Home / افيئر / مرندڙ ٻولين جو درد
above article banner

مرندڙ ٻولين جو درد

هڪ جديد تحقيق مطابق هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ ست هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ وڌ ۾ وڌ ٻوليون هندستان ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. ٻولين جي بقا ۽فروغ تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏهن کان ويهن سالن تائين ٻه کان ٽي هزار ٻولين جو وجود ختم ٿي ويندو. يعني اها ٻولي  ڳالهائيندڙ ماڻهو ڪنهن ٻي خطي ،علائقي قوم ۽ ٻولي ۾ ضم ٿي ويندا  ۽ اها ٻولي ماضي جي ٻين ٻولين جيان تاريخ جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويندي.مثال طور ڪيمرون CAMEROON ۾ رڳو ٽيهه  ماڻهو اهڙا آهن جيڪي TWENDI تويندي نالي ٻولي ڳالهائيندا آهن. ساڳي طرح برطانيا جي قبضي هيٺ آيل والس WALES ۾ رڳو پنج لک ماڻهو والش ٻولي ڳالهائن ٿا.

INSTUTITE  FOR ENDANGERED LANGUAGE انسٽي ٽيوٽ فار انڊينجرڊ لينگويج جي باني ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڊيوڊ هيريسن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته دنيا جون اڌ ٻوليون پنج سئو سالن ۾ گم ٿي وينديون آهن،رڳو اڻويهين صدي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻولين جو وجود ختم ٿي ويو آهي. هن وقت سڄي  دينا ۾ ويهه سيڪڙو ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي.ڏکڻ آسٽريليا ۾ 153 ٻوليون اهڙيون آهن جن جي ڳالهائڻ وارا ماڻهو رڳو هڪ سئو جي اندر آهن. آمريڪا ٽيڪساس ۽ نيو ميڪسيڪو ۾ 43 ٻوليون اهڙيون آهن جيڪي ڪجهه سالن ۾ ختم ٿي وينديون. اهي ٻوليون آمريڪا جي اصل رهاڪو ريڊ انڊين جي  انهن قبيلن جون آهن، جيڪي هاڻي لڳ ڀڳ ختم ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ  ڪن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته دنيا ۾ جيتريون گهٽ ٻوليون هونديون اوترو ئي ماڻهو هڪ ٻئي کي آساني سان سمجهندا، ڳالهائيندا۽ قومن جي مختلف ريتن،رسمن ۽ رواجن کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي. پر ٻئي طرف روشن خيال ۽ محب وطن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته دنيا جون ڪيتريون به ٻوليون لکجن ۽ سمجهجن پر جيترو مزو ۽ رواني پنهنجي مادري ٻولي ۾ آهي اهڙو تاثير ڪنهن ٻي  ڌاري ٻولي ۾ ڪونه آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته دنيا جي هر ٻولي قابل عزت آهي.اسان ڪنهن به ٻولي لاءِ ايئن نٿاچئي سگهون ته فلاڻي ٻولي سٺي نه آهي ڇو ته ايئن چوڻ بذات خود هڪ غيرمهذب ڳالهه آهي. مشهور چوڻي آهي ته: ٻولين جو سکڻ هڪ فن آهي جنهن ۾ آيان شوق ۽ محنت جو وڏو عمل دخل شامل آهي.

جيڪڏهن اسان پنهنجي پسگردائي تي هڪ نظر گهمايون ته ڪيترائي ماڻهو ۽ قبيلا اهڙا رهن ٿا جيڪي اسان کان تمام مختلف ٻوليون ڳالهائن ٿا پر سالن ۽ صدين کان وٺي گڏ رهڻ جي باوجود اسان کي اهي ٻوليون سمجهه ۾ ڪو نه ٿيون اچن ۽ نه وري اسان ڪڏهن انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جيئن باگڙي،ڀيل يا شڪارپور ۾ رهندڙ گودڙي وارا جيڪا ٻولي ڳالهائن ٿا سا سمجهه کان ٻاهر آهي. انهي کي بدقسمتي چئجي يا وقت جي ستم ظريفي جو ڪراچي ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي ڪامورا، وڏيرا،پير،مير ۽ جاگيردار ۽ انهن جو کريل اولاد اوهان کي سنڌي گهٽ پر ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ڳالهائيندي گهڻو نظرايندا. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته ڪيترائي سنڌي ڪراچي ۾ پنهنجي اولاد سان اردو ۾ ڳالهائن ٿا ۽ سنڌي ڪامورن جي اولاد کي سنڌي ٻولي جا بنيادي ۽ ٻين ٻولين کان منفرد حرفن جي ادائگي به درست ڪونه ٿي اچي. جهڙوڪ ڄ،ڃ،ڱ،ڏ وغيره جيڪا نه فقط ايندڙ نسل لاءِ هاڃيڪار آهي پر پنهنجي تاريخي مادري زبان ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ به خطرو آهي. دنيا جي ٻين ٻولين جي ڄاڻ، پرک ۽ ان تي مهارت حاصل ڪرڻ پڻ هڪ مثبت ۽ شاندار عمل آهي پر پنهنجي تاريخي ۽ مادري ٻولي جي پاسداري به هڪ قومي ۽ تهذيبي فرض آهي،ڇو ته بقول ڊاڪٽر ڊيوڊهيريسن جي ته    ٻولين جو وجود رڳو ڳالهه ٻولهه جو ذريعو نه آهي. ٻولي ته انساني تاريخ، تهذيب، ڄاڻ،سڃاڻ.سوچ، سمجهه،شعور،عقل، علم، عمل ۽ احساسن کي سمجهڻ لاءِ هڪ ٺوس مرڪب آهي.ڊاڪٽر ڊيوڊ چئي ٿو ته ڪنهن به ٻولي جو وڃڻ دراصل هڪ صدي جي شاندار تاريخ جو ميسارجڻ آهي. ٻولين جو مذهبن سان وڏو گهرو تعلق آهي.مثال طور قرآن پاڪ مسلمانن جو هڪ مذهبي مقدس ڪتاب آهي. توهان ان کي ڪهڙي به ٻولي ۾ ترجمو ڪري پڙهو ان جي اهميت ۽ فضيلت ساڳي رهندي،پر قرآن جي آيتن قرائت جيتري عربي زبان ۾ سهڻي، وڻندڙ ۽ تاثير ڏيندڙ هوندي اهڙي ڪنهن به ٻولي ۾  ڪو نه ملندي. ساڳي ريت هندو ڌرم جي پوتر ڪتابن جي سونهن ۽ مٺاس جيتري سنسڪرت ٻولي ۾ آهي اها ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ڪو نه ملندي. ٻيو ته ٺهيو پر سو هڻي ميهار جي قصي جي واکاڻ جيتري وارث شاهه ڪئي آهي اهڙي ڪير ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي سورمين کي شاهه ڀٽائي کان وڌيڪ ڪير ٿو سونهن ڏئي سگهي.

ٻولين تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي ته ٻولين جي وجود جي بقا ۽ فروغ ۾ وڏو ڪردار تعليمي ادارا،ٽيليويزن،اخبارن،رسالن ۽ رياست جو آهي پر پنهنجي عظيم ۽ شاندار سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان جٺ اها آهي ته ڪراچي جا ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج اهڙا آهن جتي سنڌي ٻولي جو ڪو به پيرڊ ڪو نه آهي. جڏهن ته ٻهراڙي جا ڪيترائي اسڪول مڪمل طرح بند آهن يا اتي حد جي وڏيرن ڪتا، گهوڙا، مينهون ٻڌي ڇڏيون آهن ۽ مال جي گدامن سان ڀريل آهن.

سنڌ جا اليڪٽرانڪ چينل جهڙي نموني جا پروگرام ٽي وي تي ڏئي رهيا آهن. ان ۾ ٻولي جو وجود بقا ته پري پر عرياني ڪلچر وڌيڪ فروغ ٿو حاصل ڪري. رياست ٻولي جي بقا لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا آهن انهي تي ڳالهائڻ شايد وقت جو زيان هوندو.سنڌي اخبارون ۽ رسالا ڪافي حد تائين ٻولي جي وجود ۽ ان جي بقا لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته “افيئر” ميگزين جهڙي طرح سان پنهنجي ڌرتي ،وطن،۽ جنم ڀومي جي مسئلن ۽ ڌرتي ڌڻين جي آواز کي پڙاڏو ڏئي پنهنجي قومي ٻولي ۾ عوام آڏو رکي ٿو، اهو هڪ شاندار ۽ تاريخي قدم آهي. ڇو ته ڪنهن به ٻولي جو مٽجڻ دراصل دنيا کي سمجهڻ جي هڪ گس جو ميسارجڻ آهي. ٻولي جو دنيا جي نقشي تان غائب ٿي وڃڻ هڪ پوري قوم ۽ تهذيب جو غائب ٿي وڃڻ آهي.تنهن ڪري ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته دنيا جي ڪيترين به  ٻولين  تي عبور حاصل ڪجي پرجي پنهنجي اولاد کي پنهنجي قومي ۽ قديمي ٻولي جي سکيا ڏني وڃي پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن عزيزن سان پنهنجي مادري ٻولي جي بقا ۽ ان جي وجود لاءِ جاکوڙ ڪجي ته جيئن پنهنجي عظيم ۽ شاندار تاريخي،تهذيبي  ورثي جي واکاڻ ۽ پر چار ڪري سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو