڪاوڙ ۾ ويڙهي پئي آهي پر حڪمران سڳورا بس بيان ڏيندي نظر اچن پيا. بغير اجازت جي اهي ماڻهو ٺٽي ۽ ٻين علائقن کان لياري تائين ڪيئن پهتا؟ ڪنهن جي چوڻ تي اچي ڪٺا ٿيا؟ يا وري اهو ته ڀلا اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ريلي ڪڍڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ جي ڀلا ريلي ڪڍڻ ضروري هئي ته اهڙو علائقو جتي چند ڏينهن پهريوين حڪومت هڪ ناڪام آپريشن ڪري خوار ٿي موٽي آئي هئي ته اتان ريلي ڪڍڻ جي صلاح ڪنهن ڏني ؟ يا وري عزير جان جيڪو تازو حڪومت سان وڇڙيو آهي ته وري ان جي سهڪار جي ڪهڙي ضرورت هئي؟اهي ۽ اهڙي قسم جا ڪجهه سوال ۽ موضوع حڪومتي حامي مختلف جاين تي ورجائي رهيا آهن. ڪن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته تازو محترم بشيرقريشي جي چيلهه ٽوڙ يڇوڙو به ڪراچي ۾ سنڌي وسندين ۾ هڪ وائڙپ واري فضا پيدا ڪري ڇڏي آهي.ڇوته بشيرخان کانسواءِ ڪو ٻيو قومي اڳواڻ ڪراچي ۾ ڪون رهندو هيو.ان خال کي ڪيش ڪرڻ لاءِ يا پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ ڇا اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ريلي جو اهتمام ڪيو؟


جمهوري حڪومت يا جمهوريت ۾ اهو جائز آهي ته ماڻهو ڪڇي ،سوال اٿاري پر ان سوال جو ڪو مقصد يا منطق هجڻ کپي.سوال جو مطلب آهي ته حقيقتن جي ڄاڻ هئڻ کپي.سوال جو مطلب اهو ڪونهي ته رڳو ڌڌڙ  ۾  پير هڻجن.هينئر اردو اخبارن،رسالن ۽ ميڊيا تي جيڪي مسخري قسم جا اديب،ليکڪ،۽ دانشور چونڪ چنانچه ۽ اگرچه جهڙن فضول،غير عقلي ۽ غير سائنسي بحثن مباحثن ۾ وچڙيا پيا آهن .سوال ته کوڙ آهن جن تي بحث ٿي سگهي ٿو.مثال طور ايم ڪيو ايم کان اهو سوال ڪجي ته سنڌ صوبي جي اندر سڀ کان پهريون الڳ ۽ نئين صوبي جي ڳالهه ڪنهن ڪئي هئي؟ ياوري اڳتي هلي مهاجر نُڪتو متحده ۾ ڪيئن تبديل ٿيو ؟عامر خان ۽ آفاق احمد جا الطاف حسين سان بنيادي اختلاف ڪهڙن نُڪتن تي ٿيا؟ عامر خان ۽ آفاق احمد حقيقي جي جلسن ۾ الطاف حسين تي مهاجرن سان غداري جا ڪهڙا الزام هڻندا رهيا ؟ رڳو ڪراچي ۽ حيدر آباد مان قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ هڪ وڏو انگ ميمبرن جو هجي،سنڌ جو گورنر،سٽي ناظم ڪراچي (اڳوڻو) صحت توڙي ٻين اهم عهدن جون وزارتون ،سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر،K E S C ، اسٽيل مل ،پورٽ قاسم سميت ڪيترن ادارن ۾ فوجي ڀرتي جيان اردو ڳالهائيندڙن کي نوڪريون ملڻ باوجود اڃا مهاجر قوم ڪي حقوق جو رينگٽ ورجائڻ جي معنيٰ ڇاهي؟ڇا ان ڳالهه تي يا ان سوال تي اردو ميڊيا ڪڏهن ڪو مثبت بحث يا تصديق ڪرائي آهي ته متحده ۽ حقيقي وچ ۾ هلندڙ خوني ويڙهاند جنهن ۾ سوين ڪارڪنن جي قتلام جي باوجود آخر عامر خان واپس متحده ۾ ڪهڙي  بنيادن تي آيو؟ سوين ڪارڪنن جي قتل جو سبب بڻجندڙ رهزن رات هڪ ۾ ڪيئن پارسا بڻجي متحده جي جلسي ۾ اسٽيج تي آيو ۽ هٿ ٺوڪي تقرير پڙهي امر بڻجي ويو؟

جيتوڻيڪ لنڊن واري همراهه سڄي گيم ۽ ڊرامي مان پاڻ کي بلڪل آجو قرار ڏيندي مانگر مڇ واري سانت اختيار ڪئي پر ڇا لياقت آباد،ڊاڪ خانا،قذافي چوڪ،اورنگي ٽائون حقيقي جي اثر هيٺ ڪون آهن.جتي عامر خان جو وڏو هولڊ آهي؟ جيڪڏهن اوهان ڪراچي جي انهن علائقن ۾ وڃو جتي متحده جو اثر آهي ته اوهان ڏسي حيران ٿي ويندو هر گهٽي اندر وڏا بيرل نصب ٿيل آهن ۽  پوليس يا رينجرز جيان چيڪ پوسٽ به آهن.جتي صبح شام مختلف ڪارڪنن جي ديوٽي لڳل هوندوآهي.انهن مان ڪيترائي علائقا رات جو 12 هين بجي بند ٿي ويندا آهن ۽ موٽرسائيڪلن تي هٿيارن سان ڪارڪن گشت ڪندا آهن ۽ جي اوهان پڇا ڪيو ته چوندا آهن ته هي سيڪيورٽي، ڦر،ڌاڙن ۽ بدامني جي ڪري آهي.جتي عام ماڻهو وڃي نه سگهي اتي رات هڪ ۾ هزارين پوسٽر ۽ بينر لڳي وڃن ۽ ڪنهن کي ڪا خبر نه پوي ! ڇا اها ڳالهه عقل ۽ سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي؟هزارين عورتون وڏي رٿابندي سان پريس ڪلب پهچي وڃن ۽ متحده کي ان باري ۾ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ياخبر نه هجي ؟ مهاجر صوبي جي چرچ پهريون اورنگي ٽائون مان شروع ٿي جتي بهاري آبادي جي سرسي آهي.وري اتان هڪ بل کائيندي اچي ڪورنگي واري علائقي مان ڪرکنيو.هن علائقي ۾ وري گهڻائي بنگالين جي آهي.اتي نڪتل جلوس ۾ اڪثريتي ماڻهو 100 ڪواٽرز،ليبر اسڪوئر.k ايريا،نوراني بستي،چارڻ محله ۽ عالم بستي کان آيل هئا.اهي سڀ جا سڀ بنگالي هئا.يعني سڄي دنيا کان تڙيل  ۽ بي وطن ماڻهن جو هڪ هجوم رات هڪ ۾ ايترو منظم ،سلجهيل ۽ جامح قوم ۾ تبديل ٿي ويو آهي.جو هڪ وقت ۾ کين ڪڏهن لنڊن کان ته وري ڪڏهن ممبئي کان انهن کي متحرڪ ٿو ڪيو وڃي.سوبه گهڻ ٻولي ،رنگ،نسل ۽ جداجدا قوميت رکندڙ  ماڻهو جن جي گهڻائي پلمبر،ڊينٽر،پينٽر،اليڪٽريشن ۽ لوئر ليبر جو ڪم ڪندڙ هجن اهي سڄو ڏينهن پورهيو ڪري شام جو گهر اچن ۽ وري ايترا منظم ۽ متحرڪ هجن! ڳالهه وري گهمي ڦري ساڳي جڳهه تي واپس اچي ٿي ته سوال ڪيترائي پيدا ٿي سگهن ٿا.پر ان جو ڪو مقصد يا منطق هجي.مثال مهاجر صوبه تحريڪ ليڊيز جي انچارج ثريه بيگم ۽ مرڪزي ڪائونسل جي رڪن فهميده راجپوت، 16 مئي 2012 تي پنهنجي هڪ پريس رليز حوالو نمبر مهاجر 59 جاري ڪندي چيو ته فوج اور پنجاب هماري ساٿ هي. مهاجر صوبا ضرور بني گا.اور ڪالاباغ ڊيم ڀي بنيگا.

ڀلا مهاجر صوبي جي گهر ڪندڙن جو ڪالاباغ ڊيم سان ڪهڙو واسطو آهي؟ يعني هڪ طرف سمنڊ ۽ پورٽ وارو شهر ڌار ڪجي ۽ باقي رهيل زرعي زمين واري سنڌ جو پاڻي مڪمل طرح بند ڪرائجي .ڇا اها تحريڪ ۽ مقصد آهي مهاجر حقوق جي ؟ڇا اردو ميڊيا صحافي، اديب ۽ دانشور انهي ڳالهه تي بحث ڪري سگهن ٿا ته 21 مئي 2012 تي مهاجر صوبا تحريڪ جو انو ڀائي پارڪ ۾ رکيل جلسو ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ملتوي ڪيو ويو؟ عظيم مفڪرن انهي شيءَ جي جاچ لڌي آهي ته سوين هزارين ڪونه بلڪه لکين وال پوسٽر،بينر ۽ پينا فليڪس کان وٺي ميگا شو جهڙن جلسن تي خرچ ٿيندڙ آمدني ڪٿان ۽ ڪير ٿو موڪلي؟ڇا ان ڳالهه تي بحث ٿيو آهي ته رنڇوڙ لائين ، آگراتاج ڪالوني ۽ برنس روڊ واري علائقي ۾  متحده جو ڪيترو اثر آهي ۽ 21 مئي تي انهن علائقن ۾ متحده جي آفيسن ۾ هڪ ئي وقت ڪهڙو خفيا اجلاس هليو ۽ صرف انهن ٽن علائقن ۾ ٿيو؟

اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ نڪتل ريلي تي هڪ ئي وقت وڏي رٿا بندي سان پنجن جڳهين  سالار ڪماپائونڊ،ڀونگا، نشتر روڊ،رسالا ٿاڻي واري ڳلي،ڇپا واري ڳلي ۽ پان منڊي جي عمارتن جي ڇتين تان ٿيندڙ موت مار فائرنگ ڪئي ڪنهن ؟ انهن  علائقن ۾ اڪثيريت متحده جي آهي يا مهاجر صوبي وارن جي ؟ يعني جي مهاجر عورتن جو جلوس متحده وارن علائقن مان ٿيندو پريس ڪلب پهچي ته اهو خيرعافيت سان پهچي پر جي سنڌ جي ڄائي سنڌياڻي متحده جي علائقن مان گذري ته بي رحم گولين جو کاڄ بڻجي پٽ تي رت هاريو  مريو وڃي.۽ متحده اها دعويٰ ڪري ته سندن انهي واقعي سان ڪو تعلق ڪونهي! ۽ ويڪائو ميڊيا ۾ اهي سوال اٿاريا وڃن ته ريلي جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ چند هزار ماڻهو رستن تي اچن ٿا ته ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ ڇا انهن نادانن کي اها ڄاڻ ڪونهي ته جڏهن ايوان خاموش هوندا آهن ته رستا ڳالهائيندا آهن ۽ ڪراچي جا رستا ڳالهائن ٿا ته الڳ صوبو کپي.يعني سنڌ جي سياسي،ثقافتي ،جاگرافيائي  ۽ تاريخي حيثيت ٽوڙڻ  جي ڳالهه رستن تي ٿئي ته اهو صحيح آ ؟ اتي اهو سوال نه ڪجي ته ڪهڙي ضرورت هئي ريلي ڪڍڻ جي ؟ پر جي پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قومي سلامتي لاءِ ريلي ڪڍجي ته اهي ماڻهو ڏاڍ جي زور تي ماريا وڃن ۽ پوءِ سوال ڪجي ته ريلي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ضرورت ڇا بلڪه هر غيرت مند قوم تي دشمن کي ڀر پور موٽ ڏيڻ واجب هيو.اياز پليجو جو اهو قدم تاريخي جنهن جي پذيرائي سمورن قومپرست  اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۽ عملي سنڌ دوست سوچ رکندڙن ماڻهن ڪئي.ڇا ڀلا ايئن ته ناهي ته متحده هڪ ئي وقت ۾ گهڻ طرفي ۽گهڻ رخي ويڙهه وڙهي رهي آهي.اقتدار ۾ رهي ڪري مهاجر صوبي جي ڳالهه ناهي ڪرڻي به وري سر عام حمايت ڪرڻي آهي. پر عامر خان ذريعي مهاجر صوبا تحريڪ کي مخفي طرح سان وڌيڪ طاقتور بڻائڻو آهي.ڇا ان امڪام تي بحث ٿي سگهي ٿو ته هڪ طرف ته سنڌي بلوچ ۽ پشتون قوميت وارن جو قتل عام ته وڏي رٿابندي سان ٿي رهيو آهي ته ٻي طرف متحده جا اهي ساٿي ڪارڪن عهديدار قتل ٿي رهيا آهن .جيڪي ڪافي عرصي کان تنظيم اندر خاموش ۽ ڪناره ڪش هيا. يا وري اندروني اختلافن سبب روپوشي جي زندگي گذاري رهيا هئا.ڇا پنهنجا اڻ وڻندڙ ڪارڪن امن ڪميٽي جي نالي تي يا وري اي اين پي جي کاتي ۾ پاڻمرادو قتل ته ڪونه پيا ڪيا وڃن ؟ جي ايئن نه آهي ته هر روز پنهنجي ڪارڪنن جي موت تي ايڏي  پراسرار ۽ مشڪوڪ خاموشي ڇو اختيار ڪئي وئي آهي؟ بهرحال ڇا به هجي پر هي سڀ ڪجهه آهي هڪ بگ گيم (Big Game) جو حصو .ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ دوست ۽ وطن دوست ماڻهن کي تمام تر ننڍين ،پراڻين،خسيس ۽ مدي خارج ڳالهين کان هٽي ڪري پنهنجي صفن ۾ درستگي پيدا ڪرڻ گهرجي.عظيم مفڪر سقراط چيو آهي ته: “پنهنجو وطن،پنهنجي ابن ڏاڏن کان وڌيڪ مقدس هجڻ  کپي”سنڌ هر شيءَ کان وڌيڪ امر آهي.وطن جو دفاع سنت خداوندي آهي.جنگيون طاقت ۽ تعداد سان نه پر حوصلن سان فتح ڪبيون آهن.سنڌ جي نوجوانن کي انهي شيءَ کان قطعي مايوس نه هئڻ کپي ته سنڌ جا وڌيرا،سردار ،مير،پير۽ ڀوتار اهڙي  ۽ خطرناڪ صوتحال ۾ به پاڻ کان ڌار ۽ بلڪل جدا بيٺا آهن.پر جي توهان دنيا جي تبديلين تي هڪ نظر وجهندا ته اوهان ڏسندا ته انقلاب هميشه ذهني مڙس ماڻهن آندو آهي نه ڪي رواجي ۽ پاڻمرادن مڙس ماڻهن.سنڌ قومي غيرت سان سرشار ٿيل مڙس ماڻهن سان ڀري پئي آهي ۽ هاڻي ٻري پئي آهي .خدا جي سلامتي هجي وطن لاءِ جاکوڙيندڙ شهيدن تي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو